• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجا بابا مٺڙا بابا.نثري نظم مظفر منگي

منهنجا بابا
مٺڙا بابا
مون کي وٺي ڏي
بوٽ جورابا
ڇڳل چپل ڏسي پيرن ۾
مون تي ڏاڍو ٻار کلن ٿا
ٽوڪون ڪن ٿا
طعنا هڻن ٿا
صٻح جي ٿڌ ۾ جڏ
اسڪول وڃان ٿو
سيءَ ۾ بابا ڏڪندو وڃان ٿو
ڪوٽ وٺي ڏي
يا ڪا جرسي سوئيٽر
۽ ڪنن ڍڪڻ لاءِ
ٽوپي مفلر
پيءُ جي اکين مان
لڙڪ لڙي پيا
پيار مان پٽ کي ڳراٽي پائي
چميون ڏنائين
۽ پوءِ چيائين
تو جيان پٽڙا ڪيئي ٻچڙا
پيٽ بکيي سان روز سمهن ٿا
پيرين اگهاڙين پٺيءَ اگهاڙين
ڪيئي گهمن ٿا
تون به انهن مان هڪڙو آهين
تون به انهن مان هڪڙو آهين.
 
Back
Top