نثري نظم مان عورت آهيان مان حوا آهيان مان ابن مريم به آهيان ته مان ذليخان به آهيان مون ڪٿي ماءُ بڻجي توکي جنم ڏنو ته ڪٿي ڀيڻ بڻجي توکي دعائون ڏنم ته ڪٿي زال بڻجي تنهنجي عزت بڻيم پوءِ به مان بدنام!؟ ۽ سور منهنجو مقدر بڻيا تون مونکي ڪمزور سمجهي ظلم ٿو ڪرين ياد رک او ظالم! اسان هاڻي جاڳيا آهيون اسان جا ارادا ڏونگرن کان مضبوط آهن هاڻي نه تون ڪمزور ڪري سگهندين نه اونداهيون راتيون ۽ نه ئي طوفان او جابر ياد رک! اسان کي تاريخ ياد رکندي تون تلوار جي زور تي اسان کي فتح نه ڪري سگهندين پر اسان قلم جي زور تي دنيا کي فتح ڪري ڏيکارينداسين اي جابر تنهنجي پڄاڻي ٿيندي ياد رک هڪ روشن ڏيئو ٻريو آهي تنهنجي اونداهي ديس ۾.