جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾. ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾.. رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ، رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾! هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا، مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾.. بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو، رات ترسي وڃو هن بيابان ۾.. عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان، هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾.. ...شيخ اياز...
ادا عبدالسلام! مهرباني ڪري سنڌي درست لکندا ڪريو ڀا ناراض نه ٿجو، پر جي ڪنهن پنهنجي کي ايئن پنهنجي ٻولي غلط لکندي ڏسون ٿا ته تڪليف ٿئي ٿي