• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر بس جو ڪراچي ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪراء 59 ماڻهو اجل جو شڪار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10931334_10205382684824801_7988011248990603482_n.jpg


هڪ ٻي ڏکائتي خبر آهي ته رات دير سان ڏيڍ بجي ڌاران ڪراچي کان شڪارپور ويندڙ مسافر بس جو ڪراچي ويجهو نيشنل هاء وي ۽ سپر هاء وي لنڪ روڊ تي آئل ٽينڪر سان ٽڪراء ٿيو آهي جنهن ۾ 59 ماڻهو اجل جو شڪارٿيا آهن. ڪيترائي ماڻهو سڙي ويا آهن جن جي سڃاڻپ به مشڪل ٿي وئي آهي. چون ٿا ته ٽڪراء کان پوء بس کي باهه وڪوڙي وئي ۽ سواء ٽن چئن ماڻهن جي ڪوبه ٻاهر نڪري ڪونه سگهيو.
 
انا لله و انا اليه راجعون ، تمام ڏکائتي خبر آهي ، الله پاڪ مرحومين جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي
 
جنهن سماج ۾ ڪرپشن هجي جنهن سماج ۾ انسان جي قدر نه هجي اتي اهرا حادثا مقدر هوندا آهن. هي اسان جي بي حسي جو منهن ڳلهائيندڙ ثبوت آهي. خدا اسان کي پنهنجي حقن جي بيداري جو جيڪو سامان مهيا ڪيو آهي ان جو استعمال ڪرڻو پوندو ان کان پوءِ دعا اثر ڪندي. پشاور حادثي کي اسان دهشتگردي ڄاڻون ٿا پر هي ڪرپشن جي دهشتگردي نه ٿا ڄاڻون هي ڪيڏو نه عجيب ميار آهي. جيسيتائين بيدار نه ٿيندا سين تيسيتائين هن لعنتي نظام مان جند ڇڏائڻنا ممڪن آهي.
 
inna.png
تمام دردناڪ خبر...
اسان جي ملڪ ۾ اهڙا حادثا هاڻ روزمرهه جو قصو بڻجي ويا آهن.
بس پهرئين ڏينهن افسوس ۽ دعائون ، ٻئي ڏينهن رات گئي بات گئي...!!

حادثو ڪيئن ٿيو..؟ ڇو ٿيو..؟ ڪنهن جي غلطي هئي..؟ اڳتي اهڙن حادثن کان بچا لا ڪهڙا اُپا وٺڻ گهرجن..؟ ان بابت سنجيدگي سان سوچڻ لا اسان جي حڪمرانن وٽ وقت ئي ڪونهي....!!
 
انا لله و انا اليه راجعون تمام ڏک واري خبر آهي، الله پاڪ سڀني مرحومين کي جنت ۾ اعلي ا جڳهه نصيب ڪري، لواحقين کي صبر عطا ڪري.. آمين
 
تمام ڏکائتي خبر آهي.اهڙن واقعن تي مهذب قومن ۾ حڪمران استعفائون ڏئي ڇڏيندا آهن.پر هتي اهو روز جو معمول آهي .ماڻهون ائين ئي مرندا رهندا ڇو جو اسان هر شئي قسمت تي ڇڏي ڏني آهي.
 
عوامي آواز جي رپورٽ

ڪراچي/ ملير/ کوکرا پار (رپورٽ : وقار شر/ جميل چانڊيو/ عنايت قمبراڻي) ملير ويجهو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پيش ايندڙ هنيانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 67 ٿي ويو آهي. 13 فوتين جي وارثن کان ڊي اين اي ورتي وئي حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش سڃاڻپ جوڳا نه هجڻ ڪري ڊاڪٽرن ڊي اين اي کانسواءِ لاشن جي سڃاڻپ کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي.خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن 65 ئي ڄڻن جا لاش ايڌي سردخاني منتقل ڪيا ويا، ملير جي گلشن حديد واري علائقي کان شڪارپور ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ سپر هاءِ وي ويجهو ڪاٺوڙ لنڪ روڊ وٽ زوردار ٽڪر ٿي پيو هو. حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 65 مسافر سڙي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 9 عورتون ۽ 11 ٻارڙا شامل هيا، جڏهن ته بس جي ڇت تي ويٺل 12 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن ڪالهه جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. هنيانءُ ڏاريندڙ حادثي کانپوءِ بچي ويل مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ زخمي ڪيتري ئي دير تائين روڊ تي تڙپندا رهيا. حادثي جي نتيجي ۾ حياتيون وڃائيندڙن ۾ماٿيلي جي هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا آدم، خورشيد، خالده، عمراه، ثريا، خديجا، احمد علي، امتياز علي شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ۾ 70 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. سکر واسي 8 ڄڻا، شڪارپور جا 13 ڄڻا ۽ ڪنڌرا جا نوجوان به حادثي جو شڪار ٿيا. اڪثر نوجوان ڪراچي ۾ ڪمانڊو ٽيسٽ ڏئي واپس پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويا.فوتين ۾ شڪارپور واسي عبدالقدير جوکيو، مير حسن، وسيم منگي، غلام قادر شاهه، ابراهيم انصاري، حسنا، جميلا ۽ جويرا ۽ ٻيا شامل آهن. اطلاع ملڻ بعد ريسڪيو ٽيمن پهچي سڙي فوت ٿي ويل مسافرن جا لاش کڻائي جناح ۽ عباسي شهيد اسپتال پهچايا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد سڃاڻپ لاءِ سرد خاني ۾ رکرايا ويا آهن. پنهنجي پيارن جا لاش سڃاڻڻ لاءِ فوتين جا مائٽ پڻ اسپتالن ۾ پهتا، جڏهن ته ان موقعي تي انتهائي ڏکوئيندڙ منظر پڻ ڏسڻ ۾ آيا. جناح اسپتال جي انتظاميا 67 لاش پهچائڻ جي تصديق ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ پيل 59 لاش مڪمل طور سڙيل آهن، جن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ کانسواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي جناح اسپتال پهچي حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ممتاز جکراڻي چيو ته خراب روڊ هجڻ ڪري حادثو پيش آيو، اسٽيل ٽائون انتظاميه وقت سر فائربرگيڊ موڪلي ها ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ها، جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وڏي وزير کي ڏني ويندي. هوڏانهن ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ هو ته حادثي بعد گاڏي جو دروازو نه کلڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان ٿيو. آخري اطلاعن تائين سنڌ سرڪار توڙي ڪراچي انتظاميا حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن توڙي زخمين لاءِ ڪنهن امداد جو اعلان نه ڪيو هو، ٻئي طرف جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب واقعي ۾ فوت ٿيل 13 ڄڻن جي وارثن کان ڊي اين اي نمونا ورتا ويا آهن، جن جي رپورٽ اچڻ ۾ هڪ کان ٻه هفتا لڳي سگهن ٿا. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ذميوارن کي روڊن جي مرمت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر عشرت العباد ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.


ڪوچ حادثي ۾ شڪارپور واسي 16 ڄڻا به سڙي فوت، شهر ۾ سوڳ

شڪارپور(ڊ.ر) ڪراچي ۾ ڪوچ ۽ ٽينڪر ۾ ٿيل خوف ناڪ حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن مان 16 ڄڻن جي سڃاڻپ ضلعي شڪارپور سان ٿي شڪارپور ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل ضلعي انتظاميه پر گھور نه لڌي حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن مان 16 ڄڻن جي شناخت ضلعي شڪارپور سان ٿي آھي جنھن ۾ سڙي فوت ٿي ويلن ۾ شڪارپور واسي اڳوڻي صوبائي وزير افتخار احمد سومرو جو ڊرائيور محمد ابراھيم سومرو، گسٽا اڳواڻ عبدالحق بکراڻي، سندس دوست عبدالطيف سومرو، ايل ايل بي جو شاگرد عبدالقدير جوکيو، محمد علي پھوڙ، ڳڙھي ياسين سان تعلق رکندڙ بد نصيب ڪوچ ڊرائيور عطا محمد ککراڻي، لکي تعلقي جو ڇھون لٻاڻو سان تعلق رکندڙ ھڪ ئي گھر جا 3 ڀاتي مسمات حسينه ان جون ٻه ڀائٽيون جميلا ۽ جويريا چوھاڻ، سلطان ڪوٽ رھواسي حق نواز چنو، نئون امروٽ رھواسي سليم الله دل ۽ جڏھن ته سڙي فوت ٿي ويندڙن ۾ ميرحسن منگي، جنسار ٻرڙو ۽ علي خان شر شامل آھن ھوڏانھن اھڙي واقعي کان پوءِ شڪارپور ۾ سوڳ ڇانيل ھيو ٻئي طرف ڪوچ ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جي وارثن کي جيئن ئي اطلاع مليو ته صبح سوير ئي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ شعيب ڪوچ آفيس پھتا ته صحيح معلومات نه ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي آفيس جي ڀڃ ڊاھ ڪندي احتجاج ڪيو ويو، ھوڏانھن سڙي فوت ٿي ويلن جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي ان سموري مامري تي معلومات ۽ سھوليتون فراھم ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميه لاپرواھي جو مظاھرو ڪيو ٻئي طرف ڀيا ھائوس شڪارپور ۽ شيخ ھائوس تي معلوماتي ڪيمپون قائم ڪيون ويون.

ٽڪر بعد باهه لڳي، اونداهي ڇانئجي وئي: زخمي شاهنواز

ڪراچي اولهه (رپورٽ: ثناءُ الله سانگري) ملير ۾ نيشنل هاءِ وي کي سپر هاءِ وي سان ملائيندڙ لنڪ روڊ تي آچر واري رات ٿيل خوفناڪ حادثي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته ٽئنڪر ڊرائيور جي لاپرواهي سبب هو حادثو پيش آيو. زخمي ٿيل هڪ مسافر شاهنواز راهوجي پٽيل اسپتال ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ زوردار ڌماڪي بعد گاڏي جي اڳئين حصي کي باهه لڳي ۽ گاڏي جون سموريون لائيٽون بند ٿي ويون. ڪجهه دير کانپوءِ منهنجي اک کلي ته ٻاهران آواز آيو ته شيشو ڀڄي پيو اٿَوَ، ٻاهر اچو، پوءِ صرف مان گاڏي مان ٻاهر نڪري سگهيس. ان حادثي بابت هڪ ٻيو انڪشاف ٿيو آهي ته مسافر ڪوچ ۾ ايمرجنسي گيٽ نه هجڻ سبب وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون. اتان جي مقامي فنڪشنل ليگ اڳواڻ عرض محمد ٻڌايو ته حادثي جي 20 منٽن کانپوءِ مان حادثي واري هنڌ پهتس ته ان وقت ايڌي جي صرف هڪ ايمبولينس بيٺل هئي، سماجي ڪارڪن نديم رضا، ٽرانسپورٽر غلام سرور بروهي ٻڌايو ته روڊ خراب هجڻ ڪري اهو حادثو پيش آيو.

سکر واسي 10 ڄڻا فوت، ليڪچرار جو گهر اجڙي ويو

سکر (رپورٽر) ڪراچي کان شڪارپور ايندڙ حادثي جو شڪار ٿي ويل بدنصيب ڪوچ ۾ سکر جا به ٽن معصوم ٻارڙن سميت ڏهه ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ، گلشن حديد کان شڪارپور ايندڙ الشعيب ڪوچ ڪراچي ويجهو آئل ٽئنڪر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 57 مسافر سڙي فوت ٿي ويا، انهن ۾ سکر جي علائقي اخوت نگر جو رهواسي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو ليڪچرار ياسين عباسي، سندس گهر واري راشده عباسي، ڇهن سالن جو پٽ احسن عباسي، چئن سالن جي ڌيءَ مهوش، ٽن سالن جي ماه نور جڏهن ته ڪنڌرا جي ڳوٺ دارا واهڻ جا پنج رهواسي پنج نوجوان جيڪي پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ويل هئا ۽ آرڊر کڻي واپس اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، جنهن ۾ طاهر علي ڪٽوهر، سجاد احمد ڪٽوهر، نظام ڪٽوهر، عمران ڪٽوهر ۽ عبدالجواد ڌاريجو شامل آهن،

روزگار بدران لاش، گهوٽڪي واسي ٻن ڀائرن سميت 3 نوجوان فوت

گهوٽڪي (ڊ ر) ”نظر لڳي وئي، هن گهر جي بهارن کي“ ڪراچي ۾ المناڪ حادثي ۾ روزگار جي ڳولا ۾ نڪتل ٻن ڀائرن سميت گهوٽڪي واسي 3 نوجوان به حياتي وڃائي ويٺا. فوتي 2 ڀائر 10 ورهين جو اعجاز احمد ۽ 21 ورهين جو سيف الله گهوٽڪي جي پوليس اهلڪار محمد اسحاق سنگهڙ جا پٽ آهن، جيڪي نوڪري جي انٽرويو لاءِ ڪراچي ويل هئا ۽ واپس اچي رهيا هئا ته المناڪ حادثي ۾ سندن حياتي هلي وئي، ان کانسواءِ ڳوٺ اسلام ٽڳڙ جو رهواسي 28 ورهين جو عامر پٽ نواز ٽڳڙ پڻ فوتين ۾ شامل آهي، جيڪو به روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي ويو هو، کيس نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ بعد سندس مامو عبدالغفور ڪوچ ۾ ڇڏي واپس ويو ته پٺيان ڪوچ کي باهه لڳي وئي، فوتي عامر جو والد رٽائرڊ فوجي آهي، گهوٽڪي واسي ٽن نوجوانن جي فوت ٿيڻ بعد سندن گهرن ۾ ماتم متل آهي. نوجوان عامر ٽڳڙ جو مڙهه گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ اسلام ٽڳڙ آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوتي نوجوان اسپيشل برانچ گهوٽڪي جي اڳوڻي انچارج قادر بخش ٽڳڙ ۽ پوليس ڊرائيور ايوب ٽڳڙ جو ڀاڻيجو هو.

ڪمانڊو ٽيسٽ ڏيڻ ويل 2 خانپور واسي به حادثي جو شڪار

خانپور (ن ع آ) ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ ڪراچي کان خانپور ايندڙ الشعيب ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ خانپور شهر واسي ٻه نوجوان غلام قدير شاهه ۽ محمد ابراهيم انصاري پڻ سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي فوتين جي وارثن کي اطلاع ملڻ شرط گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪراچي روانا ٿي ويا آهن. هوڏانهن فوتين جي وارثن تڏا وڇائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته شهر ۾ ڏک واري صورتحال آهي. نوجوان ڪمانڊو ٽيسٽ ڏئي موٽيا هئا.

ڪمانڊو ٽيسٽ ڏئي موٽندڙ 5 ڪنڌرا واسي به ڀيانڪ موت جو شڪار

ڪنڌرا (ن ع آ) ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ ڪنڌرا لڳ ڳوٺ داراواهڻ جا پنج نوجوان سڙي فوت ٿي ويا آهن. جن ۾ جواد حسين ولد ملازم حسين ڌاريجو، ڪٽوهر برادري جا چار نوجوان طاهر ولد امداد ڪٽوهر، ساجد علي ولد نور محمد، نظام الدين ولد خدا بخش،عمران ڪٽوهر شامل آهن. نوجوان اختيار ڪٽوهر بس جي ڇت تي مٿي ويٺل هو جنهن بس تان ٽپو ڏئي جان بچائي. جنهن فون ڪري ٻڌايو ته علائقي ۾ قيامت صغريٰ ۽ روڄ راڙو مچي ويو. اهڙي دردناڪ واقعي جي ڳالهه باهه جيان پکڙجي وئي ۽ سوين ماڻهو سندن تڏي تي پهتا. جڏهن ته لاش ڊي اين ٽيسٽ کانپوءِ سڃاڻپ لاءِ فوتي نوجوانن جا وارث پڻ ڪراچي پهتل آهن. ڳوٺ داراواهڻ ڳوٺ مير حسن ڪٽوهر ۾تڏا وڇايا ويا آهن. سڙي فوت ٿي ويل نوجوانن جي وارثن ڪامريڊ امداد ڪٽوهر، فياض حسين ڌاريجو صحافين کي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڪراچي ۾ اسپيشل سيڪيورٽي پوليس پوسٽ جي لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ويل هئا ته واپسي ۾ دردناڪ واقعو پيش آيو.

ڪوٽڏيجي واسي پ پ ڪارڪن نظير سومرو به سڙي فوت ٿيلن ۾ شامل

ڪوٽڏيجي(رپورٽر) ڪراچي کان شڪارپور طرف ايندڙ ڪوچ ۾ لڳل باھ جي واقعي دوران سڙي فوت ٿي ويلن ۾ ڪوٽڏيجي تعلقي جو پ پ ڪارڪن ۽ ڳوٺ ملير پاتو جو رهواسي روڊس کاتي جو ملازم نظير احمد سومرو شامل آھي سندس وارثن ٻڌايو ته ھو ڪوچ ۾ رات جو ڪراچي گلشن حديد کان ڳوٺ لاءِ سوار ٿيو ۽ ھو ھن بدنصيب بس واري حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويو آھي ٻئي طرف پ پ ڪارڪن نظير سومرو جي سڙي فوت ٿيڻ واري خبر بعد پ پ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، ايم اين اي نواب خان وساڻ، پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر منور علي وساڻ گهري ڏک جو اظهار ڪيو آھي فوتي نظير احمد سومرو جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو اطلاع ملڻ شرط سندس وارثن تڏو وڇائي ڇڏيو آھي.

شادي تي ايندڙ ماٿيلي واسي هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا اجل جو شڪار

ميرپور ماٿيلو/جروار (ڊ ر + ن ع آ) ملير ۾ ڪوچ حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهن مان اٺ ماڻهو ميرپورماٿيلو ويجهو يارولنڊ ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ لنڊ جا رهواسي ۽ شادي تي سندس ڳوٺ اچي رهيا هئا ۽ حادثي جي اطلاع تي سندس گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽واقعي جو اطلاع ٻڌڻ شرط سندس وارث لاش وٺڻ لاءِ ڪراچي روانا ٿي ويا ۽ فوتين جي وارثن ڳوٺ پٺاڻ لنڊ ۾ تڏو وڇايو آهي. ان سلسلي ۾ فوتين جي وارثن محمد حيات لنڊ، حاجي دادو لنڊ، حاجي امام علي لنڊ، فاروق احمد لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گهرن ۾ عبدالرشيد لنڊ جي پٽ اجمل لنڊ جي شادي رٿيل هئا، جنهن تي اسان جا پيارا ويجها عزيز 60 سالن جو حاجي آدم لنڊ، 25 سالن جي عميرا لنڊ، 4 سالن جي خورشيده لنڊ، 3 سالن جي ثريا لنڊ، ڏيڍ سال جي خالده لنڊ، مائي خديجه زال عبدالوحد لنڊ، احمد علي لنڊ ۽ امتياز لنڊ حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويا آهن. انهن ٻڌايو ته اهي روزي جي سانگي ٽي سال اڳ ڪراچي ويل هئا ۽ هن وقت اسان جا اتي پندرهن گهر ڪراچي ۾ آباد آهن جن مان اٺ ماڻهو اسان جي نوجوان اجمل لنڊ جي شادي تي اچي رهيا هئا ته رات دير سان ڪوچ حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد گيس سلينڊڙ ڦاٽڻ ڪري سندس باهه لڳي وئي جنهن ۾ اسان جي 8 پيارن سميت سٺ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن.
 
Back
Top