هڪڙو هيو نثار احمد ناز ..... جنم ڏڻ تي واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    هڪڙو هيو نثار احمد ناز ...... جيڪو سنڌ سلامت جو سرواڻ هيوپر الائي ڇو ڀيرو ڀرڻ ڇڏي ڏنائين، جڏهن ته رابطو فون تي به آهي ته ملاقاتون به ٿين ٿيون. ماڻهو به ته مکڻ آهي، محبتون وکيريندڙ، هو ڀلي ناراض هجي ۽ سنڌ سلامت تي ڀيرو نه ڀڃي ... پر اي ناز توسان ڪهڙيون ريسون.

    جتي به هجو خوش هجو .... ادب جي هن سفر ۾ اوهان جي رهنمائي ۽ ساٿ سدا ياد رهندو آهي. جنم ڏڻ جون واڌايون، ان دعا سان ته سدا مرڪندا رهو، سدا سلامت هجو

    نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي.
    نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:

    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


    جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:

    جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
    سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !


    شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
    وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .


    غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.

    ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
    شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !


    نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.

    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون


    سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
    بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محبتي دوست ننڍي ڀا محترم محمد سليمان وساڻ جا لک ٿورا، جو هن پنهنجي محبتن جا مينهن منهنجي سالگره جي ڏينهن تي مون مسڪين شاعر مٿان وسايا آهن ادا خير مُبارڪون . هڪڙي ڳالهه سدائين ياد رکي ڇڏجو جيڪو به ڪجهه آهيان اهو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي وشال اڱڻ جي بدولت آهيان، منهنجي سڃاڻپ ڪالهه به سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو اڱڻ هو، اڄ به ماڻهو مونکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي حوالي سان پيار ڏيندا آهن ، انشاالله سڀاڻي به سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ منهنجي سڃاڻپ جو اهڃاڻ ثابت ٿيندو. الله سڀني سنڌ سلامت واري کي آباد رکي جيڪي هن محبتي اڱڻ کي شاد ۽ آباد رکندا اچن ، جيجل ڌرتي لا سنڌي ٻولي لا پاڻ پتوڙيندا اچن، زندگي جي سفر ، هڪڙا ايندا آهن ته وري ٻيا هليا ويندا آهن ، آئون هن اڱڻ کان وڇڙيو ضرور آهيان ، پر قسم سان هن اڱڻ کي مون وساريو ناهي . يار زنده صحبت باقي.

    منهنجي يار وجود کان !
    ڪن ٽار نه ڪر.

    پلپل توکي پاڻ ۾ پايان،
    هئه هئه حق موجود کان!
    ڪن ٽار نه ڪر.

    منهنجي گيتن جا اي ساجن،
    سُرَ ۽ ساز سُرود کان !
    ڪن ٽار نه ڪر.

    مان نه مُنڪر نابُودِي جو،
    پيارا پنهنجي بُود کان!
    ڪن ٽار نه ڪر.

    اونڌِي سُوندي، پُوڄا مون پر،
    نينهن جي ناز سُجُودَ کان !
    ڪن ٽار نه ڪر.
    هڪ ڀيرو ٻيهر ادا محمد سليمان وساڻ صاحب لک قرب.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محبتي ماڻهون سائين نثار ناز شال سدا سلامت رهي ، ڪوسو نه واءُ کيس لڳي ، سدائين مسڪرائيندو رهي
    سليمان وساڻ پيارا دعا آهي ته سائين نثار ناز خضري حياتي ماڻي ، ادا عرض ته موضوع جو عنوان مٽائيندا ، هڪڙو آ نثار ناز پڌرو لکن ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    نثار ناز جهڙي جهوني جوان کي اڃان اهڙا انيڪ ڏينهن ملن اها دُعا.
    ڪُجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ سائين سان پهرين مُلاقات ٿي. جهڙو تصور هو اُهڙو ئي ڏٺوسون.
    سدا خوش هُجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين جن کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون.
    الله پاڪ کيس وڏي ڄمار، هميشه صحت ۽ تندرستي عطا فرمائي آمين..
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ناز سدا آباد هجين، شاد هجين.. سلامت هجين، خوشيون ماڻين..
     
  7. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون


    اعظيم شاعر کي تمام بهترين ڀيٽا ڏني آهي ادا سليمان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو