چانڊوڪي
سينيئر رڪن
خونخوار مانگر مڇ ۽ ڪراچي جو امن!
ڪراچي ۾ مانگر مڇ روڊن، رستن تي نڪري آيا آهن. هي بکيا مانگر مڇ جانورن جو گوشت کائڻ بدران انسان جو گوشت کائن ٿا. اهي اهي خونخوار مانگر مڇ آهن، جيڪي ڪراچي جو امن تباهه ڪريو ويٺا آهن، پر قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن. هن بيوسي جو انجام ڇا ٿيندو؟ اهو هر ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي. رستن تي ريڙهو هلائيندڙ، مزدوري ڪندڙ پنهنجي گذر سفر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهو انهن مانگر مڇن جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. تازو ڪراچي جي علائقي سعيدآباد جو رهواسي عيدي امين ۽ سندس دوست گولين جي بک بڻجي ويا. عيدي امين پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر پٽيل جو ڪو آرڊينيٽر هو. ان واقعي کانپوءِ قادر پٽيل احتجاجن پنهنجي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي سيٽ ڪهڙي ڪم جي، جيڪا پنهنجي ڪارڪنن جو تحفظ نه ڪري سگهي؟ پيپلز پارٽي هيڏي وڏي قرباني ڏئي اقتدار حاصل ڪيو آهي. اقتدار هوندي اگر پنهنجن ماڻهن جو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته اهو هڪ وڏو الميو آهي. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌي وسندين جو ڪوبه ڌڻي سائين ناهي. هنن لاءِ ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ڪونهي. جڏهن، جنهن کي وڻي هنن جي وسندين کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهيو ڇڏين. دانهن ڏجي به ته ڪنهن کي؟