ڏوھ !

'مختلف موضوع' فورم ۾ شاهنواز ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2014۔

  1. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    پاڻ ڏوھي آھيون ! ان ڪري به جو پاڻ ڪنھن به اک ۾ ڳوڙھو ڏسڻ پسند ناھي ڪيو ، پاڻ ڏوھي آھيون ، ان ڪري به جو پاڻ پيار کي ڳلي ڳلي ۾ ڳوليو آھي . اھو ڏوھ ڀٽائي کان اياز تائين پاڻ کي ورثي ۾ مليو آھي ، پاڻ ڪنھن به نچڻي جو ھٿ رپيو ڏئي پنھنجي ھٿن ۾ وٺي عشق کي رسوا ، اگھاڙو ۽ پيار کي بازاري ناھي ڪيو ، پاڻ ويڪو اکين سان ، ويڪو ضميرن سان نفرت ڪئي آھي . پاڻ بيشيڪ ڏوھاري آھيون ڇو جو ھن سماج ۾ انھن شين کي ڏوھ سمجھيو ويندو آھي ، روح تي زخم کائي مرڪندڙ ماڻھن جي جيون ڪتاب ۾ لفظ "مايوسي " لکيل ئي ناھي ھوندو ، ۽ پاڻ به مايوس ناھيون ٿيا !

    ايوب کوسو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا عشق ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪيو ويندو آهي ؟؟؟ ڇا جيڪو اڄڪلهه عشق ڪيو ٿو وڃي ان عشق سان انسان جي عزت ٿيندي ؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جي بلڪل سچ سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    ادا راشد علي اسان وٽ اڄڪلھه جيڪومجموعي طور عشق ڪيو وڃي ٿو ان ۾ عزت نه پر بدنامي پلي پئي ٿي ڇو ته عشق جو محور ته اِ ھو آھي ته جنھن اکين کي اھي انداز ارپي ڇڏيا جو جتي ڏٺائون ته سُڃ ڪري وڌائون ! جنھن جذبن کي اھو جوڀن ڏئي ڇڏيو جو ٽاڪ منجھند کي به جُھڙ ڀانئڻ لڳا ! چاندني ڪنھن جا پير کڻي ٿي ، محبتون ڪندڙماڻھن لا اِھو ڄاڻڻ ڪو گھڻو اوکو به ڪونھي !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو