Sindhi Media
سينيئر رڪن
پنهنجي وطن (سنڌ)، ٻولي (سنڌي) تهزيب، ڪلچر، تمدن (انڊس سولائيزيشن) جي حفاظت ڪريو ! رُڪاوٽ بڻجي سامهون اچو ڀلي سامون ڪو سنڌ جوئي ۽ ڪو پنهنجو غدار وڏيرو ڇو نه هُجي يا ڪو پناهگير، جنهن تي اوهان احسان ڪيو، جنهن ۾ انسانيت ناتي توهان روح وجهي توهان اُٿاري بهاريو ۽ پنهنجي پيرن تي کڙو ڪيو ۽ حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنهُ جو اهو قول وساري ويٺا ته، (جنهن تي احسان ڪريو، اُن جي شر کان بچو) ۽ پوءِ سنڌي وڏيرن ۽ ڀوتارن، پنهنجن کي بُکيو، بيگهر رکي، نظر انداز ڪري سنڌ جي هر شيءِ هر وسيلو اُنهن جي حوالي ڪيو ته هو سند ووٽ بينڪ بڻجن پر ڪونه ٿيو. هُو جيڪو اڄ به سڀ ڪُجهه هٿ ۾ رکي ڍٽائي سان اکيون اکين ۾ وجهي چوي ٿو ته هو محروم رهيو ۽ رکيو ويو آهي ۽ ڪو غيرتمند سنڌي، کيس ڀيٽ ڪري ڳڻائڻ وارو نه آهي ته هُن وٽ پاڇي ڇا آهي ۽ ٻين غريب سنڌين وٽ ڇا آهي ۽ پوءِ به اڃا به ڊپلوميٽڪ ٿي پيو هلي، دهشت کان يا ڪنهن جي زور ۽ صد تي، ته بهادر بڻجو ۽ کوليو، پڌرو ڪريو ته توهانجو ڇا ڇا کسيي هُن کي ڏنل آهي ۽ توهان وٽ ڇا پاچي آهي، بُک، افلاس، ڪکن وارا گهر ته دُنيا به ڏسي انصاف سان چئي ته محروم ڪير ڪيل آهي، پڪن گهرن ۽ محلن ۾ رهڻ وارا ، ٽرانسپورٽ، پلاٽن، نوڪرين علمي ادارن ۾ قابض يا ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ ، غربت ۽ مُفلسيءَ ۾ رهڻ وارا.