ابو مُرڪ سينيئر رڪن 21 ڊسمبر 2014 #1 ثِمرن سومرو دليون اُداس آهن، گليون اُداس آهن. توکانسواءِ تارا ۽ ڪتيون اُداس آهن. هيءَ ڊائريءَ ۾ گُلن جون، پتيون اُداس آهن. کليل هي وار منهنجا، سڳيون اُداس آهن.
ثِمرن سومرو دليون اُداس آهن، گليون اُداس آهن. توکانسواءِ تارا ۽ ڪتيون اُداس آهن. هيءَ ڊائريءَ ۾ گُلن جون، پتيون اُداس آهن. کليل هي وار منهنجا، سڳيون اُداس آهن.
ابو مُرڪ سينيئر رڪن 21 ڊسمبر 2014 #2 ثِمرن سومرو لُڙڪ قطارن کي، ڪيئن ڀلا روڪيان؟ مون ڏي ڪين اچن موج ملهارن کي ڪيئن ڀلا روڪيان؟ اکڙيون ڀرجي اچن لُڙڪ لارن کي ڪيئن ڀلا روڪيان؟
ثِمرن سومرو لُڙڪ قطارن کي، ڪيئن ڀلا روڪيان؟ مون ڏي ڪين اچن موج ملهارن کي ڪيئن ڀلا روڪيان؟ اکڙيون ڀرجي اچن لُڙڪ لارن کي ڪيئن ڀلا روڪيان؟
ابو مُرڪ سينيئر رڪن 21 ڊسمبر 2014 #3 ثِمرن سومرو ڪنهن موڙ تي ملي، ملي مون سان ڳالهيون ڪيئين! سُندر يادون کڻي مون سان پرچارون ڪيئين چيائين! زندگي ڪيئن پئي گُذري؟ چيم! ڪيئن گذرندي چيائين ڪيئن؟ لُڙڪ لڪائي هن ڏي ڏٺم ۽ مُرڪي چيم ڏاڍي سُٺي ڏاڍي سُٺي.
ثِمرن سومرو ڪنهن موڙ تي ملي، ملي مون سان ڳالهيون ڪيئين! سُندر يادون کڻي مون سان پرچارون ڪيئين چيائين! زندگي ڪيئن پئي گُذري؟ چيم! ڪيئن گذرندي چيائين ڪيئن؟ لُڙڪ لڪائي هن ڏي ڏٺم ۽ مُرڪي چيم ڏاڍي سُٺي ڏاڍي سُٺي.
ابو مُرڪ سينيئر رڪن 21 ڊسمبر 2014 #4 ثِمرن سومرو هر خواهش اڻپوري ڇا لئه، دل وارن لئه دُوري ڇا لئه. ڪافي آهي خلوص جو رشتو، رت جو رشتو ضروري ڇا لئه.
ثِمرن سومرو هر خواهش اڻپوري ڇا لئه، دل وارن لئه دُوري ڇا لئه. ڪافي آهي خلوص جو رشتو، رت جو رشتو ضروري ڇا لئه.