• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروفيسر اڪرم انصاري : شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
j4uxMXs5sZtJD.jpg


پروفيسراڪرم انصاري : شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ


شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ، پروفيسر اڪرم انصاري، پهرين جنوري 1925ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزيتعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان 1943ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ 1948ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1946ع کان 1950ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. جلد ئي انٽرميڊيئيٽ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ 1958ع ۾ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. 1973ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. انصاري صاحب حيدرآباد تعليمي بورڊ جو چيئرمئن، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو چيئرمئن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان 1984ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ 31 ڊسمبر 1984ع تي وفات ڪري ويو. انصاري صاحب کي شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ پيغام تي ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “Latif and the Modern World” (1970ع)، ’سُر کنڀات ۽ قرآني تعليم‘، “Symbolism in the Poetry of Shah Latif” (1983ع) قابل ذڪر آهن .

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
 
Back
Top