سوچن تي ڪوهيڙ لٿي آ

سوچن تي ڪوهيڙ لٿي آ

لاهوتي ڪامران بلوچ

سوچن تي ڪوهيڙ لٿي آ

جذبن تي ڪوهيڙ لٿي آ


قاتل هاڻي عادل ٿيندا

عقلن تي ڪوهيڙ لٿي آ


روحاني رمزسمجهي ڪوئي

رمزن تي ڪوهيڙ لٿي آ


طمع طلب کان آجا ٿياسين

طلبن تي ڪوهيڙ لٿي آ


پنهنجي واٽ فقيري آهي

گهرجن تي ڪوهيڙ لٿي آ


ڪامران واٽ لاهوتي باقي

واٽن تي ڪوهيڙ لٿي آ​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top