
هڪڙو هيو نثار احمد ناز ...... جيڪو سنڌ سلامت جو سرواڻ هيوپر الائي ڇو ڀيرو ڀرڻ ڇڏي ڏنائين، جڏهن ته رابطو فون تي به آهي ته ملاقاتون به ٿين ٿيون. ماڻهو به ته مکڻ آهي، محبتون وکيريندڙ، هو ڀلي ناراض هجي ۽ سنڌ سلامت تي ڀيرو نه ڀڃي ... پر اي ناز توسان ڪهڙيون ريسون.
جتي به هجو خوش هجو .... ادب جي هن سفر ۾ اوهان جي رهنمائي ۽ ساٿ سدا ياد رهندو آهي. جنم ڏڻ جون واڌايون، ان دعا سان ته سدا مرڪندا رهو، سدا سلامت هجو
نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي.
نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:
جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !
شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.
ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !
نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون
سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: