اڄ به رڳو پنھنجو حساسپڻو پيارو لڳي ٿو ، ڇو جو ان جي ڪري ڪائنات سان شدت سان پيار جاڳي ٿو، ھونئن لڳي ٿو ، چئو طرف صحرا آھي ، سموريون واٽون ڃڻ ته گم ٿي ويون آھن . ماڻھو ذھنن ۾ گند ۽ بارود ڀري به مطمئن آھن ، اسان جھول ۾ گل کڻي ، پاند ۾ محبتون ۽ سچائيون سمائي به اداس ، دربدر ، ۽ نامطمئن آھيون ! ڪنھن جي گھر ۾ لڳل کاٽ ۽ اسان جي دل ۾ لڳل کاٽ ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي ، پر اسان جي دل جي نظا۾ ۽ رياست جي نظام ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي ! اسان جي دل جو نظام فلسطين کان ايٿوپيا ۽ آفريڪا تائين ھر دردمند دل سان گڏ ڄڻ ته ڌرڪي ٿو ! پر رياست جو نظام امداد جي آسرن تي اکيون پوري ڇڏي ٿو ! اُھو ڀڳل چوڙين ، ٽُٽل والين ، سڙيل گھرن ، سڙيل جسمن ۽ تشدد سان نيراڻ مائل وجودن ، لاٿل پوتين ، ڦاٽل چولين ، ۽ لُٽيل عزتن کي پُٺي ڏئي ٿو ۽ اڪثر حرامپائين جي حمايت ڪري ٿو، جڏھن ته اسان جي دل جو نظام انھن لا رڙي ٿو ، ڪنھن ٻيلي جي ڪپيل ھڪ ٽار به تڻجي ٿو ! ھر شڪاري اک ۽ بندوق کي ڪائنات جو قاتل تصور ڪري ٿو ! ھر معصوم ٻار ۽ ٻارڙي جي ڦھليل ھٿ کي چُمي ڏيڻ لا تڙپي ٿو !ھر لُٽيل عزت پنھنجي لُٽيل عزت ڀانئي ٿو ! ھربيگناھ قتل ٿيل جي قاتل لا قاتل ٿيڻ جو سوچي ٿو ! پر ڪجھه به وس ۾ ڪونھي ! رڳو حسرتن جي خاڪ آھي ، خوابن جون مزارون آھن . نا مھربان موسمن جي دؤر جي ڊگھائي اڄ به نسورو عذاب آھي !! ڪتآب . بارش سوچي ٿي ! .