• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رڳو حسرتن جي خاڪ آھي ، خوابن جون مزارون آھن.

شاهنواز ٽالپر

سينيئر رڪن
اڄ به رڳو پنھنجو حساسپڻو پيارو لڳي ٿو ، ڇو جو ان جي ڪري ڪائنات سان شدت سان پيار جاڳي ٿو، ھونئن لڳي ٿو ، چئو طرف صحرا آھي ، سموريون واٽون ڃڻ ته گم ٿي ويون آھن . ماڻھو ذھنن ۾ گند ۽ بارود ڀري به مطمئن آھن ، اسان جھول ۾ گل کڻي ، پاند ۾ محبتون ۽ سچائيون سمائي به اداس ، دربدر ، ۽ نامطمئن آھيون !

ڪنھن جي گھر ۾ لڳل کاٽ ۽ اسان جي دل ۾ لڳل کاٽ ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي ، پر اسان جي دل جي نظا۾ ۽ رياست جي نظام ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي ! اسان جي دل جو نظام فلسطين کان ايٿوپيا ۽ آفريڪا تائين ھر دردمند دل سان گڏ ڄڻ ته ڌرڪي ٿو ! پر رياست جو نظام امداد جي آسرن تي اکيون پوري ڇڏي ٿو ! اُھو ڀڳل چوڙين ، ٽُٽل والين ، سڙيل گھرن ، سڙيل جسمن ۽ تشدد سان نيراڻ مائل وجودن ، لاٿل پوتين ، ڦاٽل چولين ، ۽ لُٽيل عزتن کي پُٺي ڏئي ٿو ۽ اڪثر حرامپائين جي حمايت ڪري ٿو، جڏھن ته اسان جي دل جو نظام انھن لا رڙي ٿو ، ڪنھن ٻيلي جي ڪپيل ھڪ ٽار به تڻجي ٿو ! ھر شڪاري اک ۽ بندوق کي ڪائنات جو قاتل تصور ڪري ٿو ! ھر معصوم ٻار ۽ ٻارڙي جي ڦھليل ھٿ کي چُمي ڏيڻ لا تڙپي ٿو !ھر لُٽيل عزت پنھنجي لُٽيل عزت ڀانئي ٿو ! ھربيگناھ قتل ٿيل جي قاتل لا قاتل ٿيڻ جو سوچي ٿو !

پر ڪجھه به وس ۾ ڪونھي ! رڳو حسرتن جي خاڪ آھي ، خوابن جون مزارون آھن . نا مھربان موسمن جي دؤر جي ڊگھائي اڄ به نسورو عذاب آھي !!

ڪتآب . بارش سوچي ٿي ! .
 
زبردست ادا
 
Back
Top