سنڌي ۾ پروگرامنگ .

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مان هڪ عام معمولي ڊاڪٽر آهيان. ڪمپيوٽر پروگرامنگ منهنجومشغلو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا اتاهه سمنڊ جيئان هڪ وسيع جهان آهي، مان ته ڄڻ ڪناري تي ويٺو سپيون ڪٺيون پيو ڪيان. پر دل ۾ امنگ اٿم ته اسانجا سنڌي ماڻهو به اڄ ڪلهه جي ماڊرن سائنس مان بهرآور ٿين. مان سمجهان ٿو ته بهترمعياري طب جو آڌار بهتر ۽ معياري رڪارڊ جي موجودگي تي مدار رکي ٿو. هي هڪ مثال شايد منهنجونقطو واضع ڪري سگهي.

    هڪ مون جهڙي عام ڊاڪٽر، ڌڻي بخش جي ڪلنڪ تي روز 30 کن مريض اچن ٿا. ڌڻي بخش آهي ته هڪ عام ڊاڪٽر پر پريڪٽس وت آهر بلڪل صحيح ڪندو آهي. انسان دوست به آهي. هروبرو پيسي جي ڪڍ به نه آهي. پر سنڌ جي 99 فيصد عام ڊاڪٽرن وانگر ڪو معياري رڪارڊ نه رکندو آهي. هڪ ڏينهن سندس ڪلنڪ تي هڪ مريض کي پينيسيلين جو زبردست ري ايڪشن ٿو ٿئي. ڊاڪٽر ڌڻي بخش کيس وڏي جاکوڙ کان پوءَ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. قصو ڪوتاه، اهو ساڳوئي مريض 6 مهينن کان پوءَ وري معمولي بخار ۾ ڊاڪٽر ڌڻي بخش وٽ اچي ٿو. ڊاڪٽر ڌڻي بخش ۽ مريض ٻنهي کي پينيسيلين جي زبردست ري ايڪشن وارو واقعو ياد ناهي يا ان وقت ذهن تي نٿو اچي. ڊاڪٽر وٽ گهربل رڪارڊ به موجود ناهي، هن دفعي پينيسيلين جو انجيڪشن موتمار ٿي سگهي ٿو.
    دوستو اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته اهڙا واقعا امريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ٿين ٿا. هڪ مضمون Err is Human ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته داڪٽرن جي غلطين سبب هر سال امريڪا ۾اٽڪل 90 هزار مريض موت جو شڪار ٿين ٿا. اسان وٽ ته الائي ڇا سلسلو هوندو خدا ٿو ڄاڻي. هڪ معمولي ڪمپيوٽر تي هڪ معمولي رڪارڊ رکڻ وارو سسٽم ڪيتريون ئي اهڙيون زندگيون بچائي سگهي ٿو. اسان جي ميڊيڪل جي سٽاف جي ضرورت هڪ آسان، سستو ۽ سنڌي ۾ ڪمپيوٽر رڪارڊ رکڻ وارو سافٽ وئر سسٽم آهي. اسين ان ڪوشش ۾ آهيون ته اهڙو ڪو سسٽم ٺاهجي جيڪو ڊاڪٽرن کان وٺي وارڊ بوائن تائين سڀ استعمال ڪري سگهن ۽ اهو سافٽ ويئر مفت مهيا ڪجي.

    سنڌي ۾ ڪمپيوٽر سافٽ وئر نه هجڻ جي برابر آهن. پر جيڪڏهن ڪو پروگرامر سنڌي ۾ کڻي ڪو پروگرام لکڻ چاهي تڏهن به سنڌي ٻولي جي سپورٽ پروگرامنگ زبانن ۾ ڪونهي. خاص ڪري جڏهن اسين گهڻ زبان پروگرام لکون.
    جيئن ته انگريزي لکت by defaultجنهن اينڪوڊ ۾ save ٿيندي آهي اهوANSI System آهي. جڏهن ته سنڌي لکت کي يونيڪوڊ يا وريUTF-8 ۾اينڪوڊ ڪريsave ڪرڻو پوي ٿو. اڃا تائين گهڻيون پروگرامنگ زبانون UTF-8 کي پوري طرح سپورٽ نه ٿيون ڪن. جيئن PHP ۾ UTF-8جا ڪافي مسئلا آهن ڏسو هي صفعوHandling UTF-8 with PHP http://www.phpwact.org/php/i18n/utf-8. اسين جيئن ته ڪجهه سنڌي ميڊيڪل پروگرام PHP ۾لکي رهيا آهيون. بعض تڪنيني سببن ڪري اسين انهن پروگرامن منجهه انگريزي شامل ڪرڻ تي مجبور آهيون. ان ڪري اسان کي ڪافي مشڪلاتون پيش آيون آهن. هر وقت اينڪوڊنگ ۽ هيڊرسيٽ ڪرڻ جو مسئلو درپيش اچي ٿو. مان ڪنهن دقيق بعث ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان صرف اوهان کي اهو رستوڏيکارڻ چاهيان ٿو جنهن سان اهو مسئلو آساني سان حل ڪري سگجي ٿو. اسان نو آموزن کي اوهان دوستن جي رهنمائي جي اشد ضرورت آهي. جيڪي دوست ويب سرور استعمال ڪندا آهن. اهي شايد ايڪس ايم پي پيXAMPP جي ڄاڻ رکندا هوندا. جيڪڏهن اوهان کي انهن جي ڪا خبر ڪونهي ته اهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته هي پروگرامنگ سکندڙ لاء مفت ۽ آسان ويب سرور آهن. مون جهڙن پي ايڇ پي PHP زبان ۾ ڪوڊ لکندڙ سيکڙاٽن لاء اهي ويب سرور نعمت آهن. انهن جو استعمال به نهايت آسان آهي. اچو ته انهن جو نهايت آسان استعمال سکون. استادن کان معافي.

    سڀ کان پهريون XAMPP ونڊوز يا وري لينڪس پنهنجي آپريٽنگ سسٽم مطابق هن ويب سائٽhttp://www.apachefriends.org/en/xampp.html تان ڊائونلوڊ ڪيو ۽ انسٽال ڪيو. هن ويب سائٽ تي ڊائونلوڊ ۽ انسٽال ڪرڻ جون آسان هدايتون ڏنل آهن. انهن کي پڙهي نهايت آساني سان اهي پروگرام انسٽال ڪري سگهجن ٿا. اسين جيڪو به ڪوڊ لکنداسين ان ڪوڊ کي ٽيسٽ ڪرڻ لاء، اهو ڪوڊ XAMPP ويب سرور جي htdocs فولڊر ۾ رکبو. مثال طور جيڪڏهن اسانجو ويب سرور C:\xampp تي انسٽال ٿيل آهي ته htdocs هن فولڊر ۾ C:\xampp\htdocs هوندو.

    هڪ ٽيسٽ فولڊر test جي نالي سان htdocs فولڊر ۾ ٺاهيو.هاڻي اوهان پنهنجو ٽيڪسٽ ايڊيٽرکوليو. مان گهڻو ڪري ونڊوز جو نوٽ پيڊ استعمال ڪندو آهيان. ان ۾ هيٺيون ڪوڊ لکڻو آهي.
    [​IMG]
    هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾index.php جي نالي سان save ڪيو. جڏهن اوهين ان کيsave ڪندا ته هڪ ڊائلاگ باڪس کلندو، جنهن ۾ اينڪوڊن بابت هدايتون هونديون، في الحال جيڪي چوي ٿو ان تي ڪو ڌيان نه ڏيو ۽ اوهان صرف انکيOK ڪيو. اوهان جو ڪوڊ by default ANSI System ۾اينڪوڊ ٿي index.php ۾ Saveٿي ويو آهي. هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testاوهان کي پنهنجي برائوزر ۾ هن طرح نظر اچڻ گهرجي؟
    [​IMG]

    هي ڇا ٿيو؟ اسان جو لفظ سنڌ ڪيڏاهن ويو؟ ان جي جاء تي هي عجيب اکر???ڪيڏاهن آيا. اهو ان ڪري ٿيو ته اسانجو ويب سرورسنڌي فانٽس کي نٿو سڃاڻي. هاڻي ساڳيو فائلUTF-8 يا Unicode ۾اينڪوڊ ڪريsave ڪيو. جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي.
    [​IMG]
    اوهان ڏسندا ته هاڻي نتيجو مختلف آهي. هاڻي اوهان کي هن ريت نّظر اچڻ کپي.
    [​IMG]
    هن مٿين تجربي مان سکيوسين ته سنڌي پروگرامنگ لاءِ اسانکي پنهنجن فائلن کيUnicode ياUTF-8 ۾ اينڪوڊنگ ڪرڻو آهي. پر اهو وڏو مٿي جو سور آهي.ان جي باوجود به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ان جو آسان حل سنڌي Fonts جي بدران هر اکر جو هيڪس ڪوڊ Hex يا وري ڊيسيمل ڪوڊ لکجي. جيئن لفظ سنڌ هيئن به “سن&#x068C” لکي سگهجي ٿو. اچو ڏسون ته ڇا اهو سچ آهي؟ اسين ساڳيوئي ڪوڊ وري هيٺين طرح سان لکنداسين.
    [​IMG]
    هتي اسانسنڌ هيڪس ڪوڊ ۾ لکي آهي. ان کان پوءَ هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾index.phpجي نالي سانsave ڪيو. جڏهن اوهين ان کيsaveڪندا ته هاڻي ڪو به ڊائلاگ باڪس نه کلندو، جنهن ۾اينڪوڊن بابت هدايتون هونديون.اوهان جو ڪوڊ
    by default ANSI System ۾اينڪوڊ ٿي index.php ۾ Saveٿي ويو آهي.

    هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testاوهان کي پنهنجي برائوزر ۾ هن دفعي لفظ سنڌ بلڪل صحيح نظر اچڻ گهرجي.

    ان تجربي مان اهو سکيوسين ته جيڪڏهن سنڌي پروگرامنگ ۾ سنڌي اکر عربي لپي جي بجائي هيڪس ڪوڊ ۾ لکجن ته پروگرامنگ ۾ گهڻي مٿي جي سور کان آجو ٿي سگهجي ٿو. ٻيو وري اڄ ڪلهه جي برائوزرن جيئن انٽرنيٽ ايڪسپلورر 7 ، جنهن ۾UTF-8 سٽينڊرڊ طور استعمال ٿئي ٿوبلڪل درست نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

    پر وري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسين ته سنڌي عربي لپي ۾ لکندا آيا آهيون، هي وري سنڌي هيڪس ڪوڊ ۾ هٿ سان ڪيئن لکون. اهو ته هڪ ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي. مثلا الف ته عربي ۾ هڪ لڪير آهي
    ا، پرهيڪس ڪوڊ ۾ هيئن[​IMG] آهي، اهو ته سر ئي ويو؟ هر اکر لکڻ لاءَ اٺ اکر لکڻا پوندا ۽ اهي ياد به ڪيئن ڪنداسين.

    سائين منهنجا نه گهٻرايو. مون اوهان لاءَ هڪ ننڍڙو پروگرام ٺاهيو آهي، هي هڪ PHP ڪوڊ آهي.منهنجي هن بلاگ ۾ Sindhi2Hex بٽڻ کي دٻايو ۽ ڪوڊ ڪاپي ڪيو. هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾index.php جي نالي سان save ڪيو.

    هاڻي اوهان پنهنجو ٽيڪسٽ ايڊيٽرکوليو. مان گهڻو ڪري ونڊوز جو نوٽ پيڊ استعمال ڪندو آهيان. ان ۾ سنڌي ۾ ڪجهه به لکو. ان کي ڪنهن جاءَ تي UTF-8 اينڪوڊنگ ۾Save ڪيو.هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testههڙو پروگرام نظر اچڻ کپي.
    [​IMG]
    http://zaro.wordpress.com/

    هي مون ذرڙي جي ڪهاڻي بلاگ تان کنيو آهي جنهن جي لنڪ مٿي ڏني آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واھ دوست زبردست ونڊ جي تعريف نه آهي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    زبردست ونڊ آهي. مونکي ان تلاش هُئي. :) لاجواب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هاڻ اوهان جي تلاش پوري ٿي وئي.
     
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌي ٽُو هيڪس ڪنورٽر جو ڪوڊ.

    پي ايچ پي:
    <?php
    /*——————————————————————————————
    Sindhi Characters to Hexcode Converter

    ©Dr. Ashfaq Ahmed Bhutto 2007
    drbhutto@yahoo.com
    Released under the terms and conditions of the
    GNU General Public License (http://gnu.org).

    $Revision: 1.0 $
    $Date: Friday September 07, 2007 $
    $Author: Dr. Ashfaq Ahmed Bhutto $
    $MBBS, MBA, MAS, DCPS, MRCGP $
    USAGE:
    Sindhi characters are not supported in PHP etc thus you need to convert in Hexcode.
    Specify the filename containing sindhi characters saved as plain text encoded in UTF-8.
    if you want to save out put, specify output filename as plain text file e.g. xyz.txt.
    The output is the converted text in Hexcode.
    This program is Only PHP 5 Compatible.
    ——————————————————————————————–*/
    ///****************************************************************************
    ///This function will Replace characters from a given sindhi string to hex code
    //*****************************************************************************
    function convert($string){
    $sd = array (‘ً ‘,’۱’,’۲’,’۳’,’۴’,’۵’,’۶’,’۷’,’۸’,’۹’,’۰’,’−’,’ق’,’ص’,’ي’,’ر’,’ت’,’ٿ’,’ع’,’ئ’,’و’,’پ’,’ٺ’,’ڍ’,’ه’,’ا’,’س’,’د’,’ف’,’گ’,’ھ’,’ج’,’ڪ’,’ل’,’؛’,’ز’,’خ’,’چ’,’ط’,’ب’,’ن’,’م’,’،’,’ٰ ‘,’ء’,’ٔ ‘,’٪’,’ٌ ‘,’َ ‘,’ض’,’ڏ’,’ڙ’,’ٽ’,’ث’,’غ’,’۽’,’ہ’,’ُ ‘,’ڃ’,’ڱ’,’ة’,’آ’,’ش’,’ڊ’,’ڦ’,’ڳ’,’ح’,’ڄ’,’ک’,’ڀ’,’ذ’,’ڌ’,’ڇ’,’ظ’,’ٻ’,’ڻ’,’۾’,’َ ‘,’ِ ‘,’؟’
    );

