• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاريخي حقيقتن کي نه مروڙيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مونکي هڪ ڪامريڊ (ڪامريڊ کوسو) جي وال تي اهي رمارڪس پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو جنهن ۾ سندس فرمان آهي ته سنڌ جي مسلمانن کي پڙهيل ڳڙهيل هندوئن کي ڀڄائي ڇڏيو، انهيءَ بنياد تي ته هتان کان اسان جا مسلمان ڀاءَ ايندا ـ.......
انهيءَ ڪامريڊ صاحب کي خبر ناهي ته سنڌي مسلمانن ڪڏهن به سنڌي هندوئن کي ڪونه ڀڄايو هو، اهو هڪ تاريخي ڪوڙ آهي جيڪو هن هنيو آهي ـ
مون ممبائي (اڳ بمبئي) ۾ مشهور سنڌي دانشور ۽ اسڪالر پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو اڍائي ڪلاڪ انٽرويو سندس گھر تي رڪارڊ ڪيو هو جنهن ۾ هن سنڌي مسلمانن جي رويي جي زبردست واکاڻ ڪئي هئي ۽ سنڌ جي سڀني مکيه سياستدانن جا نالا وٺي چيائين ته هنن کيس هندوستان وڃڻ کان جھليو هو ـ پر پوءِ چيائين ته ڪجھه حالتون اهڙيون پيدا ٿي پيون جنهن ڪري سال 1948 ۾ لڏڻو پيو ـ
درحقيقت هندوستان کان آيل مسلمانن يعني مهاجرن، سنڌي هندوئن کي ننڍي پيماني تي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ڪري هندو هتان هليا ويا هئا ـ منهنجي دبئي ۽ لنڊن ۾ مشهور سنڌي اديب موهن گيهاڻيءَ سان ملاقاتون ٿيون، سو به انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙيل هو ته سندس وڏڙن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نه گهرجي ها، جيڪڏهن ڌارين تنگ پيئي ڪيو ته ان کي برداشت ڪن ها ـ آخر ڪيترو نقصان ٿئي ها، گھٽ ۾ گھٽ لڏلاڻ واري غذاب کان ته گھٽ هجي ها؟
مان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ويو آهيان ۽ اتي سنڌين کي ڳولي ڳولي لهندو آهيان ۽ انهن سان حال احوال به اوريندو آهيان جن ۾ سنگاپور، هانگ ڪانگ، مليشيا، ڪينيا، آمريڪا، برطانيا، فلپائين، جاپان، نيڌرلينڊس، فرانس، جرمني، گڏيل ارب امارات، هندوستان، افغانستان، ايران وغيره شامل آهن پر ڪنهن به مون سان اهڙي شڪايت ڪانه ڪئي ته ڪو سنڌي مسلمانن هندوئن کي تڙي ڪڍيو هو ـ اٽلندو سڀني سنڌين مسلمانن جي رويي جي واکاڻ ڪئي هئي ـ
ممبائي ۾ لڇمڻ ڀاٽيا پنهنجي ممبائيءَ واري گھر ۾، مونکي ڌارين طرفان ڪراچيءَ ۾ ٿيل حملي دوران، هڪ سنڌي غنڊي جمعي مڪراني طرفان سندس حفاظت جو اچرج ۾ وجھندڙ قصو ٻڌايو هو جيڪو ڪنهن ٻئي وقت دوستن سان شيئر ڪندس ـ
مان دوستن ۽ خاص ڪري ڪامريڊن کي گذارش ڪريان ٿو ته هو مهرباني ڪري تاريخي حقيقتن کي نه مڙوڙن
 
دراصل اهو رويو مسلمانن سان ڪامريڊن جو انڪري آهي جو روس کي اسلام جي نالي تي گهڻو نقصان پهچايو ويو ان کي اسن به غلط ٿا چئون ته اهو غلط ٿيو آمريڪي تسلت ۾ جهاد غلط هو جيڪو اڄ ثابت ٿي چُڪو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته غلط ماڻهن جي روش سان دوست باقي سادا سنڌي مسلمانن کي بندام ڪن يا ن نالي تي اسلام کي بدنام ڪن اوهان جي مهرباني جو اوهان هتي اهو ونڊ ڪيو آهي.
 
Back
Top