هـڪڙو ننـــڍڙو گــــــــيت لکان.......آزاد آخوند

هـڪڙو ننـــڍڙو گــــــــيت لکان
تنهن ۾تنهنجي پريت لـــــکان

جــڏهن به مان قلم کڻــــــــان
تـــوکـــي مــــــٺڙو ميــت لکان

تـنـهـنـجــي هــر هڪ وک تي
ســــرن جي ســـــنگيت لکان

نفــــرت کي ڏئي مــــان هـــار
مــحبت جـــي ٿو جـــيت لکان

پيار کي ڪو پاپ نه سمجهي
اهـــــڙي ڪــائي ريـــت لــکان
 
Back
Top