نثري نظم مان عورت آهيان مان حوا آهيان مان ابن مريم به آهيان ته مان ذليخان به آهيان مون ڪٿي ماءُ بڻجي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ areesha طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2014۔

  1. areesha

    areesha
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نثري نظم

    مان عورت آهيان
    مان حوا آهيان
    مان ابن مريم به آهيان
    ته مان ذليخان به آهيان
    مون ڪٿي ماءُ بڻجي توکي جنم ڏنو
    ته ڪٿي ڀيڻ بڻجي توکي دعائون ڏنم
    ته ڪٿي زال بڻجي تنهنجي عزت بڻيم
    پوءِ به مان بدنام!؟
    ۽ سور منهنجو مقدر بڻيا
    تون مونکي ڪمزور سمجهي ظلم ٿو ڪرين
    ياد رک او ظالم!
    اسان هاڻي جاڳيا آهيون
    اسان جا ارادا ڏونگرن کان مضبوط آهن
    هاڻي نه تون ڪمزور ڪري سگهندين
    نه اونداهيون راتيون
    ۽ نه ئي طوفان
    او جابر ياد رک!
    اسان کي تاريخ ياد رکندي
    تون تلوار جي زور تي اسان کي فتح نه ڪري سگهندين
    پر اسان قلم جي زور تي دنيا کي فتح ڪري ڏيکارينداسين
    اي جابر تنهنجي پڄاڻي ٿيندي
    ياد رک
    هڪ روشن ڏيئو ٻريو آهي
    تنهنجي اونداهي ديس ۾.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سهڻي شاعري ادي جي
     
  3. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو