هڪ دوست چيو اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سائنس موت تي فتح حاصل ڪندي ۽ انسان ڪڏهن بہ مري نہ سگهندو . سندس ڳالهہ ٻڌڻ کانپوءِ ڪا دير ٻوڏاري ۾ پئجي ويس . منهنجي اندر چيو نہ انسان کي مرڻ بہ گهرجي ، انسان جو مرڻ ضروري آهي بلڪل ائين جيئن سندس ڄمڻ . مان انسان جي جيئاپي جو قائل آهيان پر اوسين تائين جيسين تائين مٿس طبعي موت نٿو اچي ، موسمن کي پنهنجي وقت تي بدلجڻ گهرجي . مان انسان کي ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو پر منفي انداز ۾ نہ ، هميشہ لاءِ جيئڻ جو تصور مون لاءِ منفي ئي آهي . جيڪڏهن سائنس اهڙي ترقي ڪري بہ وڌي تہ انسان ڌرتيءَ تي بوجهہ ڌرتي ڪنهن سوڙهي ڪمري جيئن ٿي ويندي . مان انسان کي موت تي نہ ، بک تي ، مفلسي ۽ بيوسيءَ تي فتح حاصل ڪندي ڏسڻ ٿو چاهيان. طارق عالم ابڙو