نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
ڪالهه آڄر جي ڏينهن بتاريخ 23 مئي 2010 تي ٽنڊو محمد خان جي مشهور ادبي تنظيم ، محمد خان غني ادبي تنطيم ٽکڙ ٽنڊو محمد خان پاران ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ٽنڊو محمد خان ضلع جي تمام محنتي نمائندي محترم غلام نبي ڪيريو کي عمري جي پاڪ سعادت حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ سندس مان ۾ هڪڙي سادي مگر انتهائي پُر وقار ضيافت جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي ڪافي سارن اديبن اخباري نمائندن شاعرن، سماجي ۽ سياسي نمائندن شرڪت ڪئي . محترم سنڌي ساٿيو، هن تقريب جو انعقاد ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان جي مشهور مومن منزل جي هال ۾ ڪيو ويو، هن تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت شهر جي نوجوان غلام شبير ميرجت حاصل ڪئي ان کان پوءِ حمد باري تعالى مشهور شاعر رسول بخش لغاري پڙهي ٻُڌائي ، جڏهن ته مولود شريف سنڌ مشهور مولودي امين جسڪاڻي ۽ سندس ساٿين پڙهي ساري تقريب کي رونق بخشي ڇڏي، ان کان پوءِ محمد خان غني ادبي تنظيم جي سرپرست اعلى ۽ ٻن زبردست سنڌي شاعري جي ڪتابن” طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو“ ۽” زندگي آهي سفر“ جي تخليق ڪار محترم محمد دائود المعروف تاج ٽکڙائي محفل جي مور ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي نمائندي محترم غلام نبي ڪيريو کي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان کيس پنهنجي ۽ پنهنجي ساري ادبي تنظيم پاران مُبارڪون ڏنيون ، ۽ سندس پيشه وارانه صحافتي ذميوارين کي نهايت ئي احسن نموني سرانجام ڏيڻ تي کيس شاباسون ۽ نيڪ تمنائن وارا پيغام ڏنا، محترم تاج ٽکڙائي وڌيڪ چيو ته ڪافي صحافي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا رهندا آهن پر غلام نبي ڪيريو جي صحافت ڪرڻ جو انداز سڀني کان نرالو ۽ مختلف آهي ، سدائين کلندو رهندو آهي، محترم تاج ٽکڙائي پنهنجي نظم ۾ غلام نبي ڪيريو کي ڀيٽا ڏني. ان کان پوءِ حاجي حُسين ڀٽي پڻ محترم غلام نبي ڪيريو جي گهڻ رُخي شخصيت تي ڳالهايو، کيس عمرو ادا ڪرڻ تي مُبارڪباد ڏني، حاجي حُسين ڀٽي پنهنجي ڪافي ۾ غلام نبي ڪيريو کي مانائتي ڀيٽا ڏني، ان کان پوءِ شهر جي نوجوان شاعر نوشاد ڀٽي کي غلام نبي ڪيريو جي شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو ويو جنهن نهايت ئي خوبصورت لفظن سان غلام نبي ڪيريو کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ کيس عمرو ادا ڪرڻ تي مُبارڪون ڏنيون، ان کان پوءِ سنڌ سلامت جي نثارناز(راقم الحروف) کي غلام نبي ڪيريو جي شخصيت تي ٻه اکر ڳالهائڻ لاءِ گهرايو ويو، نثار ناز ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته غلام نبي ڪيريو کي مائٽن جي پاران دُعائون مليون ۽ اهي قبوليت اختيار ڪري ويون ۽ هو عمري جهڙي سعادت حاصل ڪري آيو، نثار کيس کوڙ ساريون مُبارڪون پڻ ڏنيون، ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان شهر جي في البديه شاعر ۽ مفڪر محترم مشڪو ڦلڪاري کي گهرايو ويو، جنهن غلام نبي ڪيريو کي کوڙ ساريون واڌايون ڏيندي چيو ته خوشنصيب آهي غلام نبي ڪيريو جيڪو عمري جهڙي هڪڙي وڏي سعادت حاصل ڪري آيو آهي، سندس صحافي ذميوارين تي ڳالهائيندي مشڪور ڦلڪاري چيو ته غلام نبي ڪيريو، سنڌي ٽوپي اجرڪ واري ڏينهن ۽ دريا شاهه جي پاڻي واري ڏينهن سڀني کان نمايان نظر آيو جس لهڻي غلام نبي ڪيريو جنهن پنهنجي سنڌ جي حلالي فرزند وارو ڪردار ادا ڪندي، هر موڙ تي هن شهر مان پوري سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه چيو ته غلام نبي ڪيريو سان گڏ هو آزاد سنڌ ڌرتي ڏسڻ جو خواهش مند آهي، ان کان پوءِ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته غلام نبي ڪيريو سان سندس ڏيٺ ويٺ 1988ع کان ٿي جڏهن انساني حقن جي لتاڙ جي خلاف هن جُدوجهد ڪئي ان وقت هن بي لوث ٿي انهيءَ جدوجهد جي ڪوريج ڪئي، غلام نبي ڪيريو هڪ سچو ۽ کرو انسان آهي، ان کان پوءِ محمد خان غني ادبي تنظيم جي نائب صدر محترم محمد هاشم حافظ ٽکڙائي چيو ته هو غلام نبي ڪيريو کي ان ڏينهن کان سُڃاڻي جڏهن هو دريا سنڌي جي ڏينهن جي سلسي ۾ علي بندر ملاڪاتيار آيو ۽ هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي دريا جي ڪن جي بيٺل پاڻي جو نظارو ڪيو، ان کان علاوه محترم غلام نبي ڪيريو کي ڪافي سارن دوستن گُلن جا هار ۽ سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا آخر ۾ تاڙين جي گونج ۾ غلام نبي ڪيريو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ، ان کي ڪير به پاسي ۾ ڪونه وهاريندو آهي، هن هر سنڌيءَ کي اپيل ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي، سدائين سنڌ ڌرتي جي خدمت کي پنهنجي اولين ذميواري سمجهو، سنڌ ڌرتي آهي ته اسان جو ساٿ سلامت آهي، اسان جڏهن پنهنجي صحافتي ذميواري نڀائيندا آهيون تڏهن دل ۾ هڪڙو ئي اهو خيال هوندو آهي ته ڪنهنجي دل آزاري نه ٿئي، ڪير به ڪنهنجي دل آزاري ڪندو آهي ته کيس تمام گهڻو ڏُک ٿيندو آهي، هن محمد خان غني ادبي تنظيم جي سرواڻ محترم تاج ٽکڙائي جا ٿورا مڃيندي چيو ته سائين تاج ٽکڙائي جي جدوجهد کي ڏسندا آهيون ته اسان کي هڪ وڏو اُتساهه ملندو آهي، محترم غلام نبي ڪيريو سنڌ جي اديبن جي جدوجهد جو ذڪر ڪندي چيو ته اديب هڪ تخليق ڪار آهي، ۽ سچو تخليق ڪار سدائين ڪوڙ مڪر ۽ ٺڳي خلاف بر سر پيڪار هوندو آهي سندس انهي ڳالهه تي هن تقريب ۾ شامل سمورن ماڻهن دل کولي تاڙيون وڄائي غلام نبي ڪيريو کي داد ڏنو، اهڙي طرح هي ضيافت واري تقريب جيڪا شام جو پنجي وڳي کان شروع ٿي رات جو 9 وڳي اختتام پذير ٿي. هن تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وار فرض شهر جي ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي سرانجام ڏنا جڏهن ته هن تقريب جي پُڄاڻيءَ جو باقائده اعلان شاهه سائين جي هن بيت
ڀلوڙ شاعر محترم رسول بخش لغاري پڻ جناب غلام نبي ڪيريو کي اجرڪ جو تحفو ڏنو
ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش ضلعو ٽنڊو محمد خان جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو صاحب

ڪنول پاڙون پاتار م ڀونئر ڀِري آڪاس
ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا
تقريب جي پُڄاڻي جو اعلان ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر ۽ سنڌ سلامت جي جهوني (راقم الحروف ) نثار ناز ڪيو، آخر ۾ مهمانن جي ريفريشمينٽ رات جي ماني(ڊنر) سان ڪرائي وئي. هاڻي پيش آهن هن پُروقار تقريب جو تصويري احوال نامون. سنڌ سلامت جي پيشڪشٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا
محترم غلام نبي ڪيريو کي آجيان جي سلسلي ۾ ٻه خوبصورت بينر ٺهرايا ويا
محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرواڻ محترم تاج ٽکڙائي محفل جي مور محترم غلام نبي ڪيريو کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي
محترم غلام نبي ڪيريو کي عبدالحسين ملاح اجرڪ جو تحفو پارايو
سنڌ مشهور مولودي امين جسڪاڻي محترم غلام نبي ڪيريو کي اجرڪ جو تحفو ۽ هارن جو تحفو پارايو
ڀلوڙ شاعر محترم رسول بخش لغاري پڻ جناب غلام نبي ڪيريو کي اجرڪ جو تحفو ڏنو
اسٽيج تي محفل جو مور محترم غلام نبي ڪيريو وچ ۾ سندس ساڄي ۽ کاٻي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ حافظ محمد هاشم ويٺا آهن
تمغه امتياز حاصل ڪندڙ شاعر مخمور مهري محترم غلام نبي ڪيريو کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي
ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش ضلعو ٽنڊو محمد خان جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو صاحب
سنڌ سلامت جو ميمبر نوجوان سيد غلام علي شاهه جيڪو ڪي ٽي اين ٽنڊو محمد خان جو ڪئميرا مين پڻ آهي پنهنجو آفيشل ذميواريون پوريون ڪندي