جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته نوڙُ ڪلهي تي کڻ
ٻچن کي به ٻن ڏئي ٻني سڀ وڪِڻُ
هر ڪو پيرين پئي ملئي هر ننڍي وڏي کي وڻ
ايئن اڇلا ٻانهن کي مور ٽلي ٿو ڄڻ
اهڙو ڌاڙو هڻ جو پڻهي به پورو نه پوي
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته واعظ سک سرڪارِ
دنيا ۾ دلبر هجئي جي دولت جي درڪارِ
ته ڀاڙي خاطر ڀا کان ڪڍ ڳاڙها نوٽ ٻه چارِ
بيهي ان کي بعد ۾ چئو ڪاهي اچجان ڪارِ
مهيسر مسڪين چوي تون ايئن ماڻهون مارِ
اهڙي اک ڏيکار جو دعوتي دل کڻي وڃي