قلعي جو دروازو کليو بادشاه سلامت وڏي انتظام سان پنهنجي حوارين،شڪاري ڪتن ۽ گھوڙن سميت ٻاهر نڪتو .سامهون هڪ ڪارڙي رنگ جو پورهيت مليس جنهن ادب مان سلام ڪيو .بادشاه شڪار تي روانو ٿيو. قدرت خدا جي سان بادشاه کي سڄو ڏينهن ڪو مناسب شڪار نه لڳو سو تمام خراب موڊ ۾ شام جو واپس پئي آيو ، وري به قلعي ٻاهران ساڳيو پورهيت نظر آيس. بادشاه هڪ نظر پورهيت تي وڌي گھوڙو روڪي رڙ ڪري چيائين ”اڙِي ساڳيو آهين نه جنهن صبح ساڻ مونکي سلام ڪيو“...”جي حضور مان ساڳيو آهيان“ پورهيت اميد مان وراڻيو ته شايد بادشاه کي منهنجي ڳاله وڻي آهي ۽ اجھو ٿو ڪو انعام ملي. ”وڏو ڪو منحوس آهين صبح صبح تنهنجو منهن ڏٺم سڄو ڏينهن شڪار نه مليو آهي“ ”هي منحوس آهي هن جو سر قلم ڪيو وڃي“ بادشاه اعلان ڪيو هليو ويو. بادشاه جا ڪارندا ويچاري کي کنڀي کڻي ويا.بئي ڏينهن صبح جو درٻار ۾ بادشاه جي سامهون سزا ڏيڻ جو وقت آيو .جلاد تيار.اشاري جو انتظار...... ”جيڪڏهن جان جي امان ملي ته هڪ آخري التجا ڪيان حضور“ پورهيت ڊڄندي چيو. ”ها چئو..هونئن به مرندڙ جي آخري خواهش پوري ڪبي آهي “ ”سائين اوهان صبح ساڻ منهنجو منهن ڏٺو اوهان کي ته رڳو شڪار نه مليو...مون مسڪين صبح ساڻ اوهان جو منهن مبارڪ ڏٺو آهي ته مورڳو موت ٿو ملي ....حضور هاڻي انصاف سان سوچيو ته منحوس مان آهيان يا توهان ؟“ بادشاه کان کل نڪري وئي ۽ پورهيت جي جان بخشي ٿي. قريشي شبير احمد جي فيسبوڪ وال تان ورتل