• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽي وي جي سنڌي پروگرام ۾ ڊاڪٽرن جي اڌ انگريزي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اڄ 13 ڊسمبر 2014 تي سنڌ نيوز ٽي وي تي هڪ ڊاڪٽر امان الله عباسي سان ڊاڪٽر واحد بخش پنهور جي ڳالهه ٻولهه ٽيليڪاسٽ ٿي ـ مون نوٽ ڪيو ته ڪيترا اهڙا لفظ انگريزيءَ ۾ مهمان ڊاڪٽر صاحب ڳالهايا جن جا سنڌيءَ ۾ متبادل لفظ موجود هئا ـ
منهنجو اعتراض جو مقصد سکڻو اهو آهي ته ٽي وي پروگرام ڪيترا سنڌي ڳوٺاڻا ڏسن ٿا جن جي انگريزي تعليم گھٽ هوندي آهي تنهن ڪري جت به ممڪن هجي ته سنڌي لفظ ڳالهايا وڃن ۽ جت ٽيڪنيڪل انگريزي لفظ هجن ته ان جي اتي مختصر سمجھاڻي ڏني وڃي ـ
مثال مهمان ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته هڪ وائرس پيٽس ته پيٽس لڳي ٿو، هاڻ جيڪڏهن اهو چئجي ها ته جيڪڏهن پالتو جانور کان پالتو جانور کي لڳي ٿو ته عام ماڻهوءَ کي اهو وڌيڪ سمجهه ۾ ايندو ـ ٻيئي هنڌ آسٽرچ ۽ مانڪي جا مثال ڏنا ويا، هاڻ ان جي جاءِ تي اُٺ پکي ۽ ڀولڙو چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها ـ اهڙي ريت ٿروٽ ۽ يورين، آءِ سوليشن، هيومن بينگس (ڳچي، پيشاب، اڪيلائي ۽ انسان) جا لفظ ڪتب آندا ويا ـ هڪ هنڌ چيو ويو ته وائرس جو ڊيوريشن .........پر هاڻ جيڪڏهن ڊيوريشن جي جاءِ تي مدو چئجي ها ته اسان جي ڪيترن سنڌين کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ها ـ
ڊاڪٽرن کي گذارش آهي ته سنڌي پروگرامن ۾ جيترو ٿي سگھي ته سنڌي ڳالهائن ۽ هروڀرو انگريزي نه ٽنبين ڇاڪاڻ ته سنڌين جي گھڻائي گھٽ پڙهيل لکيل هوندي آهي
 
سائين توهان بلڪل درست فرمايو.......رت جا ڳوڙها روئڻ جو مقام آهي..........جو اسان جي سنڌي چينلن تي سنڌين جي ثقافت ،انهن جو ڪردار،انهن جي رهڻي ڪرڻي بلڪل اڀتي بيان ڪئي ويندي آهي
 
سائين بالڪ درست فرمايو اوهان... هڪ لفظ نه سمجهڻ جي ڪري سمورو پروگرام مٿي تان گزري ويندو آهي ۽ ڪو فائدو نه ٿيندو آهي پروگرام جو.. منهنجي گهر واري ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لفظ استعمال ٿيندي ٻڌندي آهي ته مونکان پڇندي آهي ته اهو ڇا چيائين... پوءِ جيسيتائين مان مطلب ٻڌايانس.. پروگرام جو تسلسل خراب ٿي ويندو آهي..
 
Back
Top