بنا ڪلينڊر جي ڪنهن به مهيني جي ڏينهن جو تعداد معلوم ڪريو..

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
هر مهيني جي ڪُل ڏينهن جو تعداد ياد رکڻ ايترو سولو ناهي، پر هن اٽڪل کان پوءِ اوهان بنا ڪلينڊر ڏسڻ جي ڪنهن به مهيني جي ڪُل ڏينهن جو تعداد ٻڌائي سگهندئو.

هٿن جو مُٺيون بند ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيو مٺين جي اُڀريل حصن (ڏوڏين) ۽ انهن جي وِٿين کي مهينن جا نشان لڳايو (ٿوري مشق کان پوءِ اوهان کي نشان لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي، خيالي نشان لڳائي سگهندئو). هاڻي جيڪو مهينو اُڀريل حصي تي هوندو ان جا 31 ڏينهن ٿيندا ۽ وٿيءَ وارن مهينن جا 30 ڏينهن ٿيندا.
---
نوٽ: فيبروريءَ ۾ 28 يا 29 ڏينهن ٿيندا آهن.
10614363_1603416043215510_2407734120730382007_n.png
 
Back
Top