ابو جواد
سينيئر رڪن
سڌريل ملڪن ۾ اها رسم هوندي آهي ته نئين سال جي شروعات ۾ ان سال کي هڪ عنوان بخشيندا آهن پوءِ پورو سال ان عنوان تحت سيمينار ۽ گڏجانيون منعقد ڪرائي ان عنوان بابت گهڻ رخي ڄاڻ حاصل ڪري مشڪلاتون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مثال طور هڪ سال جو نالو رکندا آهن هارپي جو سال ان پوري سال ۾ ان ملڪ جي ماڻهن جي هارپي تي خاص توجهه رهندي آهي. ملڪ ۾ ان عنوان تي سيمينار منعقد ڪرائيندا آهن، گڏجاڻيون ڪوٺائيندا آهن ۽ عملي لحاظ کان هارپي جي مشڪلات کي ختم ڪرڻ ۽ هارپي جي سهوليات کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻندا آهن.
سنڌ سلامت جي منتظمين خاص طور تي ذيشان رشيد، سليمان وساڻ، عبد الحفيظ لغاري ۽ نثار ابڙو کي به اهو ئي عرض ڪندس ته سال جي شروعات ۾ هڪ عنوان انتخاب ڪريو. پورو سال خاص توجهه ان عنوان تي مرڪوز رهي. دوست ان عنوان تي پنهنجون تحريرون موڪلين. ان طرح سان هڪ سال ۾ اسان ڪنهن هڪ عنوان تي وڌ کان وڌ معلومات جمع ڪري، مختلف راين گان آگاهي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ گهڻ رخي معلومات کان پوءِ ان مسئلي يا ان جهڙن ٻين مسئلن کي گڏيل جدوجهد سان حل ڪرڻ لاءِ عملي اپاءُ وارو ميدان مهيا ڪري سگهون ٿا. مثال طور سال 2015 کي سنڌي قوم جي فڪري پرورش جو سال قرار ڏجي ۽ پورو سال فورم تي ان موضوع تي خاص توجهه مرڪوز رهي.
منهنجي خيال ۾ پنهنجي ادبي ڪمزوري سبب آءُ ان موضوع کي چڱي ريت بيان نه ڪري سگهيو آهيان جيڪڏهن فورم منتظمين کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته اهي ان موضوع کي وڌيڪ واضح ڪري بيان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي راءِ به ڏيندا ته سندن مهرباني.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: