ساڳ سرنهن جو تازو تڪڙو ..ميهن جي مهماني او منهجا جاني

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ساڳ سرنهن جو تازو تڪڙو ..ميهن جي مهماني او منهجا جاني
    ڪڪڙ ٻڪڙ توڙي ڪونه ڪٺو ٿئون..پالڪ جي مهماني منهنجا جاني....
    ڪراچي ۾ هونئن ته گھڻيون نعمتون ميسر آهن الله پاڪ جو شڪر اهي .
    پر خالص ڀاڄي ملڻ مشڪل آهي .خالص مان منهنجي مراد مٺي پاڻي جي سبزي .
    باقي ملير کان ڪورنگي تائين گٽر ۽ صنعتي فضلي واري پاڻي جي ڀاڄي جام
    سڄي سبزي منڊي ڀري پئي آهي.اهڙي جاذب نظر گوپي ،سائي پالڪ ،اڇا گوگڙو پرچاڙهڻ کان پوء بدبو .بي سوادي ڀاڄي. هونئن به اسان جا ڪراچي جا پليل ٻار ڪڪڙ ۽ بيدي کان سواء سبزي کي هٿ به نه لائين.باقي مان پوڙهو پوڙهي سبزي جي تلاش ۾ گلشن حديد تائين ويندا آهيون.اتي به مارڪيٽ تي قبضو ته پٺاڻن جو آهي.پر اسان جا لاڙڪاڻي دادو ميهڙ جا ڪيترا ئي سنڌي واپاري سنڌ جي سوکڙي بيھ ،سرنهن جو ساڳ،مٽر ۽ چڻي جي پلي ۽ ديسي پالڪ جنهن کي اسان سنڌي پالڪ چئون آڻيندا آهن.اتان مان گجرون،ساڳ،بيھ ۽ پالڪ آڻيندو آهيان .ڪڏهن ايڏي سٺي پالڪ مليو وڃي جهڙي پشم ...پالڪ بيھ انتهائي وڻندڙ ڊش اهي منهنجي پسنديده...ٻارن لاء کائڻ لائق بنائڻ لاء ان ۾ پاء کن گوشت ملايو صرف هڪ پٽاٽو ..پوء ته سائين ڪرم مولا جا...هن دفعي ساڳ به سٺو مليو رڌي کاڌوسين ۽ ڳنرن جو آچار به بنايوسين ...گجرن جو آچار به انتهائي مفيد آهي ...ليمان سڄو سال آچار گھر ۾ ٺهندو آهي ۽ موجود هوندو آهي مالڪ جا احسان ....توهان وري هڪ ڦار ليمي جي آچار جي چانورن سان کائي ته ڏسو .پاپڙ ڳوٺان آڻيندو اهيان ...هت ميمڻ ڳوٺ ۾ پاپڙ 80 روپئي پاء ملن ٿا پر ڳوٺان آيل منڱن جي دال جا پاپڙ ذائقي دار آهن. لي مارڪيٽ ۾ ملندڙ پاپڙ به سٺا اهن پر ان ۾ هنڱ ملائين ٿا جنهن سبب ٿورو اگرو لڳي ٿو .باقي پيٽ جي صفائي ۽ هاضمي لاء سٺا اهن.سائين پريم منهنجو ساٿي استاد ٺٽي شهر مان گھران آندل پاپڙ کارائيندو هئو .انتهائي ذائقي دارهوندا هئا ...واقعي سنڌي هندن جي گھرن ۾ پاپڙ ٺاهڻ جو فن آهي .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو