هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي 22 ورسي جو احوال

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ ممتاز علي سمون مٽياري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2015۔

  1. ممتاز علي سمون مٽياري

    ممتاز علي سمون مٽياري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولي يونيورسٽي جو قيام
    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي 22 ورسي جو احوال
    رپورٽ: ممتاز علي سمون مٽياري
    تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ قديم زماني کان تهذيب، ثقافت، علم، ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي ۽ هن سرزمين جو هر حصو پنهنجي خصوصي اهميت رکي ٿو. سنڌ ۾ ادبي، علمي، سياستدانن، سماجي ۽ روحاني شخصيتن جي ڪا ڪمي ڪانهي جن سنڌي علم و ادب، سماجي ڪمن ۽ سياست جي شمع کي روشن رکڻ ۾ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اهڙين سحر انگيز شخصيتن ۾ قبلا مخدوم محمد زمان طالب المولي به شامل آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولي سنڌ جو ناليوارو شاعر، اديب طور سڃاڻپ رکندڙ شخصيت هئا ته اتي پاڻ درگاهه حضرت سرور نوح رحمت الله عليه جا گادي نشين به رهيا. مخدوم محمد زمان تخلص طالب الموليٰ جن جي پيدائش 4 آڪٽوبر 1919ع بروز ڇنڇر جي ڏينهن هالا ۾ ٿي. پاڻ مخدوم غلام محمد سائين رحمت الله عليه حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه جي پنڌرهين سجاده نشين جا فرزند هئا. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سڀ کان اول قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي، تنهن بعد فارسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين، زياده تر سندن جي تعليم ۽ ترتيب سندن والد حضرت غلام محمد جن ڪئي، سندن والد حضرت مخدوم غلام محمد21 ڊسمبر 1944ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ 1945 جي شروعات ۾ حضرت مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه جي سلسلي جا سجاده نشين ٿيا. سندن کي شاعري ۽ راڳ رنگ ادب سان تمام گھڻو لڳاءِ رهيو ۽ سندن کي اهي سموريون شيون ورثي ۾ مليون. سندن ادبي خدمتن جي صلي طور ملڪي ۽ سماجي خدمتن جي انعام ۾ پاڪستان سرڪار تمغه پاڪستان جو پڻ اعزاز ڏنو. مخدوم محمد زمان طالب المولي 11 جنوري 1993ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلائي وڃي خالق حقيقي سان مليا. گذريل ڏينهن ان روحاني شخصيت جي 22 ورسي هالا شهر ۾ درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه جي احاطي ۾ عقيدت و احترام سان ملهائي ويئي. سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم، مخدوم خليق الزمان، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، مخدوم فخر الزمان، مخدوم محبوب الزمان، مخدوم عمار حيدر ۽ سروري جماعت جي هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏ مخدوم طالب المولى جي مزار تي چادر چاڙهي خصوصي دعا گهري. جتي مخدوم محمد امين فهيم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم طالب المولى سياسي، سماجي ۽ روحانيشخصيت هئا، جنهن علم ۽ ادب لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، هن سنڌي ٻولي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو اهو مثالي آهي، مخدوم طالب المولى جي ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته مخدوم طالب المولى جهڙيون شخصيتون صدين کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن، مخدوم طالب المولى جي خدمتن تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي ۽ سندس سروري جماعت جي مريدن کي اڪيلو ڪڏهن نه ڇڏينداسين، سروري جماعت مخدوم خاندان جو سرمايو آهي، ان کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ هندستان کان آيل سروري جماعت جي مريدن کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين ۽ خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي توجهه ڏين. درگاهه حضرت سرور نوح رحمت الله عليه تي قرآن خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو. سڄي هالا شهر ۾ سروري جماعت جا جهنڊا، بينر، پوسٽر ۽ پينا فليڪس لڳايا ويا هئا. جتي سروري جماعت جا هزارين عقيدت مند ۽ مريد پهچي چڪا هئا. شام جي ٽائيم تي مخدوم هائوس هالا پاران مخدوم شفيق الزمان آڊيٽوريم هال ۾ ورسي جي سلسلي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيل هو، جنهن جي ميزباني صوبائي وزير روينيو مخدوم جميل الزمان ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سروري جماعت جا هزارين مريد اندر هال ۾ موجود هئا. آجياڻي تقرير ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جن کي اسان کان وڇڙندي 22 ورهيه گذري ويا آهن مگر اڄ به اهو محسوس ٿئي ٿو ته هو اسان ۾ موجود آهي، سندن يادون، سندن ڳالهيون اڄ به اسانجي آڏو آهن، جڏهن ته قبلا سائين مخدوم محمد امين فهيم مخدوم محمد زمان طالب المولي واري رنگ ۽ روپ ۾ اسانکي مليا آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالقدوس علوي، ڊاڪٽر پروفيسر حبيب الله صديقي، سيد شبير عاطف، پروفيسر مير علي شاهه پڻ مخدوم محمد زمان طالب المولي جي سوانح حيات تي ڳالهائيندي چيو ته مخدوم طالب المولى انسان دوست، ادب دوست، علم دوست شخصيت جو مالڪ هو، هن سنڌي ٻولي جي وڏي خدمت ڪئي، سنڌي ٻولي جي لاءِ ان وقت جي صدر ايوب خان وٽ وڃي سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪرايو، جنهن سبب اڄ سنڌي ٻولي اسان وٽ محفوظ آهي. صدارتي خطاب ۾ مخدوم محمد امين فهيم مخدوم خاندان جي وڏڙن جون هالا سميت سڄي سنڌ ۾ ڪيل تعليمي خدمتن بابت تفصيلي طور آگاهي ڏيندي چيو ته اسان جي وڏڙن هالا ۾ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج تعمير ڪرايا ۽ منهنجي پٽ مخدوم جميل الزمان هالا ۾ مخدوم طالب المولى لا ڪاليج جوڙائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مخدوم طالب المولى جي پهرين ورسي جي موقعي تي درگاهه شريف هالا تي مون اهو اعلان ڪيو هو ته هالا ۾ جلد مخدوم طالب المولى يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پر جيئن ته وقت جي حالتن، سياست ۽ حڪومت جي تبديلي سبب اهو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو، هاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي ته جلد هالا ۾ يونيورسٽي جوڙائڻ وارو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي، ان جي لاءِ ماهر تعليمدانن ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالقدوس علوي جي تعاون سان اهو عمل ٻيهر جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته هالا ۾ مخدوم طالب المولى يونيورسٽي لاءِ ڪنهن کان به مالي امداد نه ورتي ويندي. هن چيو ته اها يونيورسٽي اندرون سنڌ جي عوام لاءِ آسان در آهي. هيءَ يونيورسٽي هالا، آس پاس سميت سڄي اندرون سنڌ واسين لاءِ تعليم پرائڻ جو آسان در هوندو جتي آرٽ، ڪامرس، سائنس، اسلامڪ، سنڌي لينگويج، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم ڏني ويندي. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب المولي جي دور ۾ هالا ۾ جيڪي تعليمي درسگاهه جڙيا انهن ۾ ٻاهريان کان ايندڙ غريب شاگردن جي رهائش سميت، کاڌ خوراڪ، ڪپڙن، دوائن جو خرچ قبلا سائين خود پاڻ برداشت ڪندا هئا ۽ هن يونورسٽي ۾ پڻ غريب شاگردن جو فري ۾ علاج سان گڏو گڏ انهن کي ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون ويندو. ان موقعي تي مخدوم محمد امين فهيم صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان کي هدايت ڪئي ته هالا شهر جي تعليمي درسگاهن مان جيڪي به تعليم پرائي هن وقت وڏن عهدن تي پهچي چڪا آهن انهن جي سڄي بايوڊيٽا هڪ اي ميل ذريعي جمع ڪئي وڃي ته پوءِ انهن ڄاڻو ماڻهن مان يونيورسٽي جي لاءِ هڪ بورڊ تشڪيل ڏنو وڃي ته جيئن انهن جي قابليت مان يونيورسٽي لاءِ خدمتون سرانجام ورتيون وڃن. تقريب ۾ مخدوم نعمت الله، مخدوم محبوب الزمان، مخدوم فخر الزمان، مخدوم احمد زمان، مخدوم سندهيار، ڊي سي مٽياري فياض حسين عباسي، ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ، گل محمد پنهور، محمد بچل مغل، ثناء الله صدر، ڪامريڊ محمد صديق ميمڻ، عبدالجليل بروهي، شاهنواز ميمڻ، سهيل فيصل ابڙو ۽ سروري جماعت جي هزارين عقيدت مندن ۽ مريدن شرڪت ڪئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين ڄاڻ ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    مخدومن جي باري ۾ تمام سٺي معلومات ونڊي اٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو