سنڌ سلامت جي منتظمن کي هڪ گذارش

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ابو جواد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2015۔

  1. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    سڌريل ملڪن ۾ اها رسم هوندي آهي ته نئين سال جي شروعات ۾ ان سال کي هڪ عنوان بخشيندا آهن پوءِ پورو سال ان عنوان تحت سيمينار ۽ گڏجانيون منعقد ڪرائي ان عنوان بابت گهڻ رخي ڄاڻ حاصل ڪري مشڪلاتون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مثال طور هڪ سال جو نالو رکندا آهن هارپي جو سال ان پوري سال ۾ ان ملڪ جي ماڻهن جي هارپي تي خاص توجهه رهندي آهي. ملڪ ۾ ان عنوان تي سيمينار منعقد ڪرائيندا آهن، گڏجاڻيون ڪوٺائيندا آهن ۽ عملي لحاظ کان هارپي جي مشڪلات کي ختم ڪرڻ ۽ هارپي جي سهوليات کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻندا آهن.
    سنڌ سلامت جي منتظمين خاص طور تي ذيشان رشيد، سليمان وساڻ، عبد الحفيظ لغاري ۽ نثار ابڙو کي به اهو ئي عرض ڪندس ته سال جي شروعات ۾ هڪ عنوان انتخاب ڪريو. پورو سال خاص توجهه ان عنوان تي مرڪوز رهي. دوست ان عنوان تي پنهنجون تحريرون موڪلين. ان طرح سان هڪ سال ۾ اسان ڪنهن هڪ عنوان تي وڌ کان وڌ معلومات جمع ڪري، مختلف راين گان آگاهي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ گهڻ رخي معلومات کان پوءِ ان مسئلي يا ان جهڙن ٻين مسئلن کي گڏيل جدوجهد سان حل ڪرڻ لاءِ عملي اپاءُ وارو ميدان مهيا ڪري سگهون ٿا. مثال طور سال 2015 کي سنڌي قوم جي فڪري پرورش جو سال قرار ڏجي ۽ پورو سال فورم تي ان موضوع تي خاص توجهه مرڪوز رهي.
    منهنجي خيال ۾ پنهنجي ادبي ڪمزوري سبب آءُ ان موضوع کي چڱي ريت بيان نه ڪري سگهيو آهيان جيڪڏهن فورم منتظمين کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته اهي ان موضوع کي وڌيڪ واضح ڪري بيان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي راءِ به ڏيندا ته سندن مهرباني.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جنوري 2015
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي صلاح وڻي .... سچ ته خوشي ٿي.

    دوستن جو انتظار آهي ته اهي به پنهنجا رايا ڏين. مان سمجهان ٿو سڀ کان اڳ اسانکي تعليم جو عنوان چونڊڻ گهرجي. ان سان گڏ اهي تحريرون خاص طور شامل ڪجن جنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي اسڪالرشپ ذريعي وڌ کان وڌ ٻاهرين دنيا مان تحقيق ڪري اچڻ گهرجي.

    اها منهنجي راء هئي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا مان سليمان وساڻ صاحب جي رآ سان سو فيصد متفق آهيان.
     
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا ابو جواد صاحب توهان تمام بهترين صلاح ڏني آهي جيڪر دوست هن کي سنجيدگي سان وٺن ته تمام بهتر ئي ٿيندو وڌيڪ انتظاميه جا دوست پنهنجي راء ڏئي سگهن ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    منهنجي خيال ۾ ته ائين نه ڪجي ته چڱو آهي.ائين ڪرڻ سان هن فورم جي وسعت ۾ ڪمي اچي ويندي.
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ايئن ڪرڻ سان فورم جي وسعت تي ڪنهن به قسم جي ڪا به ڪمي ڪو نه ٿيندي ، اسانجي حڪومتن ۽ ادارن جو حال پورو آهي ، تعليم سان گڏوگڏ هر پهلو تي پاڻ کي سندرو ٻڌي ڪم ڪرڻ گهرجي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن ، جنهن لاءِ سيمينار ڪوٺايا وڃن ۽ عملي ميدان ۾ به پنهنجي مدد پاڻ تحت هر ڳوٺ ۾ ڀلائي واري تنظيم هجي جيڪا سماجي ڪم ڪري!
     
  7. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    شايد توهان هن جي باري ۾ آهيو.
    (وڊيو پوري ڏسو)

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو