ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران مونکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ٻولي، ثقافت ۽ فن بابت خدمتن عيوض سنڌ راڻي بهترين ورڪر اوارڊ 2014 مليو. اهو اوارڊ نامياري ليکڪ، ڪمپيئر ۽ استاد محمود مغل هٿان ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ 9 جنوري 2015ع تي هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي مونسان گڏ سنڌ سلامت جو سرواڻ نثار احمد ناز، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ غلام مرتضى وساڻ به موجود هيا.
مان ٿورائتو آهيان ينگ رائيٽرس فورم ۽ ان جي سرواڻ غلام مصطفى سولنگي صاحب جو جن مونکي ان لائق سمجهيو ۽ ساڳي وقت مان سمجهان ٿو ته ٻيا ڪيترائي دوست آهن جيڪي پڻ اهو ڪم مونکان بهتر انداز ۾ ڪري رهيا آهن، جيڪي پڻ اهڙن اوارڊن جا مستحق آهن ۽ مان هي اواراڊ انهن سڀني دوستن جي نانء ڪيان ٿو. سنڌ سلامت سٿ جو پڻ ٿورائتو اهيان جن مونکي پنهنجي فورم تي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو. انهن سڀني دوستن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي مسلسل رهنمائي ڪندا رهيا آهن، صلاحون ڏيندا رهيا آهن ۽ حوصلا افزائي ڪندا رهيا آهن.
هي اوارڊ مان فورم جي منتظم ۽ پياري دوست ذيشان رشيد جي ناء ڪريان ٿو، جنهن سدائين فورم لاء جاکوڙيو آهي ۽ اسان کي موقعو فراهم ڪيو آهي ڪجهه ڪرڻ جو. رشيد سائين سدا خوش هجو.
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
ٿر ۾ واري ٿورڙي تيها گهڻيرا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: