هر دفعي هر سال جيان اڄ به نئين سال جي آجيان ھڪ منفرد ۽ نئين ۽ نهايت ئي خوبصورت انداز سان ڪئي ويندي سال جي بهتري لاءِ خاصن خاص دعائون پڻ گهريون وينديون . جيڪي صدما “”2014 “”۾ رسيا ۰ دل آزاريندڙ واقعن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪبي. نئين سال ۾ نئين اميدن جا نوان ڏيئا ٻاربا. رب ڪريم کان دعا آهي. ته سالَ 2015 اسان سڀني جي لاءِ ڪڪارائتو ثابت ٿيندو. اڌ ۾ رهجي ويل ڪم انشاء الله هن سال ضرور پورا ٿيندا. آمين ثم آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت
هئي هئي ڊسمبر، تون به نيٺ موڪلائي وئين منهنجي يار وانگي... تون وري ڪڏهن ايندين ؟ اها خبر اٿم، پر ايترو طويل انتظار !!!! آخر ڪير جيئرو رهندو؟ آئون ؟؟؟ نه توبن ڪڏهن به جيئرو نه رهي سگهندس.. او ڊسمبر... ڪاش تون سدائين لاءِ هُجين ها، تنهنجو اچڻ ۽ منهنجي سهڻيءَ جو اچڻ مونکي برابر لڳندو آهي ۽ تنهنجو وڃڻ به مونکي منهنجي سهڻيءَ جي وڃڻ وانگي ٿو لڳي، تو وئين... تون وئين... او ڊسمبر! تنهنجي اچڻ سان عاشقن جي دل ۾ پيار اُڀري اٿي ٿو، عشق نئين پوشاڪ پهري ٿو، ڪڏهن جُدائيءَ ۾ ڪاري ته ڪڏهن پيار ۾ ڳاڙهي.. تنهنجي هر ادا نرالي آ، هڪڙن کي پنهنجي هنج ۾ خوش ڪرين ٿو ته ٻين کي پنهنجي ئي هنج ۾ رُئاڙين ٿو.. پر ڊسمبر تون سنڌ امڙ مٿان جيڪا سائي چادر وڇائي وڃين ٿو ته اها چادر تو جهڙو ٻيو ڪوبه نٿو وڇائي سگھي، پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ اپريل پاڻ مٿان سائي چادر لاهي ڇڏي ٿو.. ڊسمبر جي حياتي هوندي ته هي اکڙيون آتيون رهنديون، دلڙي ماندي رهندي، جذبا سوچن ۾ رهندا ته ڪڏهن ٿو تون اچين ۽ منهنجي سهڻيءَ کي ٻيهر منهنجي ڀاڪرين ۾ آڻين.. او ڊسمبر ڪاش تون نه وڃين ها، هميشه لاءَ رهين ها.... فقط تنهنجو عبيدٿهيم