گاڏين جي ايئر ڪنڊيشنڊ انسان لا۽ هاڃيڪار

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    جديد دؤر جون ڪيتريون ئي اهڙين برقي شين ۾ هڪ ايئرڪنڊيشن آهي، جنهن جوا ستعمال ترقي پذير ۽ ترقي يافته معاشرن ۾ گھڻائيءَ سان ٿي رهيو آهي. تحقيق ڪندڙن موجب اي سي ڪينسر ۽ رت جي ٻين ڪيترن ئي عارضن جو سبب بڻجندو آهي. سائنسي ايجادن جتي زندگي سؤلي ۽ آرام ڏيندڙ بڻائي ڇڏي آهي ته اتي ڪيتريون ئي شيون اهڙيون آهن جيڪي انساني صحت تي تمام خراب اثر ڇڏينديون آهن. تنهنڪري ان بابت عوامي شعور تمام گھٽ آهي، برقي شين مان هڪ ايئرڪنڊيشن آهي، جنهن جو استعمال ترقي پذير ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ گھڻائيءَ سان ٿي رهيو آهي. تحقيق ڪندڙن ايئرڪنڊيشن جي خراب اثرن تي تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ڪينسر ۽ رت جي چند ٻين موتمار عارضن جو سبب بڻجندو آهي. ايئرڪنڊيشن ڪار جي ڊيش بورڊ مان ڪينسر هاڻو مادو نڪرندو آهي

    اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ناهي ته موجودا دؤر ۾ ڪينسر جو شڪار ٿي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪندڙن جو انگ پهريان جي مقابلي ۾ گھڻو ٿي چڪو آهي. ڪينسر جھڙي موذي مرض جو تعلق روزانو گذرندڙ زندگيءَ جي معمول بنجندڙ ڪيترين ئي غلط عادتن سان به آهي. اوهان محسوس ڪيو هوندو ته ڪيترائي ماڻهو صبح ساڻ پنهنجين گاڏين ۾ وهندي ئي پهريون ڪم اي سي چالو ڪرڻ جو ڪندا آهن ۽ رات جو جيستائين هو گاڏيءَ مان لهي پنهنجي گھر ۾ داخل ناهن ٿيندا، ايئرڪنڊيشن جي هٿرادو ٿڌ سبب ظاهري طور آرام واري حالت ۾ سفر ڪندا آهن، پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ماهرن ان بابت کوجنا ڪئي ۽ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ ڊيش بورڊ، گاڏي جون سيٽون ۽ ڪار ۾ استعمال ٿيندڙ ايئرفريشنر اهڙيون شيون آهن، جن مان لاڳيتو هڪ خاص قسم جو زهريلو ڪارسينوجن مادو، جنهن کي جسي بينزين به چيو ويندو آهي نڪرندو رهندو آهي. هي مادو ڪينسر کان سواءِ هڏين اندر زهر ڦهلائيندو آهي. ان سان رت جي کوٽ، خاص طور رت ۾ ملندڙ اڇن جزن جي مقدار ۾ کوٽ ٿي ويندي آهي، ماهرن جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته گاڏي اندر موجود زهريلو مادو جيڪو گئس جي صورت ۾ ساهه ذريعي جسم ۾ ويندو آهي، ڳورهارين عورتن لاءِ خاص طور نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي، اهو ٻار ڪرڻ (ضايع ٿيڻ) جو پڻ وڏو سبب ثابت ٿيو آهي.

    گاڏيءَ ۾ رهندڙ بينزين جي مقدار جيڪڏهن 50 ملي گرام في فٽ هجي ته اهو نقصانڪار ثابت ٿيندو، تنهنڪري جڏهن گاڏي ڪنهن ڇانوَ واري هنڌ يا ڇت هيٺان پارڪ ڪيل آهي ته ان جا شيشا بند هجن ته ان اندر 400 کان 800 ملي گرام في فٽ تائين بينزين موجود هوندا آهن. جيڪڏهن ڪار کليل آسمان هيٺان اس ۾ بيٺل هجي، جتي ڪار جو اندريون ماحول 60 ڊگري فارن هائيٽ هجي ته ان ۾ زهريلن مادن جو نڪرڻ ٻه هزار ملي گرام مان چار هزار ملي گرام في فٽ تائين ٿيڻ لڳندو آهي، مطلب ڇانوَ ۾ بيٺل گاڏيءَ مان نڪرندڙ ان مادي جي مقدار لڳ ڀڳ 40 ڀيرا وڌيڪ اس ۾ بيٺل، بند گاڏي جنهن جا شيشا به بند هوندا آهن، ان ۾ سوار ٿيندڙ ماڻهو لازمي طور ان زهريلي مادي جي ڳري مقدار ۾ ساهه ذريعي پنهنجي جسم ۾ منتقل ڪندا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو