• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

مختيار نظاماڻي

سينيئر رڪن
دوستو جيئن ته تعارف واري شعبي جي عنوان ۾ لکي چُڪو آهيان ته منهنجو نالو مختيار نظاماڻي آهي، آئون سنڌ ڌرتي جي خوبصورت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ پهرين جنوري 1963ع تي محلا نصير آباد ۾‌ پيدا ٿيس ، مون پنهنجي تعليم ايم اي اڪانامڪس ۾ ڪمپليٽ ڪئي ان کان علاوه روزي روٽي حاصل ڪرڻ لا پيغمبري پيشي اُستاد واري شعبي سان سلهاڙيل آهيان، ان سلسلي مون بي ايڊ به مڪمل ڪئي آهي، ننڍي لاڪون کان آئون لکڻ پڙهڻ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هُئس، ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي اخبارون مختلف رسالا شوق سان پڙهندو هُئس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارن جي ٻاري ۾ باقائده حصو وٺڻ سان گڏو گڏ ٻارن جو اصلاحي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جيڪي نشر به ٿيون، اڳتي هلي ريڊيو جي پروگرام سُرهي سُرهي سوچ ۾ وڌيڪ لکڻ ۽ سکڻ‌ جو موقعو مليو جنهن ڪري ڪجهه وقت کان پو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ باقائده هڪڙي آرٽسٽ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳس پو پاڪستان ٽيلي ويزن جي پروگرامن ۾ پڻ حصو ورتم، توهان جي هن خوبصورت اڱڻ جو ڏس پتو اسان جي محترم سائين نثاراحمد ناز کان مليو سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيڻ کان پو مان پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب ترين ماڻهو سمجهي رهيو آهيان ، ڪوشش ڪبي ته پنهنجون تمام تر صلاحيتون پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ونڊ ڪري پنهنجي امڙ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪريان۔ توهان جون مهربانيون
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

سهڻي دوست، پياري ڀا ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي نظاماڻي صاحب کي وڏي پاٻوهه منجهان ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ حقيقت پڇو ته هن اڱڻ تي ڪيترائي تعرف پڙهيا، ڪيترن ئي دوستن سان واقفيت ٿي پر اڄ هن دوست جو تعرف پڙهي ۽ کيس پنهنجي ساٿ ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۔۔۔

سنڌ جي هن هونهار ۽ سنڌ جي سڄڻ دوست کان هن اڱڻ جي ساٿين کي ڪيتريون ئي اميدون آهن ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان سنڌ جي هن اوطاق تي پنهنجين ڪچهرين سان، پنهنجن لکڻين سان ۽ پنهنجين ڪاوشن سان رهنمائي ۽ رهبري ڪندا ۔۔۔

سائين نثار ناز جا پڻ ٿورائتا، جو هن اهڙو سلڇڻو دوست اسان سان ملايو۔

دوست نظاماڻي صاحب، اسانجي هن اوطاق جي دوستن جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، انڪري اميد ڪريونٿا ته اوهانجو ساٿ اسان سان هميشه رهندو ۔۔۔
@};-@};-@};-@};-@};-@};-
دعائن ۾ گڏ
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيون ٿا۔۔۔۔۔۔
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

ڀليڪار ڀليڪار سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سميت توهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

محترم سائين ڀلي ڪري آيا سائين نثار احمد جن اوهان کي هن اوطاق جو ڏس ڏنو سائين جن هن فورم تي تمام گهڻي محنت سان ڪم رهيا آهن اهوئي سندن ڪوشش‌جو نتيجو آهي جو اوهان جهڙا پيارا دوست هن فورم تي آڻي اسان جي علم ۾‌ اضافي جو ذريعو بنائين ٿا اوهان جي به مهرباني جو سائين جن جي سڏ تي هن اوطاق تي قدم ڀري آيا اميد ته اوهان کي ڪافي لطف ايندو جو هن فورم جا سڀ ساٿي پيار محبت جو وکر ونڊيندا آهن انهن ساٿين ۾ هڪ هيري جو اضافو ٿيو ان لاء‌ بيحد خوشي ٿي الله تعالى اوهان کي شاد و آباد رکي۔ سدا سلامت هجو شال۔
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

ادا نظاماڻي صاحب ڀلي ڪري آيا توهان کي هن اوطاق تي سموري سٿ پاران کيڪاريون ٿا اوهان جي علمي صلاحيتن سان هي اوطاق اڃان به وڌيڪ اجاگر ٿيندي۔
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

welcome159.gif
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

ڀلي ڪري آيا ڀُورا هن ڀنڀور ۾
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد چئون ٿا

ڀلي ڪري آيا

ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو بي تابي سان انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

دوستو جيئن ته تعارف واري شعبي جي عنوان ۾ لکي چُڪو آهيان ته منهنجو نالو مختيار نظاماڻي آهي، آئون سنڌ ڌرتي جي خوبصورت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ پهرين جنوري 1963ع تي محلا نصير آباد ۾‌ پيدا ٿيس ، مون پنهنجي تعليم ايم اي اڪانامڪس ۾ ڪمپليٽ ڪئي ان کان علاوه روزي روٽي حاصل ڪرڻ لا پيغمبري پيشي اُستاد واري شعبي سان سلهاڙيل آهيان، ان سلسلي مون بي ايڊ به مڪمل ڪئي آهي، ننڍي لاڪون کان آئون لکڻ پڙهڻ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هُئس، ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي اخبارون مختلف رسالا شوق سان پڙهندو هُئس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارن جي ٻاري ۾ باقائده حصو وٺڻ سان گڏو گڏ ٻارن جو اصلاحي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جيڪي نشر به ٿيون، اڳتي هلي ريڊيو جي پروگرام سُرهي سُرهي سوچ ۾ وڌيڪ لکڻ ۽ سکڻ‌ جو موقعو مليو جنهن ڪري ڪجهه وقت کان پو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ باقائده هڪڙي آرٽسٽ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳس پو پاڪستان ٽيلي ويزن جي پروگرامن ۾ پڻ حصو ورتم، توهان جي هن خوبصورت اڱڻ جو ڏس پتو اسان جي محترم سائين نثاراحمد ناز کان مليو سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيڻ کان پو مان پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب ترين ماڻهو سمجهي رهيو آهيان ، ڪوشش ڪبي ته پنهنجون تمام تر صلاحيتون پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ونڊ ڪري پنهنجي امڙ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪريان۔ توهان جون مهربانيون
مهرباني ادا مختيار نظاماڻي اسان سنڌ سلامت جا سمورا دوست توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون ۽ اميد ٿا ڪريون ته توهان پنهنجي تعارف ۾ ڪيل وعدي مطابق جيجل سنڌ جي خدمت کي پنهنجو اولين فرض سمجهندا
هي ڪجهه گُل آهن جيڪي توهان جي آجيان ڪندي انتهائي پيار سان پوري سنڌ سلامت جي سٿ پاران توهان کي پيش ڪجن ٿا شال جُڙيا هُجو منهنجاڀا

2273831820099927749S600x600Q85.jpg

2913737080099927749S600x600Q85.jpg

2616820180099927749S600x600Q85.jpg

2817788040099927749S600x600Q85.jpg

2858130620099927749S600x600Q85.jpg

توهان جو دعاڳو
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

سنڌ ڌرتي جي سڀني دوستن جو بيحد ٿورائتو آھيان جن منھنجي حوصله افزائي ڪئي خاص ڪري ادي چانڊوڪي ،سائين نثار ناز سمو ن،سائين نثار ابڙو ادا نجم سائين ڦلپوٽو ،آرزو ،رحيم بخش،ادا ممتاز،نرمل ۽ٻيا کوڙ محترم مانوارا دوست جن منھنجي ھمت افزائي ڪئي آئون انھن سڀني جو ٿورائتو آھيان ۔ الله اوھان سڀني دوستن کي خوش رکي آمين
 
جواب: مون سان ملو آئون آهيان توهان جو محبتي سنڌي دوست مختيار علي نظاماڻي

ادا ڀلي ڪري آيا۔
 
Back
Top