حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمته الله عليه جي عرس شريف جي موقعي تي تعليمي سيمينار!!!!

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمته الله عليه جي عرس شريف جي موقعي تي تعليمي سيمينار!!!!
    فقير الله ورايو سهتو سڪندري

    ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو

    انهن جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان

    ڪوڙين ڪن سلام اچيو آسڻ تن جي.

    الله تبارڪ و تعاليٰ جل جلاله جي لاءِ سڀ تعريفون ثنائون حمد آهن، جيڪو محمد صلي الله عليه وسلم جو رب آهي، درود ۽ سلام بيشمار ٻنهي جهانن جي ڪارڻي واهر ۽ وسيلي امام الاانبياءَ سيد المرسلين حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم مٿان جيڪو خاتم الانبياءَ والمرسلين ۽ رحمته اللعالمين آهن، جنهن جو پاڪ نالو ٽٽل دلين لاءِ قرار ۽ تسڪين آهي. سندس آل و اصحاب ڪرام عليهم الرضوان مٿان سلام سلامتيون جيڪي امت لاءِ ٻيڙيون پاراڪارڻ لاءِ ۽ هر قسم جي اونداهي لاءِ هدايت رهنمائي رهبري جا روشن ستارا آهن ۽ ججها سلام رحمتون صاحبان ڪمال اولياءَ الله مٿان هميشه هجن جيڪي شريعت طريقت جي واٽ وٺندڙن لاءِ عمل صالح ڪرڻ وارن لاءِ هادي مرشد آهن، جن مٿان ٻاجهه نه هوندي آهي، اهي اهي بي مرشد هوندا آهن، اولياءَ الله صالحن جي جماعت جا گل سرسيد امام العارفين پير سائين سيد محمد راشد روزي ڌڻي رهبر قدس سره جي روحاني نوراني خانقاهه درگاهه شريف جو مسند نشين”ستون پير سائين پاڳارا“ سيد شاهه مردان شاهه ثاني حضرت ڇٽ ڌڻي بادشاهه رحمته الله عليه جي ٽئين عرس مبارڪ جي موقعي تي مدرسه صبغته الفيض سڪندريه اورينٽل ڪاليج ڳوٺ سومر فقير هنڱورو شهدادپور جي انتظاميه طرفان ”تعليمي سيمينار“ 13 ڊسمبر بروز ڇنڇر ساڍي 11 بجي شروع ٿيو. فجر نماز کان بعد فقير سائين جي جامع مسجد ۽ آخري آرامگاهه تي استادن ۽ شاگردن فقير سائين عبدالباسط فقير سائين حاجي عبدالرحيم هنڱورو، علامه عبدالحڪيم سومرو سڪندري صاحبن سان گڏجي قرآن ڪريم جا ختم شريف پڙهيا ۽ درود پاڪ جو ورد جي سعادت حاصل ڪئي. استاد علامه عبدالحڪيم سڪندري پنهنجي باهمت شاگردن سان گڏ حاجي فقير عبدالرحيم هنڱورو جي نظرداري ۾ جلسي گاهه جو شاندار انتظام اهتمام ڪيو، پنڊال سجايو سينگاريو سٺو سٽاءَ ڪرڻ فرمايو.

    مولانا عبدالحڪيم سومرو سڪندري، غلام مصطفيٰ ڏاهري سڪندري۽ قادري عبدالقدير سڪندري جن جلسي گاهه پنڊال جو نظم ونسق سهڻي نموني سيٽ ڪيو. فقير سائين عبدالباسط جي دعوت تي عالم اسلام جو فخر ۽ سنڌ جو سپوت علمي شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر علامه غلام عباس قادري سڪندري ازهري خطيب صفه جامع مسجد فيڊرل بي ايريا مهتمم اداره علوم اسلامي ڪراچي وزيٽنگ پروفيسر جامعه ڪراچي مصنف ڪتب ڪثيره شال الله کين سکيو سلامت ستابو دراز عمر وارو فرمائي. 11 بجي ڌاري مولانا سيد فاروق احمد شاهه لڪياري سان ۽ فقير عبداللطيف هوت فقير سان گڏ، ڪاليج انتظاميه آفيس پهتا. فقير سائين عبدالباسط ۽ فقير الله ورايو سڪندري، فقير شفيع محمد لغاري، معزز مهمان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. مدرسته صبغته الفيض جا شاگرد فقير سائين انجنيئر عبدالباسط هنڱورو ۽ سائين عبدالحڪيم سڪندري جي نگراني ۾ آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ۽ خوش آمديد چوندا، انهن کي سيٽن تي ويهاريندا ويا، 11:40 تي جلسه گاهه ماڻهن شاگردن شاگردياڻين سان ڀرجي ويو، معزز مهمان جلسه گاهه ۾ ويهي ويا، فقير عبدالباسط هنڱورو جي زير صدارت پروگرام شروع ٿيو. تلاوت قرآن علامه قادري عرفان الله سهتو سڪندري فرمائي، نعتون ۽ منقبت حافظ محمد فيضان قادري، فقير محمد خان سهتو، حافظ محمد اسلم ٻگهيو، مولوي صدام حسين ڪلوڙ، مولوي شفقت حسين ۽ قاري بلال ظفر جن پڙهيون. آيل معزز مهمانن جو آڌر ڀاءٌ ۽ صدارتي خطبي لاءِ راقم الحروف (فقير الله ورايو سڪندري اسٽيج سيڪريٽري) حضرت علامه انجنيئر فقير سائين عبدالباسط هنڱورو سڪندري کي دعوت ڏني. فقير سائين مسنون خطبي بعد علامه غلام عباس قادري سڪندري ۽ سمورن آيل معزز مهمانن کي دل جي گهراين سان وڌايون ڏنيون ۽ فرمايو ته حضرت قبلا پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني رحمته الله عليه جن علم ۽ عالمن جا قدردان، همت افزائي فرمائڻ وارا هئا. جڏهن به سندن خدمت ۾ عالم اهل علم ايندا هئا ته پاڻ خود انهن جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. سائين مفتي محمد رحيم سڪندري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت سندن شفقتن علم جي عزتن متعلق منظر حيرت انگيز سبق آموز هدايت افروز هئا، هيڪر سندن طبع ناساز هئي ڊاڪٽر صاحب بلوچ کين زيارت لاءِ عرض گذارش پيش ڪرايو. پاڻ اٿي مليا ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي صوفي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ فرمايو ڊاڪٽر صاحب عرض ڪيو ته قبلا سائين وچين تي روزو ڪو نه ٽوڙبو. پاڻ مون کي (فقير عبدالباسط کي) حڪم فرمايائون ته ويجهو آءُ، مان سندس حضور۾ قريب ٿيس پاڻ ڪريم جن منهنجي ڪلهي تي هٿ مبارڪ رکي بيٺا رهيا، ڪي ويهه منٽ کن ڊاڪٽر بلوچ سان مخاطب رهيا، علمي گفتگو فرمائيندا رهيا. اها سندن علم کي عزت بخشڻ هئي، اهڙا هزارين مثال سندن زندگي سان منسوب آهن. سندن زندگي ۾ هزارين ڪمالات آهن، جن جي باري ۾ جيڪي ڳالهايو وڃي اهو گهٽ آهي. پاڻ علم جا شائق ۽ ڪتابن سان عشق رکڻ وارا هئا، هر وقت ملڪ و ملت جي بهتري ۽حرجماعت جي ترقي بهتري لاءِ سوچيندا ۽ خدمت فرمائيندا رهندا هئا.