    $hex = array(‘ً’,’۱’,’۲’,’۳’,’۴’,’۵’,’۶’,’۷’,’۸’,’۹’,’۰’,’ـ’,’ق’,’ص’,’ي’,’ر’,’ت’,’ٿ’,’ع’,’ئ’,’و’,’پ’,’ٺ’,’ڍ’,’ە’,’ا’,’س’,’د’,’ف’,’گ’,’ه’,’ج’,’ڪ’,’ل’,’؛’,’ز’,’خ’,’چ’,’ط’,’ب’,’ن’,’م’,’،’,’ٰ’,’ء’,’ٔ’,’٪’,’ٌ’,’َ’,’ض’,’ڏ’,’ڙ’,’ٽ’,’ث’,’غ’,’۽’,’ە’,’ُ’,’ڃ’,’ڱ’,’ة’,’آ’,’ش’,’ڊ’,’ڦ’,’ڳ’,’ح’,’ڄ’,’ک’,’ڀ’,’ذ’,’ڌ’,’ڇ’,’ظ’,’ٻ’,’ڻ’,’۾’,’َ’,’ِ’,’؟’
    );
    $output str_replace($sd$hex$string);
    return 
    $output;
    }
    ///****************************************************************************
    //Function to replace & cahraccter to & , makes it savable to text file
    //*****************************************************************************
    function change($string){
    $one = array(&);
    $second = array (&);
    $output str_replace($one$second$string);
    return 
    $output;
    }
    //****************************************************************************
    //Function to convert a file and save to a specified destination
    //****************************************************************************
    function save($input_file$output_file){
    $converted_str convert(file_get_contents($input_file));
    $str change ($converted_str);
    file_put_contents($output_file,$str);
    echo 


    success
    ;

    }
    //*****************************************************************************
    //Function to get only the print of input file
    //*****************************************************************************
    function print_here($input_file){
    $converted_str convert(file_get_contents($input_file));
    echo 
    $converted_str;
    }
    //+++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
    ?>

    body {
    margin: 0px;
    padding: 0px;
    color : #333;
    background-color : #FFF;
    font-size : 11px;
    font-family : Arial, Helvetica, sans-serif;
    }

    form {
    margin: 0px;
    }

    .heading{
    font-size : 18px;
    font-family : Arial, Helvetica, sans-serif;
    color : #993333;
    }

    .text{
    font-size : 11px;
    font-family : Arial, Helvetica, sans-serif;
    font-weight : bold;
    }

    .text2{
    text-align:right;
    font-size : 10px;
    font-family : Arial, Helvetica, sans-serif;
    color : #aaaaaa;
    }

    .login {
    margin-left: auto;
    margin-right: auto;
    margin-top: 6em;
    padding: 15px;
    border: 1px solid #cccccc;
    width: 650px;
    background: #F1F3F5;
    }

    .form-block {
    border: 1px solid #cccccc;
    background: #E9ECEF;
    padding-top: 15px;
    padding-left: 10px;
    padding-bottom: 10px;
    padding-right: 10px;
    }

    .login-form {
    width: 100%;
    text-align:center;
    }

    input {
    border: 1px solid #cccccc;
    }

    .ctr {
    text-align: center;
    }

    Sindhi characters to Hexcode converter

    You can convert sindhi characters to Hex code for use in programming e.g. PHP parsing etc.

    To use this utility: Firstly: save a textfile containg sindhi characters. This can be done by using MS Word as Sindhi enabled Editor and saving file in plain text encoded in UTF-8. Secondly: Type a output path e.g. xyz.txt & click submit.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بهترين ونڊ آهي سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    انهي جو هڪ حل اهو به آهي ته استعمال ۾ ايندڙ تمام سِٽون يا لفظ ايڪس ايم ايل فائل ۾ محفوظ ڪري انهن مان هر هڪ کي ريفرنس سان استعمال ڪريو (جنهن کي ”ڪِي اينڊ ويليو پيئر“ جو طريقو چيو ويندو آهي.).
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 فيبروري 2015
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نامڪمل... ڪنفيوزنگ....
     
  10. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين شيئرنگ آهي ادا....
    جاري رکجو......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو