منحوس مان آهيان يا توهان ؟“

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    قلعي جو دروازو کليو بادشاه سلامت وڏي انتظام سان پنهنجي حوارين،شڪاري ڪتن ۽ گھوڙن سميت ٻاهر نڪتو .سامهون هڪ ڪارڙي رنگ جو پورهيت مليس جنهن ادب مان سلام ڪيو .بادشاه شڪار تي روانو ٿيو. قدرت خدا جي سان بادشاه کي سڄو ڏينهن ڪو مناسب شڪار نه لڳو سو تمام خراب موڊ ۾ شام جو واپس پئي آيو ، وري به قلعي ٻاهران ساڳيو پورهيت نظر آيس. بادشاه هڪ نظر پورهيت تي وڌي گھوڙو روڪي رڙ ڪري چيائين ”اڙِي ساڳيو آهين نه جنهن صبح ساڻ مونکي سلام ڪيو“...”جي حضور مان ساڳيو آهيان“ پورهيت اميد مان وراڻيو ته شايد بادشاه کي منهنجي ڳاله وڻي آهي ۽ اجھو ٿو ڪو انعام ملي. ”وڏو ڪو منحوس آهين صبح صبح تنهنجو منهن ڏٺم سڄو ڏينهن شڪار نه مليو آهي“
    ”هي منحوس آهي هن جو سر قلم ڪيو وڃي“ بادشاه اعلان ڪيو هليو ويو.
    بادشاه جا ڪارندا ويچاري کي کنڀي کڻي ويا.بئي ڏينهن صبح جو درٻار ۾ بادشاه جي سامهون سزا ڏيڻ جو وقت آيو .جلاد تيار.اشاري جو انتظار......
    ”جيڪڏهن جان جي امان ملي ته هڪ آخري التجا ڪيان حضور“ پورهيت ڊڄندي چيو.
    ”ها چئو..هونئن به مرندڙ جي آخري خواهش پوري ڪبي آهي “
    ”سائين اوهان صبح ساڻ منهنجو منهن ڏٺو اوهان کي ته رڳو شڪار نه مليو...مون مسڪين صبح ساڻ اوهان جو منهن مبارڪ ڏٺو آهي ته مورڳو موت ٿو ملي ....حضور هاڻي انصاف سان سوچيو ته منحوس مان آهيان يا توهان ؟“
    بادشاه کان کل نڪري وئي ۽ پورهيت جي جان بخشي ٿي.

    قريشي شبير احمد جي فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 جنوري 2015
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين جڏهن ٽاپڪ تي نگاه پئي ته ڇرڪائي ڇڏيو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين ادا
     
  5. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب سبق آموز ڪهاڻي آهي ادا
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شبير قريشي به خوب لکندو آهي ... سائين گجراڻي صاحب پوسٽ لکندڙ جو ذڪر ضرور ڪندا ڪيو .... مهرباني
     
  8. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ها ها سڌي اڻسڌي ٽوڪ ڀلي هڻي ويو همراهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو