شاهنواز ٽالپر
سينيئر رڪن
پاڻ ڏوھي آھيون ! ان ڪري به جو پاڻ ڪنھن به اک ۾ ڳوڙھو ڏسڻ پسند ناھي ڪيو ، پاڻ ڏوھي آھيون ، ان ڪري به جو پاڻ پيار کي ڳلي ڳلي ۾ ڳوليو آھي . اھو ڏوھ ڀٽائي کان اياز تائين پاڻ کي ورثي ۾ مليو آھي ، پاڻ ڪنھن به نچڻي جو ھٿ رپيو ڏئي پنھنجي ھٿن ۾ وٺي عشق کي رسوا ، اگھاڙو ۽ پيار کي بازاري ناھي ڪيو ، پاڻ ويڪو اکين سان ، ويڪو ضميرن سان نفرت ڪئي آھي . پاڻ بيشيڪ ڏوھاري آھيون ڇو جو ھن سماج ۾ انھن شين کي ڏوھ سمجھيو ويندو آھي ، روح تي زخم کائي مرڪندڙ ماڻھن جي جيون ڪتاب ۾ لفظ "مايوسي " لکيل ئي ناھي ھوندو ، ۽ پاڻ به مايوس ناھيون ٿيا !
ايوب کوسو
ايوب کوسو