سنڌ سلامت کي سنڌي ٻولي جي خدمتن عيوض سنڌ راڻي اوارڊ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران مونکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ٻولي، ثقافت ۽ فن بابت خدمتن عيوض سنڌ راڻي بهترين ورڪر اوارڊ 2014 مليو. اهو اوارڊ نامياري ليکڪ، ڪمپيئر ۽ استاد محمود مغل هٿان ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ 9 جنوري 2015ع تي هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي مونسان گڏ سنڌ سلامت جو سرواڻ نثار احمد ناز، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ غلام مرتضى وساڻ به موجود هيا.
    مان ٿورائتو آهيان ينگ رائيٽرس فورم ۽ ان جي سرواڻ غلام مصطفى سولنگي صاحب جو جن مونکي ان لائق سمجهيو ۽ ساڳي وقت مان سمجهان ٿو ته ٻيا ڪيترائي دوست آهن جيڪي پڻ اهو ڪم مونکان بهتر انداز ۾ ڪري رهيا آهن، جيڪي پڻ اهڙن اوارڊن جا مستحق آهن ۽ مان هي اواراڊ انهن سڀني دوستن جي نانء ڪيان ٿو. سنڌ سلامت سٿ جو پڻ ٿورائتو اهيان جن مونکي پنهنجي فورم تي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو. انهن سڀني دوستن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي مسلسل رهنمائي ڪندا رهيا آهن، صلاحون ڏيندا رهيا آهن ۽ حوصلا افزائي ڪندا رهيا آهن.

    هي اوارڊ مان فورم جي منتظم ۽ پياري دوست ذيشان رشيد جي ناء ڪريان ٿو، جنهن سدائين فورم لاء جاکوڙيو آهي ۽ اسان کي موقعو فراهم ڪيو آهي ڪجهه ڪرڻ جو. رشيد سائين سدا خوش هجو.

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    ٿر ۾ واري ٿورڙي تيها گهڻيرا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2015
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اسانکي بيحد خوشي حاصل ٿي آهي ، اوهانکي ۽ سنڌ سلامت سٿ کي مبارڪون هجن ، مولا ڪريم اوهانکي هميشه سرخرو رکي
     
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ادا اسان جي طرفان اوھان کي ۽ سنڌ سلامت جي پوري سٿ کي لک لک وڌايون ھجن. اميد ته سدائين سنڌ ڌرتي جي ائين ئي خدمت ڪندا رھندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    توهان کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي ان دعا سان ته هميشه ڪاميابيون ماڻيندا رهو ۽ محنت ڪندا رهو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا لک لک مبارڪون هجن.....
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جيڪا محنت ڪئي آهي سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لا ان لا توهان ان جا حقدار آهيو، لکين مبارڪون، سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي خاص خاص اوهان کي..
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ... هي اوارڊ سنڌ سلامت جي سموري ٽيم جو آهي، جنهن جو اوهان به حصو آهيو، تنهنڪري هي اوارڊ اوهان جو به آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي ٻولي يا ثقافت لاءِ توڙي جو نه هئڻ برابر ڪم هلي رهيو آهي... ۽ جيڪو هلي رهيو آهي ان ۾ سنڌ سلامت جي حصي واري ڪم جي مڃتا ملي ٿي ته خوشي ٿئي ٿي... حالانڪه بطورِ منتظمِ اعليٰ پنهنجي ڪم مان مطمئين ناهيان...
    دوست سليمان جا لک لائق جنهن مليل ايوارڊ کي منهنجي نانء ڪيو... ۽ مان اهو ايوارڊ سمورن رڪنن جي نانء ڪندس جو فورم جي بقاء يقينن انهن جي سرگرميءَ سان آهي..
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يقينن هي ايوارڊ سليمان وساڻ توڙي سنڌ سلامت لاءِ هڪ اعزاز آهي. ينگ رائٽر فورم وارن کي به جس هُجي جو ايڏي جاکوڙ ڪن ٿا.
    ايوارڊ وٺڻ لاءِ سلُيمان جڏهن حيدرآباد وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته مرتضى سان گڏ مون به هلڻ جي خواهش ڏيکاري. ڇو ته اُتي ابو واصف، ممتاز قريشي ۽ نثار احمد ناز سان ملڻ جو موقعو هو. توڙي جو ممتاز صاحب جي طبيعت جي ناسازي جي ڪري ساڻن ملاقات نه ٿي سگهي پر پوءِ به اهو سفر، پروگرام ۽ ڪچهرري سُٺي رهي.
    مرتضى جا ڀوڳ ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ جهڙا پر ڪنهن ٻي دفعي. . . . . .
    هن وقت آئون هڪ نئين سفر لاءِ سنبرڻ جي جاکوڙ ۾ جڪڙيل آهيان . . . .تنهنڪري ڪُجهه به نه پيو ٿي سگهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    واھ واھ ...
    سچ پچ ته دلي طور ڏاڍي خوشي ٿي آهي... سائين سليمان وساڻ منهنجي ذاتي را ۾ به توهان ان ايوارڊ لا تمام لائق دوست هئا. سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي به مبارڪون هجن. هي ايواڊ اهو ثابت ٿو ڪري ته اسان سڀ دوست جائتي رستي جا راهي آهيون. سنڌي ٻولي لا اسانجون هي ڪاوشون رب قبوليون آهن ۽ ان جو حاصل انهن ايوارڊن جي صورت ۾ ملي رهيو آهي. اڄ سائين استاد بخاري جي اها سٽون ياد ٿيون اچن ته

    مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي ....
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو .....

    هن ايوارڊ جي وڏي خوشي بيشڪ ادا رشيد کي ٿي هوندي جو سندس ڪم جو حاصلات هر دم قبول ٿي رهيو آهي. سو کيس به
    لک لک مبارڪون هجن.

    سٿ سلامت ساٿ سلامت، سنڌ سلامت

    چارڻ
    بي 796 دادو...
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 جنوري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل حفيظ اوهان درست پيا چئو ... هي اوارڊ سنڌ سلامت لاء جتي فّخر جهڙي ڳالهه آهي اتي اسان لاء نئون چيلينج به آهي ته اسان کي ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي ....

    سچ اهو آهي ته اتي وڃڻ کانپوء ڪافي دوست ملڻ آيا جن ۾ مان ذڪر ڪندس سائين عبد الله سمون صاحب جو ... پاڻ بيماري جي بستري تان صرف مونسان ملڻ لاء اچي پهتا ... ڏاڍا مايوس پئي لڳا خاص ڪري سوشل ميڊيا جي اميچوئر روين تي. ساڳي وقت پاڻ سنڌ سلامت جي ٽيم لاء دعائون ڏيندا رهيا ته اهڙي وقت ۾ هي دوستن جو سٿ سنجيده ٿي ڪم پيو ڪري. سندن والد مرحوم به اسان جي سٿ ۾ هيو ۽ هميشه اسان جي رهنمائي ڪندو رهيو هيو.

    ساڳي وقت شاعر ۽ ليکڪ گل ڪونڌر پڻ ملڻ آيو ۽ مونسان ملي هليو ويو. هن اوارڊ تقريب ۾ ٻه ڳالهيون هيون، هڪ ته سينيئر دوست جن ۾ زيب سنڌي، محمود مغل، اسد قريشي، شوڪت نوناري، عرفان سمون سڀ سنڌ سلامت کان واقف هيا اتي ڪيترن دوستن لاء سنڌ سلامت بلڪل نئين هئي .....

    خير هي اوارڊ اوهان سڀني جي محنت جو نتيجو آهي.

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک ٿورا ..... هي اوارڊ اسان سڀني لاء آهي، سنڌ سلامت سٿ لاء آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. شعيب محمد وسڻ

    شعيب محمد وسڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    وفاقي اداري ۾ اسٽينو
    ماڳ:
    ماروئڙا ويجهو ڊائو يونيورسٽي
    سچ پڇ ادا رشيد سمون (اڳيون منتظم اعلٰي) ۽ توهان (موجوده منتظم ) لکين مبارڪ لهڻو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا سنڌ سلامت جي ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي ڇو ته مون کي سوشل نيٽورڪ تي سنڌي پجيز ۽ گروپز تي ڪم لا به سنڌ سلامت جو ڪم ئي اتساهيو هو ته جتي نيٽ جي دنيا ۾ ماڻهون گهر ويٺي به پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت پنهنجي تاريخ جي جاڳرتا لا ڪم ڪري سگهي ٿو ته پو مان بلڪل به ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهان ٿي..سنڌ سلامت کي ايوارڊ ملڻ تي کوڙ ساڙيون وڌايون سندن جدوجهد نئين نسل لا ضرور فائديمند آهي جيڪڏهن هو ديس پرديس ۾ رهي تاريخ تهذيت ٻولي کان واقوف رهڻ چاهين ته سنڌ سلامت بهترين درسگاهه آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيڪو ڪم ڪيو پيا سو به قيمتي آهي ۽ ها هڪ اهم ڪم هن فورم تي ٿيندو آهي .... اهو آهي ڪمپيوٽر بابت ڪيل سوال ۽ مسئلا ۽ انهن جو حل.

    باقي يار اوارڊ اوهان جي نانءُ ئي آهي ......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو