جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.

ابو مُرڪ

سينيئر رڪن
جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.
ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾..

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾!

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾..

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾..

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾..

...شيخ اياز...
 
ادا عبدالسلام! مهرباني ڪري سنڌي درست لکندا ڪريو
ڀا ناراض نه ٿجو، پر جي ڪنهن پنهنجي کي ايئن پنهنجي ٻولي غلط لکندي ڏسون ٿا ته تڪليف ٿئي ٿي
 
Back
Top