هڪ پرائمري استاد پنهنجي هڪ گدلي شاگرد کي جھڻڪندي چيو ته: ”گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو منهن ته صبح سان ڌوئي ايندو ڪر.“ تنهن تي شاگرد معصوم منهن ٺاهيندي جواب ڏنو ته: ”سائين ڏاڍا غريب آهيون، گھر ۾ نلڪو ئي ڪونهي.“ استاد کي سخت بڇان چڙهي وئي ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”نڀاڳا، ٽي ڪڙيا ٽپندو اسڪول ايندو آهين، ٻه ڇلڪ پاڻيءَ جا منهن تي هڻڻ ۾ تنهنجي ڪهڙي غربت جو ڪم؟“ سچ ته اهو آهي دوستو. اسان سنڌي ماڻهن جي اڪثريت به ان نڀاڳي شاگرد جهڙي آهي. پڇا ڪيو: بابا ڪم ڇونه ٿو ڪرين؟ جواب ملندو ڪهڙو وري ڪم پيو آهي. چئجين ته بابا ڪم ته ڪرين ئي ٿو ٿورو فهم ۽ فضيلت سان ڪرين ته ڇا ٿي ويندئي؟ چوندا: سائين وسيلا ڪٿي آهن. چئون: ٻيلي الله جي نالي تي، پنهنجي ٻچڙن لاءِ ئي سهي پر ٿورو ڪم ۾ سليقو رکو، خدمت ۾ برڪت آهي، اوهان جيڪو به ڪيو ٿا اهو ڀلو، پر ان جي پيشڪاري به سکو. ته جواب ملندو: بابا غلامي ئي اسان جو مسئلو آهي، جيستائين آزادي نه ملندي ڪهڙو وري سليقو ايندو.! (ته ڇا آزاد ٿيڻ کان پهريان ڪا فهم فضيلت ناهي رکڻي، باقي ڪتا، ڪڪڙ پالڻا آهن، جڳاڙ ڪرڻا آهن، نوڪرين کان گسائڻو آهي، ڪم کان صفا ٻرو ڏئي ڇڏڻو آهي... ۽ انهن سڀني محرڪن جو سبب آهي ”غلامي.“ منهنجي خيال ۾ اسان جي انهن روين جي ڪري به اسان پاڻمرادو غلاميءَ جو شڪار آهيون.
ته جواب ملندو: بابا غلامي ئي اسان جو مسئلو آهي، جيستائين آزادي نه ملندي ڪهڙو وري سليقو ايندو هي جواب واقعي اسان جي نااهلي تي ٺهيل آهي