    سندن علم دوستي جا مظهر جامعه راشديه ۽ ان جون برانچون آهن، اسان سندن عرس شريف جي حوالي سان هيءَ تعليمي سيمينار به سندن علم جي محبت ۽ اهميت لاءِ رکيو آهي، اسان معاشري کي سندن ڏنل نصيحتن هدايتن مطابق علم ۽ حسن علم جو گهوارو بڻائڻ لاءِ استادن شاگردن دوستن احباب سميت ڪوشان آهيون، اسان جي هيءَ ڪاوش اميد اهل علم وٽ مان لهندي سائين فقير عبدالباسط جن نهايت اهم علمي ڳالهيون سامعين اڳيان ڪيون. ان کانپوءِ مدرسه صبغته الفيض ۽ سڪندريه اورينٽل ڪاليج جي مولوي عربي، مولوي عالم عربي، مولوي فاضل عربي جي طلبه ۽ طالبات جاتقريري تعليمي سيمينار بابت خطاب ٿيا. محترمه فاطمه مصطفائي اردو۾ تقرير ڪندي چيو ته سڪندريه ڪاليج اسان جي لاءِ اميد جي روشني جو ڪرڻو ۽ لاٽ آهي، جتان اسان عالم فاضل جا امتحانات ڏئي پنهنجو مستقبل سنواريون پيون، فقير سائين عبدالباسط مبارڪ جي لائق آهن، نياڻين جي تعليم لاءِ سڪندري سرگرميون حوصله بخش آهن، ادي مرڪ شفيع محمد خان لغاري بلوچ، سيمينار ۾ انگريزي ۾ تقرير ڪندي چيوته اسان کي اعليٰ حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمته الله عليه جي ڏنل تعليمي ورثي سان محبت آهي، اسان علم لاءِ ڪوشان آهيون، علم انسان کي بلندي بخشي ٿو. اهڙا پروگرام سجاڳي جو ذريعو آهن، ادي ياسمين لغاري به سٺن خيالن جي اظهار ڪيو. ادي جويريه محمد اقبال ملڪ اردو ۾ تقرير ڪئي. ڪاليج انتظاميه جي اعليٰ ڪارڪردگي ۽ تعليم لاءِ جاکوڙ کي ساراهيو ۽ نياڻين ديني تعليم عقائد اهل سنت تي پابندي ۽ اعليٰ حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمته عليه جي روشن علم جي ادارن جي واکاڻ ڪئي. شاگردن ۾ ميان احمد ڏاهري علم عالمن سڪندريه ڪاليج فقير سائين عبدالباسط جي خدمت تي سٺو ڳالهايو ۽ هي سڀ فيض و برڪت اعليٰ حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاهه رحمته الله عليه جو آهي، فقير شهزاد احمد لغاري چيو ته علم هر مرد ۽ عورت کي حاصل ڪرڻو آهي، علم نور آهي، علم انسان جي بلندي ۽ اعليٰ ترقي لاءِ ضروري آهي. فقير سائين عبدالباسط کي عرس مبارڪ جي موقعي تي تعليمي سيمينار منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

    فقير سائين انجنيئر عبدالباسط جي فرزند ارجمند فقير خليل احمد هنڱورو انگريزي ۾ تقرير ڪندي قبلا پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاهه رضه الله عليه جي ابتدائي زندگي عملي ڪاوشن تي روشني وڌي چيو ته پاڻ هميشه زندگي کي بامقصد نياڻين لاءِ هر هڪ جي رهبري فرمائيندا هئا، مولوي جهان زيب ملڪ اردو ۾ تقرير ڪري داد ماڻيو، ان کانپوءِ راقم الحروف (فقير الله ورايو سڪندري) تعليمي سيمنار قبلا پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمته الله عليه الحاج فقير سائين عبدالحڪيم هنڱورو رحمته الله عليه جن جي ديني قومي خدمتن تي خيالن جو اظهار ڪيو. بعد ۾ عالم اسلام جي نامياري هاڪاري عالم، مبلغ اسلام، مصنف ڪتب ڪثيره علامه ڊاڪٽر پروفيسر غلام عباس قادري سڪندري ازهريءَ ڪراچي دامت برڪاتهم العاليه کي خطاب لاءِ دعوت ڏني. الله اڪبر يا رسول الله حق چار يار ڀيڄ پاڳارا جي نعرن جي سرهاڻ ۾ علامه صاحب جن جي آڌر ڀاءٌ ڪئي وئي، محفل تي مڪمل خاموشي سڀ سامعين همه تن گوش هئا، علامه صاحب جن عالمانه مسنون خطبي دعائيه ڪلمات بعد فرمايو ته علم وارا ئي الله کان ڊڄن ٿا، ان آيت جي معنيٰ بعد پاڻ فرمايائون ته تمهيد عرض آهي ته اڄ جنهن اسان جي عظيم المرتبت و عظيم الشان روحاني رهبر قبلا سيد شاهه مردان شاهه ثاني رحمته الله عليه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اسان علم جي مجلس ۾ گڏيا آهيون، مان عرض ڪيان ته اسان جوتعارف به حضرت پير سائين پاڳارا ڇٽ ڌڻي بادشاهه رحمته الله عليه جن سان علم ڪتابن جي حوالي سان ٿيو، سندن علمي روحاني شخصيت علم دوستي علم ۽ عالمن جي قدردان هوندي هئي، پاڻ هميشه علم وارن کي اڻ کٽ عزتن سان نوازيايون ڪتابن عالمن اهل فضل جادل سان پاڻ دعاڳو مداح رهيا، جڏهن به عالمن کي زيارت دعائن ملاقات ڪتابن ڏيڻ وٺڻ تحفا پيش ڪرڻ وارن کي ٽائيم جي بنا دير مهرباني فرمائيندا هئا ته ان دوران ڪيترا به وڏا ماڻهو ڇو نه اچن، اهي عرض ڇو نه ڪرائين، پر پاڻ هميشه علم جي قدرداني کي اوليت ۽ مٿانهون مان ڏيڻ ئي فرمائيندا هئا. اهو اسان جو ذاتي ۽ سڀني علم وارن جو به مشاهرو رهيو آهي، سندن ذات ملڪ و ملت لاءِ پاسبان رهي آهي، سندن فيضان سڀني لاءِ عام هيو، پاڻ ملڪ ۾ تمام وڏي مرتبي وارا هيا. امير غريب حڪمران سڀ سندن سلامتي ۽ دعا طلبيءَ لاءِ ايندا هئا، شال الله تعاليٰ سندن جنت الفردوس ۾ بلند درجا فرمائي، سندن جامعه ۽ ان جون برانچون ۽ هي ديني ادارو جنهن جي خدمت سعادت فقير علامه عبدالباسط هنڱورو صاحب حاصل ڪري ر هيا آهن. تعليمي سيمينار لاءِ فقير الله ورايو سڪندري جي معرفت فقير سائين محترم عبدالباسط جن جي دعوت مون کي ملي مون خوشي سان قبول ڪئي ۽ سانگهڙ منهنجو مادر علمي آهي، مان هن ضلعي سان دلي لڳاءُ رکان ٿو۽ فقير سائين جي فيملي ۽ خدمتون مون کي هر وقت ياد رهن ٿيون.

    سائين عبدالباسط پاڻ ذي وقار عالم فاضل انجنيئر ۽ بصيرت جا صاحب آهن،سندن خدمتن کي مڃتا ڏيڻ اسان لاءِ ضروري آهي، علم حڪمت دانائيءَ ۽ بلندي جو باعث آهي، رسول اڪرم صه انسانيت جا محسن ۽ معلم بڻجي آيا، انسانيت کي امت مسلمه کي علم جو معراج نصيب ٿيو، اسان جديد دور جي هر تقاضا کي حاصل ڪري امت ۽ انسانيت اڳيان دين اسلام جي صحيح جامع تصوير ۽ عمل جو مثال پيش ڪريون. جديد علوم ۾ به مهارت حاصل ڪريون، هن دور ۾ جديد علوم کان بي خبري اسان کي پوئتي هٽائي ڇڏيندي علم ۽ تحقيق جا دروازا بند نه ڪبا آهن، دنيا مشاهد ۽ تجربي سان اسلام ڏانهن وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته جرمني جو هڪ سائنسدان عربي ٻولي سکڻ لاءِ جامعته ازهر مصر آيو اتي عربي سکيو اتي هن گهڻو ڪجهه سکيو، هن هڪ حديث هيءُ به پڙهي ته جنهن به ٿانون ۾ ڪتو چٽي پي وڃي ته ان کي ڇهه ڀيرا ڌوئو ۽ هڪ دفعو مٽي سان ملبو مانجهيو وڃي ته پاڪ ٿيندو ان سائنسدان پنهنجي ملڪ وڃي ڪتي جي اوباري ۽ چٽيل ٿانون کي ڇهه ڀيرا پاڻي سان ڌوتو پوءِ وڃي ليبارٽري ۾ ان کي ٽيسٽ ڪيائون ته ان ۾ اڃا جراثيم موجود هئا، وري ان سائنسدان رسول الله صلي الله عليه وسلم جي فرمايل طريقي سان ڌوتو ڇهه /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر1

    ڀيرا ۽ هڪ دفعو مانجهو مٽي سان پوءِ صاف ڪري ان کي وڃي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ڪيائين ته برتن ٿانون بلڪل صاف هيو ان ۾ ڪو به جراثيم نه هيو. هن سائنسدان چيوته اسان کي 20 ويهين صدي ۾ تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته مٽيءَ ۾ فاسفورس آهي، جيڪو جراثيم ڪش آهي اها دريافت سائنسدانن ويهين صدي ۾ ڪئي آهي، اڄ کان چوڏهن سئو سال پهريائين سيدنا محمد رسول رسول الله صه جيڪا ڳالهه فرمائي آهي اها يقينن پڪ سان پاڻ سڳورن صه کي الله تبارڪ و تعاليٰ سيکاري آهي، پوءِ اهو سائنسدان جامعه ازهر مصر آيو اتي عالمن اڳيان پنهنجي سڀ حال حقيقت عرض رکي مسلمان ٿيو، سبحان الله اهڙي طرح سان ڊاڪٽر صاحب عالمن فاضل شاگردن کي علم جي تحقيق واري ميدان ۾ ريسرچ جستجو محنت بابت بصيرت افروز بيان ڪيو، جيڪو روح جي راحت، سنڌ جي عالمن عوام لاءِ علمي سوغات آهي، ان خطاب بعد شاگردن ۾ ايوارڊ ورهايا ويا.

    علامه انجنيئر فقير سائين عبدالباسط هنڱورو سڪندري پروفيسر علامه عباس قادري هنن شاگردن قاري عرفان الله سهتو سڪندري حسن قرات، قاري فيضان قادري حسين نعت، محمد اقبال اديب سنڌي، پوزيشن ايوارڊ، عرفانه طالبه اديب سنڌي پهرين پوزيشن بورڊ ۾ اقرا مولوي عالم ۾ ٻي پوزيشن بورڊ ۾ فاطمه ۽ جويريه تقريرن ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي اعليٰ ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنا. خاص مهمان علامه عبدالحڪيم سومرو سڪندري عبدالقدير سڪندري فضل محمد رڏ سڪندري غلام مصطفيٰ سڪندري، مفتي قاري عبدالرحيم نقشبندي، مفتي عبدالرزاق سڪندري، حاجي علي نواز سڪندري، علامه عبدالغفور خاصخيلي سڪندري، مولانا محمد معروف قادري، سيد مولانا فاروق احمد شاهه لڪياري، فقير محمد موسيٰ، فقير عبداللطيف، فقير حاجي عبدالرحيم، فقير عبدالعليم هنڱورو، حافظ وڪيل احمد سڪندري، محمد ياسين، نظام الدين هنڱورو، فقير شفيع محمد لغاري، فقير ڪامل سومرو، فقير رضا محمد مهر، فقير اسحاق هنڱورو، فقير مشتاق احمد قادري، ثابت علي هنڱورو، منير احمد لغاري بلوچ، مولوي محمد موسيٰ جمالي سڪندري جن هئا. فقير حاجي عبدالرحيم هنڱورو، فقير غلام عباس، فقير محمد اسلم، فقير شاهه زيب، فقير عبدالغفار فقير عبداللطيف هنڱورو، فقير سائين جي فيملي مدرسه ۽ سڪندريه ڪاليج انتظاميه پروگرام جو انتظام ڪيو. انجمن طلباءَ سڪندريه مدرسه صبغته الفيض جمعيت علماءِ سڪندريه جا اڳواڻ مولانا عبدالحڪيم سومرو سڪندري ۽ ٻيا انتظامي امور سرانجام ڏيندا رهيا. علامه ڊاڪٽر غلام عباس صاحب کي اعليٰ ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ۽ اجرڪ جو تحفو علامه انجنيئر فقير عبدالباسط جن پيش فرمايو. سيد فاروق شاهه کي ڀائو محمد موسيٰ هنڱورو اجرڪ پارائي ۽ پڻ مفتي عبدالرحيم نقشبندي کي به اجرڪ پارائي ۽ سائين عبدالباسط مفتي عبدالرزاق سڪندري کي به اجرڪ پارائي.

    آخر ۾ قل خواني سوره فاتحه ۽ درودپاڪ پڙهائي، اعليٰ حضرت محسن ملڪ و ملت قبلا پير سائين شاهه مردان شاهه رحمته الله عليه جي روح اقدس کي ايصال ثوابت لاءِ دعا پروگرام جي روح روان ۽ چيف آرگنائيزر فقيرعبدالباسط ۽ علامه ڊاڪٽر غلام عباس فرمائي 2 بجي آرگنائيزر فقير عبدالباسط ۽ علامه ڊاڪٽر غلام عباس جن فرمائي، 2 بجي پروگرام اختتام پذير ٿيو. نظامت اسٽيج سيڪريٽري جا امور فقير الله ورايو سڪندري ناظم اطلاعات جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان سرانجام ڏنا. سيمينارجي پڄاڻي تي آيل معزز مهمانن ۽ سامعين حرجماعت سڳوري عوام اهل سنت کي لنگر ڪرايو ويو، معزز مهمانن فقير سائين سومر فقير سائين الحاج عبدالحڪيم هنڱورو رحمته الله عليهم جي آخري آرامگاهه تي فاتح پڙهي ايصال ثواب جون دعائون گهريون، الله تعاليٰ اسان سڀني مسلمانن کي علم جي نور سان نوازي آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو