ونڊوز جو پاسورڊ ريسيٽ ڪريو..

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو.

    ونڊوز ايڪس پي جيتوڻيڪ پُراڻو آپريٽنگ سسٽم آهي پر تيز رفتار هئڻ ڪري اڪثر ماڻهو اهو ئي استعمال ڪندا آهن، خاص ڪري آفيسن ۾. ڪمپيوٽر کي ٻين جي پهچ کان محفوظ بڻائڻ لا ونڊوز ۾ پاسورڊ لڳايو ويندو آهي، چاهي اهو ونڊوز ايڪس پي هُجي يا 7. ونڊوز ۾ پاسورڊ لڳائڻ کان پو هڪ ڳالهه جو خطرو هوندو آهي ته پاسورڊ جيڪڏهن وسري وڃي ته ڇا ٿيندو ؟ مواد ضايع ٿي ويندو..
    ان وهم کي دور ڪرڻ لا ونڊوز يوزر سيٽنگ ۾ پاسورڊ هِنٽ به لڳايو ويندو آهي. جيڪڏهن ان هوندي به پاسورڊ وسري وڃي ته ڇا ڪجي ؟؟؟
    ته پو پاسورڊ ريسيٽ ڪرڻ لا مختلف طريقا استعمال ڪرڻا پوندا آهن.

    XP ۾ پهريون طريقو:
    ونڊوز اسٽارٽ ڪريو ، جڏهن يوزر پاسورڊ گهُري ته ٻه ڀيرا ڪيبورڊ مان Ctrl + Alt + Delete (سڀئي بٽڻ گڏ دبايو) دٻايو.
    هاڻي هڪ نئين ونڊو توهان جي سامهون کُلندي جيڪا ڪجهه هن طرح هوندي.

    [​IMG]

    هاڻي ان ۾ User Name: جي خاني ۾ Administrator لکو ۽ Password: وارو خانو خالي رهڻ ڏيو.
    هاڻي OK جو بٽڻ دٻايو.
    توهان جو ڪمپيوٽر ايڊمنسٽريٽر يوزر کُلي پوندو.
    هاڻي توهان Start>Control Panel> User Account ۾ وڃو ۽ اتان اهو يوزر منتخب ڪريو جنهن جو توهان پاسورڊ وساري چُڪا آهيو. هاڻي توهان جي سامهون هڪ نئون ڪنٽرول پينل پيج کُلندو.
    پو توهان Delete Password جي آپشن کي دٻايو.

    XP ۾ ٻيو طريقو:


    XP ۾ آخري حل..:
    آخري حل تقريبن سڀني ونڊوز جي لا ساڳيو هوندو آهي.
    توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هڪ نئين ونڊوز انسٽال ڪريو، پر ياد رکو ته جڏهن ونڊوز انسٽال ڪريو ته ان مهل ڪنهن به پارٽيشن کي فارميٽ يا ڊليٽ نه ڪجو. بلڪه C ڊرائيو يا ٻئي ڪنهن ڊرائيو ۾ ونڊوز انسٽال ڪريو.
    ائين ڪرڻ سان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز ٻه ڀيرا انسٽال ٿي ويندي. ۽ پو توهان نئين ونڊوز کوليو ۽ پنهنجو مواد (جيڪو سي.ڊرائيو ۾ هوندو آهي، جيئن My Document وغيره) ڪاپي ڪري ڪنهن محفوظ جڳهه تي منتقل ڪريو ۽ پو ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪريو ۽ هن ڀيري توهان ونڊوز واري پارٽيشن کي مڪمل ڊليٽ ڪريو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ونڊوز سيون ۾ مسئلي جو حل.

    [​IMG]

    هڪ : ونڊوز سيون کي شٽ ڊائون ڪريو.
    پنهنجي ڪمپيوٽر مان آن.آف واري بٽڻ کي ڪجهه سيڪنڊ دٻائي رکڻ سان ونڊوز شٽ ڊائون ٿي ويندي.

    [​IMG]

    ٻه : ونڊوز کي ٻيهر اسٽارٽ ڪريو.
    ڪمپيوٽر ۾ آن آف بٽڻ کي ڪجهه سيڪنڊ دٻائي رکڻ سان ونڊوز اسٽارٽ ٿي ويندي.

    [​IMG]

    Launch Starup Repair (recommended) آپشن کي سلڪيٽ ڪري Enter جو بٽڻ دٻايو.

    [​IMG]

    ”ڇا توهان ڪمپيوٽر سسٽم ريسٽوري ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ جي آپشن کي منسوخ (Cancel) ڪريو.

    [​IMG]

    ايستائين انتظار ڪريو جيستائين ونڊوز ريپيئرنگ پراسيس مڪمل نه ٿئي.

    [​IMG]

    نئين کُلندڙ ونڊو ۾ کاٻي پاسي (هيٺيان کان) تير جو ننڍڙو بٽڻ دٻايو.
    ائين ڪرڻ سان توهان جي ونڊوز ۾ جيڪي مسئلا هوندا انهن جو تفصيل توهان کي ٻڌائيندو.

    [​IMG]

    مائوس ذريعي اسڪرول ڊائون ڪريو ۽ آخري لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

    [​IMG]

    هاڻي File > Open > Computer > Local Disk > Windows > System32. کوليو

    [​IMG]

    هاڻي All Files کي منتخب ڪريو.. (جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي)

    [​IMG]

    هاڻي Sethc نالي ايپليڪيشن ڳولهيو ۽ ان کي sethc.bak نالي سان Rename ڪريو.
    ( Sethc هڪ Sticky Keys program جي ايپليڪيشن آهي ، توهان اکي رينيم ڪريو، ايئن ڪرڻ سان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ پيل ڊيٽا کي ڪوبه نقصان نه پهچندو)

    [​IMG]

    cmd نالي ايپليڪيشن ڳولها ڪري ان کي System32 جي فولڊر ۾ ڪاپي_پيسٽ ڪريو.

    [​IMG]

    cmd (ڪمانڊ پرامپٽ) کي sethc جو نالو ڏيو، يعني ان کي سيٿڪ جي نالي سان رينيم ڪريو.

    [​IMG]

    سڀئي کُليل دريون (ونڊو) بند ڪريو ۽ Finish جو بٽڻ دٻايو.. ۽ پنهنجو ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو :)

    [​IMG]

    جڏهن ونڊوز کُلي ته پو ڪيبورڊ مان Shift جو بٽڻ 5 ڀيرا تڪڙو ۽ لڳاتار دٻايو.
    ائين ڪرڻ سان توهان جي سامهون ڪمانڊ پرامٽ ونڊو کُلي پوندي.

    [​IMG]

    هاڻي ڪمانڊ پرامپٽ ۾ net [username] l جو ڪوڊ لڳايو
    هاڻي توهان جي سامهون يوزر جي ونڊوز کُلندي ۽ پو توهان ان جو پاسورڊ مٽايو.
    ياد رکو. پاسورڊ ڌيان سان مٽايو.

    [​IMG]

    جڏهن يوزر جو پاسورڊ مٽائي ڇڏيو ته پو ڪمانڊ پرامپٽ ونڊوز کي Close (بند) ڪريو.

    [​IMG]

    هاڻي توهان پنهنجو نئون پاسورڊ لڳايو (جيڪو توهان ڪمانڊ پرامپٽ جي ونڊوز ۾ ڪجهه لمحا اڳ سيٽ ڪيو هو).

    هاڻي توهان جي ونڊوز کُلي پوندي.. :) :)
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ونڊوز XP ۾ ٻيو طريقو:

    [​IMG]

    پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز جي سي.ڊي لڳايو ۽ ڪمپيوٽر اسٽارٽ ڪريو.

    [​IMG]

    هاڻي ڪنهن به بٽڻ کي دٻايو
    [​IMG]

    مٿيون اسٽيپ ڪرڻ سان توهان جي سامهون هي ونڊو کُلندي جنهن ۾ سيٽپ لوڊنگ فائلز ڏيکاري پيو.

    [​IMG]

    هاڻي ڪمپيوٽر ڪيبورڊ مان ENTER بٽڻ دٻايو.

    [​IMG]

    هاڻي ڪيبورڊ مان F8 جو بٽڻ دٻايو

    [​IMG]

    هي اسڪرين سيٽپ اسڪرين آهي هاڻي توهان ڪيبورڊ مان R بٽڻ دٻايو.

    [​IMG]

    ڪجهه وقت انتظار ڪريو جيستائين توهان جي ونڊوز ريپيئر نه ٿئي.

    [​IMG]

    جڏهن فائلز مڪمل ڪاپي ٿي وينديون ته پو خودبخود ڪمپيوٽر ريسٽارٽ جو آپشن اچي ويندو ۽ توهان ڪميپوٽر ريسٽارٽ ڪريو.

    [​IMG]

    هاڻي توهان ڪنهن به بٽڻ کي دٻائڻ جي غلطي نه ڪريو.. جيئن جو تيئن رهڻ ڏيو جيستائين هي اسڪرين ختم نه ٿئي.

    [​IMG]

    هاڻي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ کاٻي پاسي اکيون ڄمائي رکو، جڏهن Installing Devices progress بار (جيڪا سائي رنگ جي هوندي آهي) اچي ته ڪيبورڊ مان SHIFT + F10. دٻايو. ۽ جڏهن ڪماپنڊ پرامپڙ جي ونڊو کُلي ته ان ۾ nusrmgr.cpl جو ڪوڊ لکو. (اڪثر هي ڪوڊ خودبخود اچي ويندو آهي ۽ اگر نه اچي ته لکي وٺجو)

    [​IMG]

    جڏهن توهان NUSRMGR.CPL لکي انٽر دٻائيندا ته هي ونڊو کُلي پوندي جنهن مان توهان يوزر منتخب ڪريو.

    [​IMG]

    جڏهن توهان جي سامهون هي ونڊوز کُلي اچي ته پو پاسورڊ ريموو جي آپشن کي دٻائيندي پاسورڊ ختم ڪريو.

    پو توهان ان ونڊوز کي بند ڪريو ۽ ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيڻ تائين انتظار ڪريو.
    توهان جي ڪمپيوٽر ۾ يوزر پاسورڊ مڪمل طرح ختم ٿي چُڪو هوندو ۽ ونڊو کُلي پوندي. :)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    سٺي ڄاڻ ادا آخري ڀيڙو منهنجو ڪمپيوٽر پاسورڊ لڳل نه هيو پوءِ به چائين پاسورڊ ڏيو ته ڪمپيوٽر هلندو جڏهن ته مون پاسورڊ لڳايو ئي نه هو ته پوءِ اهيو سبب ڄاڻي ڪمپيوٽر هلڻ کان قاسر الائي ڇو رهيو؟ نيٺ ڀاءَ ونڊوز انسٽال ڪئي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    ادي جڏهن توهان پاسورڊ نه لڳايو هُجي ۽ ڪمپيوٽر پاسورڊ گهري ته پو بغير پاسورڊ لڳائڻ جي ڪمپيوٽر اسٽارٽ ڪريو. ٿي ويندو. ونڊوز ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    قيمتي معلومات تصويرن سان سمجهائڻ لاءِ لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب سنگت

    پر اسان فقير ماڻهو اهي ڳالهيون مٿان گذري ويون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد يونس ٻرڙو

    محمد يونس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    سرڪاري کاتي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سکر (ڪراچي)

هن صفحي کي مشهور ڪريو