پڄي آءُ نه سگھان، لعنت گوڏن تي)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هڪ پرائمري استاد پنهنجي هڪ گدلي شاگرد کي جھڻڪندي چيو ته: ”گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو منهن ته صبح سان ڌوئي ايندو ڪر.“
    تنهن تي شاگرد معصوم منهن ٺاهيندي جواب ڏنو ته: ”سائين ڏاڍا غريب آهيون، گھر ۾ نلڪو ئي ڪونهي.“
    استاد کي سخت بڇان چڙهي وئي ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”نڀاڳا، ٽي ڪڙيا ٽپندو اسڪول ايندو آهين، ٻه ڇلڪ پاڻيءَ جا منهن تي هڻڻ ۾ تنهنجي ڪهڙي غربت جو ڪم؟“
    سچ ته اهو آهي دوستو. اسان سنڌي ماڻهن جي اڪثريت به ان نڀاڳي شاگرد جهڙي آهي.
    پڇا ڪيو: بابا ڪم ڇونه ٿو ڪرين؟
    جواب ملندو ڪهڙو وري ڪم پيو آهي.
    چئجين ته بابا ڪم ته ڪرين ئي ٿو ٿورو فهم ۽ فضيلت سان ڪرين ته ڇا ٿي ويندئي؟
    چوندا: سائين وسيلا ڪٿي آهن.
    چئون: ٻيلي الله جي نالي تي، پنهنجي ٻچڙن لاءِ ئي سهي پر ٿورو ڪم ۾ سليقو رکو، خدمت ۾ برڪت آهي، اوهان جيڪو به ڪيو ٿا اهو ڀلو، پر ان جي پيشڪاري به سکو.
    ته جواب ملندو: بابا غلامي ئي اسان جو مسئلو آهي، جيستائين آزادي نه ملندي ڪهڙو وري سليقو ايندو.!
    (ته ڇا آزاد ٿيڻ کان پهريان ڪا فهم فضيلت ناهي رکڻي، باقي ڪتا، ڪڪڙ پالڻا آهن، جڳاڙ ڪرڻا آهن، نوڪرين کان گسائڻو آهي، ڪم کان صفا ٻرو ڏئي ڇڏڻو آهي... ۽ انهن سڀني محرڪن جو سبب آهي ”غلامي.“
    منهنجي خيال ۾ اسان جي انهن روين جي ڪري به اسان پاڻمرادو غلاميءَ جو شڪار آهيون.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ته جواب ملندو: بابا غلامي ئي اسان جو مسئلو آهي، جيستائين آزادي نه ملندي ڪهڙو وري سليقو ايندو
    هي جواب واقعي اسان جي نااهلي تي ٺهيل آهي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هاهاهاها........ ڳالهه واقعي به رسوائي جي آ... پر آهي سچي... :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو