• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پشاور ۾ دهشتگردن جو آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو 142 شاگرد شهيد

ڏيهُه نه، ڪو راڪاس لڳين ٿو
ڪيڏيون جانيون ڳڙڪائيندين!؟
گهڻا گَهراڻا تڏا وڇائن
گهڻا جنازا ڍورائيندين!؟
توکي ڪيڏيون دانهون گهرجن
منُ ٿڌو جن ساڻ ڪندين تون!
اڃا به ڪيڏي ڪارنهن گهرجي
مُنهن اڇو جنهن ساڻ ڪندين تون!
اڃا به ڪيڏيون وَرسيل جھوليون
توکي چئه ويران کپن ٿيون؟
جن سان پاڻ آباد ڪندين تون
گهڻيون دليون سنسان کپن ٿيون؟
لڙڪ کپن ٿا توکي ڪيڏا
گهڻيون اکيون ڀڙڀانگ ڪندين تون؟
خوابن کي چچري مارڻ لئه
اڃا به ڪهڙا سانگ ڪندين تون؟
اڃا به ڪيڏن پاراتن سان
پائڻ لئه پهراڻ ڀَريندين
ڪيڏن سڏڪن جي خوشبو ۾
بت جي هيءَ بدبوءِ ڍڪيندين؟
هيڏا گلَ معصومَ مَروڙيا
ڪو نه خدا جو ڀئو الا وو !
کائي هيڏو ماسُ مڻن ۾
ٿيو نه تنهنجو ڍئو الا وو !
امن ڪلهي تي لاش رکِي ٿو
اِمبولنس کان اڳ ۾ ڊوڙي
سرد جسم ۾ امن ڪفن جئن
پنهنجي جاءِ پيو ٿو جوڙي
 
هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته ورهين کان ڦاهي تي رکيل پابندي هٽائڻ کان پوءِ ... دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.. ۽ پهرين مرحلي ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ سري لنڪن ٽيم تي حملو ڪندڙ عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد کي ڦاهي ڏني وئي...

 
روح تڙپي پيو آهي، اندر ۾ سڏڪا بند ئي نٿا ٿين. جئين ڪو آرٽيڪل يا ڏک منجها لکيل ڪي لفظ پڙهان ٿو ٿو ته روئي پوان ٿو...انهن ظالمن قرآن ۽ حديث جي تعليم کي پنهنجي مقصد لا جائز بڻائي وڌو آهي..يقينن اهي دوزخ جي انتهائي هيٺاهين درجي جا مستحق آهن.. منهنجو ايمان آهي ته اهي ئي اهي دوزخي آهن جن لا قرآن ۾ آهي ته قيامت جي ڏنهن ظالمن کي الڳ ڪيو ويندو انهن جي ڳچين ۾ باهه جا ٺهيل زنجير وجهي دوزخ طرف ڌڪيو ويندو...حديث ۾ به آهي ته ڪنهن به مسلمان جو لپ جيترو رت وهائيندڙ قيامت جي ڏينهن اهو رت ان ظالم جي اڳيان جنت جي در تي ڀت بڻجي پوندو..جنت جي ڪنهن به در کان اهو بي گناهه رت وهائيندڙ داخل نه ٿي سگهندو..صرف لپ جيتري رت پر هتي ته هنن ظالمن دريا وهايا آهن پو ڪئين اهي الله جي رحمت جا مستحق ٿي سگهن ٿا...دعا آهي ته اهي معصومڙا جنت جي اعلي ا درجي تي پهچن ۽ طالبان جا درندا دوزخ جي هيٺين درجي پهچن آمين..
 
هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته ورهين کان ڦاهي تي رکيل پابندي هٽائڻ کان پوءِ ... دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.. ۽ پهرين مرحلي ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ سري لنڪن ٽيم تي حملو ڪندڙ عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد کي ڦاهي ڏني وئي...

ڪاش ڦاهين جو ڪم هي پهريان ڪن ها ته تمام بهتر ٿئي ها
ڦاهين ۾ دير جي سبب سان دشمنن جي دل محڪم ٿي وئي
پشاور ۾ ٿيل شهيدن کي سرخ سلام
 
هي واقعو يقينن سمجهه اچڻ کان ٻاهر آهي. دُشمنيون هر قوم ۽ هر مذهب ۾ رهيون آهن پر ڪنهن به قوم يا مذهب ۾ ان لاءِ ٻارن کي نشانو بنائڻ جو مثال ته ڇا تصور به نه ٿو ملي. ۽ هتي اسان وٽ اهو به ٿي گُذريو. ان حوالي سان ڪافي ڪُجهه پڙهيو ۽ ٻُڌوسون پر ان موضوع کي دلچسپ انداز سان قلم بند ڪندڙ صحافي آهي وسعت الله خان.
اتفاق سان ويجهڙ ۾ سليمان وساڻ سان گڏ وُسعت سان مُلاقات ٿي. مون ٻه سوال ڪيا ۽ جواب ورتا جيڪي اوهان سان به ونڊ ڪجن ٿا.

سوال: اوهان کي ٻار ٻچا آهن. ان هوندي به اوهان عسڪري قوتن خلاف ايڏو کُلي لکو ٿا ڊپ نه ٿو ٿئي؟
وُسعت: ها ٿيندو آهي. بلڪل ڊپ ٿيندو آهي پر ڇا ان ڊپ جي ڪري اهو ڪم ڇڏي ڏجي؟

سوال: اوهان 2013ع جي 52 آچر مان رُڳو ٽي آچر بات سي بات نه لکيو. اڏي مستقل مزاجي جو راز؟
وُسعت: مون ڪڏهن به اهو ناهي سوچيو اهو سلسلو مون کي ايترا ڏينهن يا اييترا سال لکڻو آهي. بس لکان پيو ته هلي پيو. جنهن ڏينهن بند ٿيو ته بند. بس اهو ئي راز آهي.

jbqLx63cs5za5L.jpg
 
نهايت صدمي ۾ ورتل آهيان. ڪجه لکڻ جي همت ئي نه پئي ٿي، يقين ته اچي ئي نه ٿو ته ڇا هي سڀ ڪجه اسلام جي نالي سان ڪن ٿا!!؟
دوستو دل جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي آهي، هن ڪربناڪ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
مان ڪيترن سالن کان هن اڱڻ تي لکندو پيو اچان ته غير قانوني تارڪين وطن کي نيڪالي ڏني وڃي ته اسان جا اڌ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا، حڪومت ته لڳي ٿو پاڪستان جو ڇا ڪري پر اسان عوام کي هاڻي ڪجه ڪرڻو پوندو. عام طور ساري پاڪستان لا ۽ خاص طور سنڌ لا هاڻ اسان کي پنهنجو به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
مان هن اڱڻ ذريعي سالن کان چوندو پيو اچان وري چوان ٿو ته اسلام م اهڙن غير انساني ڪمن جي ڪا گنجائش نه آهي.
اسلام ته ڇا ڪو به مذهب اهڙي ڪڌي عمل جي اجازت نه ٿو ڏئي اها انسانيت نه آهي بلڪه حيوان به ائين نه ڪندا آهن.
اسان کي جاڳڻو پوندو. دوستو پنهنجو گهر يا ڪمرو اجنبين کي ڪرائي تي نه ڏيو ۽ جيڪي اوهان جا ڪرائيدار آهن انهن جو مڪمل بيڪ گرائونڊ جانچيو. تبديلي اسان کان ايندي.
لا يغير الله ما بقوم حتى يغيروا ما بانفسهم)
الله تعالى پاڪ فوج، رينجرز، پوليس، معصوم اساتذه جي شهيدن جا درجا بلند فرمائي.
دوستو مان اهو ته نه چوندس ته الله تعالى انهن معصوم ٻارڙن جي مغفرت فرمائي! ڇو ته معصوم 15 يا 16 سالن جي گلڙن ڪهڙا گناھ ڪيا هوندا جو انهن لا مغفرت جي دعاء ڪجي!
بلڪه اها دعاء ڪندس ته پروردگار اسان پاڪستانين جا گناھ معاف فرما جو اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اهڙي ڪربلا وري برپا ٿي آهي، اسان پنهنجي عوام  ٻچڙن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪوتاهيون ڪيون آهن.
پاڪ پروردگار منهنجي پاڪ مٺري وطن جي حفاظت فرما. منهنجي سڪيورٽي فورسز جي جوانن جي حفاظت فرما.
دوستو وري عرض ڪندس ته خدارا پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ مان غير قانوني تارڪين وطن افغانين بنگالين برمين انگريزن مطلب هر غير قانوني کي نيڪالي ڏني وڃي.
 
اي مٺڙي امان...!

اڄ اسڪول ٿو وڃان،،،

پر مونکي

دل کولي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڏئي..!

متان انهيءَ پيار کان

هميشه لائي محروم ٿي وڃان...

او امان منهنجي مٺڙي امان

ڏس ڪاريهر اسان جي اسڪول آيا

رڱي رت سان اسانجا ڪتاب ويا

اسڪول اسانجي درس گاهه

جنهن ۾ اڄ ٿيا اسانجا پورا پساهه

او امان منهنجي مٺڙي امان

اڄ توکان ڏور ٿي وياسين

پر ها....!

مونکي پڪ آهي جڏهن صبح ٿيندي

توکي منهنجي ياد ايندي

صبح جو توکي منهنجا سڏ ڪرڻ

وٺي پيار توکان اسڪول وڃڻ

جڏهن صبح ٿيندي

توکي منهنجي ياد ايندي

او مٺڙي امان

او مٺڙي امان

احمد رضا خاصخيلي
 
Back
Top