تعليمدان، زرعي ماهر، اديب ۽ شاعر مٺل جسڪاڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,815
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    تعليمدان، زرعي ماهر، اديب ۽ شاعر
    مٺل جسڪاڻي
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون


    مٺل جسڪاڻي هڪ ڊگهي عرصي کان مسلسل لکي رهيو آهي، نه صرف لکي ٿو پر پاڻ ٻين جي لکڻين، شاعري ۽ راين تي به پنهنجا تعريفي يا تنقيدي رايا لکندو آهي. مٺل انهن ماڻهن مان آهي جن سوشل ميڊيا تي پنهنجي سڃاڻ متحرڪ ميمبرن طور ڪرائي آهي. مٺل هڪ شاعر به آهي ته ليکڪ به آهي، هو زرعي محقق به آهي ته بهترين استاد پڻ آهي. مٺل جسڪاڻي جو جنم 15 جنوري 1961ع ۾ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان پلانٽ پيٿالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين، اتي ئي 1984ع تائين کُنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائڻ واري پهرئين تحقيقاتي پروجيڪٽ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، 1989ع کان باغبانيءَ واري تحـقـيـقـاتـي اداري مـيـرپـورخـاص ۾ اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالاجسٽ ۽ 1994ع کان زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته مٺل جي سڃاڻ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان آهي. پاڻ زرعي معلوماتي مضمون به لکندو رهي ٿو، سندس لکيل ڪيترائي زرعي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ ماهوار ’جديد زرعي کوجنا‘ جو ايڊيٽر پڻ آهي .

    سندس جنم ڏينهن تي اسان جو سٿ کيس سلام پيش ڪري ٿو سندس صحتيابي ۽ ڪاميابيءَ لاء دعاگو آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,815
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٺل جسڪاڻي بابت فيسبوڪ تي نسيم بلوچ لکي ٿو:
    چون ٿا ته ڪيپريڪارن اسٽار وارا ڏاڍا شرميلا هوندا آهن، جاکوڙي به اهڙا جو هرشئي کوٽي ڪڍي وٺندا آهن، ڀلي ڪنهن جي دل جي ڳالهه ڇو نه هجي، هن جي وهم۾ به هوندو ته ڪو انهن جي اندروني اک خوردبين کان به وڌيڪ تيز هوندي آهي، هنن جي سوچڻ جي سگھه ته واهه واهه، لکن ته واهڙ وهائي ڇڏين، 15 جنوري تي جنم وٺندڙ سائين جڏهن پتڪڙو هوندو هو ته به محنتي، خوددار، مئٽرڪ ڪيائين ته واندو ويٺو هو، نيٺ وڃي انبن جي باغ ۾ “طوطا”اڏارڻ جي مشق ڪرڻ لڳو، مشڪ ڪندي ڪندي سندس ئي طوطا اڏامي ويا. وري جو زرعي يونيورسٽي سان لاڳاپيو ته پنهنجي سند وٺڻ کان پوءِ جنهن ٿيسز لاءِ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته بابا! ڪنهن وٽ ٿيسز لکندين توهان جو گائيڊ ڪير هجي، ته مسڪرائي وراڻيائين ته منهنجو ڪم آهي پڙهڻ گائيڊ واري جو ڪم آهي گائيڊ ڪرڻ، سو هن پنهنجي دور جي محترم استاد جنهن وٽ ڪو به ٿيسز ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو جي دلي خواهش تي هن جو ئي اڌ ۾ رهيل ڪم، کنڀين جي هٿراڌو پوک وارو ڪم هٿ ۾ کنيو. ۽ هن نيٺ اهو ڪري به ڏيکاريو. جڏهن اها ڳالهه ٻڌم ته مونکي منهنجو نظم “استعارو” ياد اچي ويو.
    الاءِ ڪٿان لکڻ پڙهڻ جو جنون اچي جاڳيس جو، ويو لکندو، ڪتابن جا ڪتاب، فنجاءِ به لکي ورتائين اهو به انگريزي ۾، ان کان علاوه 20 کان مٿي ڪتاب سائين جن جا لکيل آهن. پلانٽ پيٿالاجيءَ ۾ مھارت حاصل ڪندڙ منهنجو مٺل جسڪاڻي، منهنجي ڄاڻ مطابق پاڪستان جي ڪل چئن سائنسدانن مان پهرين نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي هو پنهنجي شاعري، ڪهاڻين ۽ اصولن ۾ به آهي. آئون جڏهن عاجز اڄڻ سان روز بند جو سلام ڪندو هوس ته سائين جن جي وڃڻ کان پوءِ مون جنهن ماڻهو کي چونڊيو اهو سائين مٺل ئي هو جنهن کي اڃان تائين روز بند جو سلام ڪندو آهيان. سائين هر منظر کي ڪيميرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ جو عادي آهي. جتي ڪٿي پير به ڀريندو آهي. سندس اوطاق تي ڪهي وڃبو ته هن جي جان ۾ جان اچيو وڃي. هو مهمان کي مها مان سمجھندو آهي. ۽ پنهنجي وت کان به وڌيڪ هن جي خدمت چاڪري ڪندو آهي.
    مٺل گھڻو ڪري پاڻ کي مُٺل سمجھندو آهي. جھمپير جي نشيلي هوائن واري سرزمين تان جيون ساٿي مليل، ته هو ويتر نکري پيو. ريتن رسمن، کي نڀائيندي نڀائيندي پاڻ به سدائين سفر ۾ رهيو. هڪ دفعي منهنجي ڪنهن دوست چيو، يار ڪو زرعي ماهر ٻڌاءِ منهنجي بصر جو فصل صفا وڃي تري لڳو آهي. سو مون بنا پڇڻ جي سائين جو نمبر هن کي ڏنو. جڏهن محترم هن سان ڳالهايو ته چائين ادا ائون ڪڙل ته آهيان ڪونه جو تڪليف ٿيندي مائٽن نالو ئي مٺل رکيو آهي.
    سائين مٺل جا لکيل نظم، اسٽيٽس، روز جي ڪارگذاري جنهن مان هو گذري ٿو جو حصو هوندا آهن. مون جهڙي پتڪڙي ماڻهو کي مٺل سائين جي متعلق لکندي به عجيب احساس ٿي رهيو آهي. هرڪنهن جي پنهنجي پنهنجي اک اهي، هرڪنهن جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي. سائين جن جتي به لکيو آهي جڏهن به لکيو آهي ته دل جي سچائي سان. استادن جو ۽ وڏڙن جو احترام ته ڪو کانئس ئي ڪرڻ سکي.
    ڪانگن ، جي ڪان ڪان ته هميشه سندس لکڻين تي رهندي آهي. ڇو ته رومال ۾ ويڙهيل ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ ڪنهن ايري غيري جي وس جي ڳالهه ناهي. اها به ڄاڻ ملي اٿم، ته سائين جن پنهنجي شاعري جو ڪتاب ڇپائڻ جي موڊ ۾ آهي. منهنجي دعا آهي ته سائين سدائين اڳ کان اڳرو هجي. ملوڪ طبيعت رکندڙ سائين مٺل نالي جهڙو ئي مٺل آهي. بس مون ته ايترو سمجھيو آهي. ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپا ڏيئي.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو