• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائنس ۽ موت

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
هڪ دوست چيو اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سائنس موت تي فتح حاصل ڪندي ۽ انسان ڪڏهن بہ مري نہ سگهندو .
سندس ڳالهہ ٻڌڻ کانپوءِ ڪا دير ٻوڏاري ۾ پئجي ويس .
منهنجي اندر چيو
نہ انسان کي مرڻ بہ گهرجي ، انسان جو مرڻ ضروري آهي بلڪل ائين جيئن سندس ڄمڻ .
مان انسان جي جيئاپي جو قائل آهيان پر اوسين تائين جيسين تائين مٿس طبعي موت نٿو اچي ، موسمن کي پنهنجي وقت تي بدلجڻ گهرجي .
مان انسان کي ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو پر منفي انداز ۾ نہ ، هميشہ لاءِ جيئڻ جو تصور مون لاءِ منفي ئي آهي .
جيڪڏهن سائنس اهڙي ترقي ڪري بہ وڌي تہ انسان ڌرتيءَ تي بوجهہ ڌرتي ڪنهن سوڙهي ڪمري جيئن ٿي ويندي .
مان انسان کي موت تي نہ ، بک تي ، مفلسي ۽ بيوسيءَ تي فتح حاصل ڪندي ڏسڻ ٿو چاهيان.
طارق عالم ابڙو
 
Back
Top