۽ جڏهن فوجي عدالتن جي قيام ۽ 21 هين آئيني ترميم جي حمايت ڪرڻ تي رضا رباني آبديده ٿي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پيپلز پارٽي هڪ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي. اهڙي پارٽي جنهن جمهوريت جي راهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضى ڀٽو سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون شهادتون ڏنيون. پيپلز پارٽي سدائين فوج جي عتاب هيٺ رهي ۽ جمهوريت لاء قرباني ڏيندي رهي، پيپلز پارٽي سدائي فوجي عدالتن جي عتاب جو شڪار رهي پر حالتن هن پارٽي کي اتي اچي بيهاريو جو مجبورن هن پارٽي کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فوجي عدالتن جي حمايت ڪرڻي پئي.

    اڄ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ 21 هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام لاء ووٽنگ کان پوء تقرير ڪندي سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف رضا رباني آبديده ٿي ويو. هو بمشڪل ٻه جملا ئي ڳالهائي سگهيو. هن چيو:

    ووٽ پارٽي جي امانت هيو، جيڪو ڏنم، اڳتي جو عمل مٿي آهي. مان اڄ پنهنجي ضمير جي خلاف .....

    ۽ هو اڳتي ڳالهائڻ کان اڳ جذباتي ٿي ويو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو.

    پيپلز پارٽي هي فيصلا ڇو ڪيا؟ هن فيصلي جو اثر ۽ اٿندڙ سوال سدائين پارٽي ساک کي خوار ڪندا رهندا. فوجي عدالتون ڪيترو فائديمند رهنديون اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هي فيصلا به دل سان نه پر مجبورين تحت ڪيا ويا آهن. پاڪستان، فوج ۽ سياسي ڌريون هڪ بند گلي ۾ ڦاٿل نظر پيا اچن. اهڙي وقت ۾ ڪوبه دور انديش يا معامله فهم سياستدان به نظر ڪونه پيو اچي جيڪو ملڪ کي اڳتي وٺي هلي سگهي. سياستدانن جي ناڪامي جو هڪ سبب ڪرپشن آهي ته ساڳي وقت اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي به کُلي سامهون آئي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو