خونخوار مانگر مڇ ۽ ڪراچي جو امن!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خونخوار مانگر مڇ ۽ ڪراچي جو امن!

    ڪراچي ۾ مانگر مڇ روڊن، رستن تي نڪري آيا آهن. هي بکيا مانگر مڇ جانورن جو گوشت کائڻ بدران انسان جو گوشت کائن ٿا. اهي اهي خونخوار مانگر مڇ آهن، جيڪي ڪراچي جو امن تباهه ڪريو ويٺا آهن، پر قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن. هن بيوسي جو انجام ڇا ٿيندو؟ اهو هر ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي. رستن تي ريڙهو هلائيندڙ، مزدوري ڪندڙ پنهنجي گذر سفر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهو انهن مانگر مڇن جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. تازو ڪراچي جي علائقي سعيدآباد جو رهواسي عيدي امين ۽ سندس دوست گولين جي بک بڻجي ويا. عيدي امين پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر پٽيل جو ڪو آرڊينيٽر هو. ان واقعي کانپوءِ قادر پٽيل احتجاجن پنهنجي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي سيٽ ڪهڙي ڪم جي، جيڪا پنهنجي ڪارڪنن جو تحفظ نه ڪري سگهي؟ پيپلز پارٽي هيڏي وڏي قرباني ڏئي اقتدار حاصل ڪيو آهي. اقتدار هوندي اگر پنهنجن ماڻهن جو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته اهو هڪ وڏو الميو آهي. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌي وسندين جو ڪوبه ڌڻي سائين ناهي. هنن لاءِ ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ڪونهي. جڏهن، جنهن کي وڻي هنن جي وسندين کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهيو ڇڏين. دانهن ڏجي به ته ڪنهن کي؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خونخوار مانگر مڇ ۽ ڪراچي جو امن!

    ڌرتي امن جي
    نسيم حيدري

    بيواه ٿيون عورتون، يتيم ٿيا ٻار
    ڌرتي امن جي
    ڪاهي آيا ديس تي، ڪاريهر هزار
    ڌرتي امن جي
    نالي جهاد جي الله اڪبر، سسي ڌڙ کان ڌار
    ڌرتي امن جي
    بم ڦاٽو ٿيو روڄ راڙو، وچ بازار
    ڌرتي امن جي
    عبادتگاهون بڻيون مقتل گاهون، مسجد ٿيا مسمار
    ڌرتي امن جي
    وحشت ڇانيل، خوفزده سارو سنسار
    ڌرتي امن جي
    مذهب جي نانوَ تي، آهي سارو تڪرار
    ڌرتي امن جي
    نه خود شناسي، نه خدا شناسي، هر ماڻهون آ بيڪار،
    ڌرتي امن جي
    زندگي فسانو، هر ماڻهون آ ڪهاڻيءَ ڪردار
    ڌرتي امن جي
    لڳي آ ڪجهه هوا اهڙي، ٿيو ماڻهون، ماڻهونءَ مان بيزار
    ڌرتي امن جي
    سچ جي ڳالهه ڪوئي ڪيئن ڪري، مٿان تيغ ترار،
    ڌرتي امن جي
    ماحول دونهاٽيل، هر انسان آ ذهني بيمار،
    ڌرتي امن جي
    ”نسيم“ هر پاسي، انسانيت آ اشڪبار
    ڌرتي امن جي
     
  3. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: خونخوار مانگر مڇ ۽ ڪراچي جو امن!

    توهان جون ڳالهيون 200 پرسنٽ درست آهن، اهي ساڳيا مانگر مڇ آهن جيڪي چوندا آهن هڪ ڏينهن ۾ ڪراچي کي ڊاهي سگهون ٿا، ڪراچي ڪنهنجو ناهي اسان جو آهي، جيڪي سنڌين جا اصل دشمن آهن جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي ساڳيا آهن جن کي اسان يتيم سجهي پاڻ وٽ جڳهه ڏني اهي ساڳيا آهن جن جو پير انگليڊ ۾ ويٺو آهي، اها ڳالهه ڪنهن کا لڪيل ناهي اهي ساڳيا آهن جيڪي هر دئور ۾ اقتدار ۾ رهندا آهن، اهي ساڳيا آهن جن اسان جي سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن مان ڌڪاري ڇڏيو آهي، اهي ساڳيا يتيم آهن جن جي ڪا اصليت ناهي، اهي ساڳيا آهن جيڪي ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ رڌل آهن، اهي ساڳيا آهن جن جو ٽيريسٽ ونگ آهي، اهي ساڳيا آهن جيڪي هر حڪومت کي بليڪ ميل ڪريو ويٺا آهن، انهن مان جان ڇڏائڻ لا اسان کي وري اهڙا ليڊر گهربل آهن جيڪي انهن کي سڌي لائين تي آڻين يا کين سموڊ داخل ڪن،،،،،،، گهڻو لکڻ تي دل چوي ٿي پر رشيد ڀا رموو ڪري ڇڏيندو۔۔۔ خير خبر اوهان سڀني کي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو