انور پيرزادي جي نانءُ رزاق عاصي جڏهن چنڊ چڙهي ٿوچوڏهينءَ جو چانڊوڪي ڪري ٿي سنڌ چاندي اُن وقت او! توکي وڻجهارا ٿا ڳولن بيت ڀٽائي جا ٿي ساري تار تنبوري جي موکي ۽ متارا راهه تڪن ”ڪلياڻ “ به سڏڪي روئي ٿو، ڪيڏاري جهڙي سنڌ ڏسي هڪ چنڊ ڀٽ آڏو دانهي ٿو هڪ شخص سنيها ڏيندو هو هيءُ زخمي زخمي شهر ڏسي ڌرتيءَ جي ڌڻين تي ڪهر ڏسي سرتاج سنڌين جي نالي ڪي لفظن کي مالها ۾ پوئي پيغام ڏنا ها مونکي جي مون ڀٽ ڌڻي کي پهچايا ڪي بيت ڀٽائيءَ آکيا ها، پيغام سي هُن کي ڏيڻا هن هوسنڌ سڄيءَ جو شهزادو جنهن گهوٽ ڀٽائي شاعر کي پڙ، پڙ مان ڪڍي پڙ تي آندو هن کي بس چئجو هي رڳو هي ديس صدين کان روڳي آ هر ماڻهو رمتو جوڳي آ جنهن لاءِ ڀٽائي سر به چيا هر ڪنهنجي وڄائڻ لاءِ وارو رکيل ڪي اڏين تي سر به چيا پيغام ڪي هن کي ڏيڻا هن هو شخص کان نظر دور آهي، پر ڪنهن کان وسريو ڪونه آهي، هوڪنهن کان وسريو ڪونه آهي.