• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

ابو مُرڪ

سينيئر رڪن
ثِمرن سومرو

دليون اُداس آهن،

گليون اُداس آهن.

توکانسواءِ تارا ۽

ڪتيون اُداس آهن.

هيءَ ڊائريءَ ۾ گُلن جون،

پتيون اُداس آهن.

کليل هي وار منهنجا،

سڳيون اُداس آهن.
 
ثِمرن سومرو

لُڙڪ قطارن کي،

ڪيئن ڀلا روڪيان؟

مون ڏي ڪين اچن

موج ملهارن کي

ڪيئن ڀلا روڪيان؟

اکڙيون ڀرجي اچن

لُڙڪ لارن کي

ڪيئن ڀلا روڪيان؟
 
ثِمرن سومرو

ڪنهن موڙ تي ملي،

ملي مون سان ڳالهيون ڪيئين!

سُندر يادون کڻي

مون سان پرچارون ڪيئين

چيائين! زندگي ڪيئن پئي گُذري؟

چيم! ڪيئن گذرندي

چيائين ڪيئن؟

لُڙڪ لڪائي هن ڏي ڏٺم

۽ مُرڪي چيم

ڏاڍي سُٺي ڏاڍي سُٺي.
 
ثِمرن سومرو

هر خواهش اڻپوري ڇا لئه،

دل وارن لئه دُوري ڇا لئه.

ڪافي آهي خلوص جو رشتو،

رت جو رشتو ضروري ڇا لئه.
 
Back
Top