• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوان شهر اڏڻ جي بهاني سنڌ جي ڀينگ

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
دلشاد ڀٽو

ڪجهه عرصي کان وٺي سنڌ ۾ نوان شهر اڏڻ ۽ اتي دنيا جا عاليشان رهائشي منصوبا ٺهي رهيا آهن، روزانو انهن جي بڪنگ لاءِ اخبارن ۽ ٽي وي چينلن کي اشتهار ڏنا پيا وڃن. هي ڪاروبار پاڪستان جو هڪ مڃيل بلڊر ڪري رهيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر ۾ اڏيا پيا وڃن. انهن منصوبن ۾ گهر يا پلاٽ وٺڻ ڪنهن غريب غربي مڊل ڪلاس ۽ نوڪري پيشه ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن گروپ پاڪستان توڙي پرڏيهه ۾ جتي به رهائشي اسڪيمون هلايون آهن اهي نسبتن تمام مهانگيون هونديون آهن، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته هي رهائشي منصوبه سنڌين مٿان ڪهڙي مهرباني طور هلايا پيا وڃن؟ ٻڌڻ ۾ هي پيو اچي ته ملڪ جي وڏي پارٽي جي هڪ تمام طاقتور شخصيت ان ڪاروري گروپ سان حصي دار آهي. ۽ ان جي ئي نظر ڪرم جي بنياد تي سنڌ ۾ هي رهائشي ڪاروبار هلي پيو. هن ڪاروبار تي جنهن به ڌر کي اعتراض آهي انهي کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون خراج طور اڏي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي ۽ ممڪن آهي ته ٻيو به گهڻو ڪجهه مليو هجي. عام سنڌي مسلمان لاءِ هڪ تمام وڏي مسجد ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي ته جئين سنڌي نماز پڙهي ۽ کيس دعائون ڏين. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زمين جي مد ۾ هڪ هزار ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت پورٽ قاسم، ڪي ڊي اي، روينيو ۽ ٻين کاتن جي هزارين ايڪڙ زمين مختلف وقتن تي هن ڪاروباري شخصيت کي الاٽ ڪئي آهي، جيڪا غيرقانوني آهي جيڪا زمين ناقابل منتقلي آهي ۽ قانون ۾ هيرا ڦيري ڪري هن زمين جا کاتا مٽايا ويا ۽ جن آفيسرن صحيون نه پئي ڪيون انهن کي بدلي ڪيو ويو. ان کانسواءِ ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ جيڪا سرڪاري زمين ورتي وئي آهي، ان جي مارڪيٽ ريٽ ۾ ادائگي نه ٿي آهي. جيڪا زمين ڪروڙن جي ماليت رکي ٿي اها هزارن ۾ خريد ڪئي وئي آهي ٻڌڻ ۾ ته هي به اچي ٿو ته قانون ۾ هيرڦير ڪري، ان اندرون سنڌ، ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ويران بنجرزمين کي قابل منتقل بنائي ۽ انهي کي ڪراچي ۾ منتقل ڪيو ويو. ان کان علاوه جيڪي عام ماڻهن جون زمينون هنن رهائشي اسڪيمن ۾ اچن ٿيون، انهن ماڻهن کي معمولي پيسا ڏنا ويا ۽ جن وڪرو ڪرڻ نٿي چاهي انهن کان زبردستي لکرائي وئي ۽ ان ڪم ۾ حد جا ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر، ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لڳل آهن. هي پرائيوٽ پروجيڪٽ انهن جي نگراني ۾ هلي رهيا آهن. هنن رهائشي منصوبن مان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي آخر فائدو ڪهڙو آهي؟

سڄي سنڌ سورن ۾ آهي، پيٽ پالڻ ۾ پوري آهي سنڌ ۾ شديد غربت آهي۽ غربت سانگي ماڻهو مرن پيا. ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ڪارو ڏڪار آهي، پوري سنڌ ۾ صحت ۽ بنيادي سهولتن جي اڻ هوند آهي ايتري قدر جو پيئڻ جو پاڻي نه آهي. سنڌ جون مک شاهراهون ۽ لنڪ روڊ ٽٽا پيا آهن، روزانا ڪيترائي روڊ حادثا پيا ٿين ۽ ماڻهو اجل جو شڪار پيا ٿين، بجلي، گئس ، پاڻي تعليم ۽ صحت نه آهي. شهرن ۾ صفائي نه آهي، ماڻهو ويچارا شهرن ۾ بنيادي سهولتن کان محروم آهن سنڌ جون ٻهراڙيون ته هونئن به تباهه آهن ۽ ان دوران آخر سنڌي ماڻهو اهڙن مهانگن شهرن ۾ رهڻ جي عياشي افورڊ ڪري سگهن ٿا؟ ٻيو ته هنن شهرن جي تعمير کان پوءِ سنڌي دائمي طور پنهنجي ڪهڙي تاريخي بيهڪ ۾ بيهندا؟ هنن مهانگين اسڪيمن ۾ گهر وٺڻ ته پري پر انهن جي داخلا به ممنوع هوندي، تمام گهٽ سنڌي ماڻهو انهن ۾ گهر بڪ ڪرائيندا ته پوءِ آخر لکين ۽ هزارين ايڪڙن تي مشتمل هنن هائوسنگ اسڪيمن ۾ ڪير رهندو ۽ ڪير خريداري ڪندو؟ ظاهر آهي ته اتي گهر ڪو ٻاهريون ماڻهو وٺندو يا ڪو سيڙپ ڪار جيڪو خريد ڪري رکي ڇڏيندو يا وري اهو جيڪو سنڌ ۾ مستقل طور لڏي اچي ويهي رهي جڏهن ذوالفقار آباد جوڙڻ جو اعلان ٿيو ته پوري سنڌ ۾ گوڙ هو ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، توڙي ان ويران زمين سان سنڌين کي ڪو ايڏو مالي نقصان نه پئي ٿيو، پر هنن رهائشي اسڪيمن سان سنڌ کي ٻه وڏا نقصان ٿيندا. هڪ ته سنڌ جي قيمتي زمين جيڪا هزارين کرب روپين جي ماليت جي آهي اها قومي خزاني ۾ جمع نه ٿي، ٻيو ته ڌاري آباد جي دٻاءُ هيٺ ايندا ۽ ٽيون ته هي جيڪي هتي اچي گهر خريد ڪندا اهي هتي قانوني طور رهڻ جي لائق ٿي ويندا. سنڌ ۾ توڙي جو تمام گهڻا قدرتي وسيلا آهن، جنهن ۾ تيل، گئس، ڪوئلو، ٻيا معدني وسيلا موجود آهن پر انهن هوندي به سنڌي ماڻهو عذابن جي زندگي گذاري رهيا آهن. مٿان وري سنڌ جون زمينون ڀگڙن مٺ تي ڪاروباري مافيا کي تحفي طور ڏئي ۽ ان ۾ مفت حصه داري وٺي صرف ٻه ماڻهو خوش ٿي سگهيا آهن.سنڌ جي زرعي معيشت هونئن به تباهه آهي حڪمران پارٽي جا عهديدار چون ٿا ته سرڪاري نوڪريون نه آهن ۽ سنڌي نوجوان ڇولا وڪڻي گذر سفر ڪن. ان کانسواءِ سنڌ ۾ صنعت به نه آهي جنهن ۾ ماڻهو روزگار ڪن ۽ پنهنجو پيٽ پالي سگهن.

پر اچرج ته ان تي آهي ته سنڌ جون قومپرست ۽ سياسي پارٽيون ۽ ساڃاو وين آخر ڇو خاموش آهن. ڇا هو اهو سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ رهائشي منصوبن جي آڌار تي ڪو ٻاهريون ناڻو اچي پيو؟ هي ته سنڌ جون ملڪيتون آهن جيڪي بنهه سستي اگهه تي هڪ ڪاروباري مافيا حوالي ڪيون ويون آهن انهن رهائشي اسڪيمن بجاءِ سنڌ جي هر ضلع ۾ جيڪڏهن مختلف قسمن جا 5 صنعتي يونٽ لڳايا وڃن ها ته هزارين ماڻهو روزگار سان لڳي پون ها سرڪار تان به بي روزگاري جو بوج لهي پوي ها، پر سنڌ جو قيمتي زمينون وڪڻڻ ۾ دنيا جي وڏي ڪرپشن ٿي آهي ۽ ان طرف ڪنهن جو به توجه ڪونه آهي ته سنڌ جي ڀينگ ڪيئين پئي ٿئي ۽ سنڌ جا ٽپڙ نيلام ڪيئن پيا ٿين. هڪڙي سياسي ڌر کي ٻه يونيورسٽيون رشوت طور ٺاهي پيون ڏنيون وڃن پرسوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ان جي گهران ڇا وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ملڪيت ته سنڌين جي پئي لٽجي. يا دنيا جي وڏي مسجد ٺهي ته تب سنڌين کي ڪهڙو فائدو. ان کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ حڪومت سمجهي ٿي ته هو سنڌ جون فالتو زمينون وڪڻي ۽ ان مان سنڌ ۾ ڪا ترقي ڪرائيندي ته ائين به نه آهي؟ هي سڄو ڪم سنڌ حڪومت جي اختيارين هيٺ هلي رهيو آهي ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته عوام طرفان چونڊيل پارٽي ان ڪاروباري شخصيت کي وڪڻي وئي آهي گذريل پنجن، ستن سالن ۾ اها خبر نٿي پوي ته سنڌ حڪومت هلائي ڪير پيو؟ نه ڪو قانون آهي نه ئي ڪو انتظام آهي. سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پيسا نه آهن، اسپتالن ۾ دوائون ۽ عملي جي کوٽ آهي، اسڪولن ۾ ڪتابن ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي. سرڪاري ملازمن کي وقت تي پگهارون نٿيون ملن، نين نوڪرين لاءِ خزانو خالي آهي وزيرن ۽ پارٽي عهديدارن توڙي چونڊيل نمائيندن جون دانهون آهن ته هو بي وس آهن ۽ انهن جا ڪم نٿا ٿين جڏهن ته سرڪار ۾ ويٺل ماڻهن جا ڪم نٿا ٿين ته پوءِ خلق خدا جا ڪم ڪير ڪندو. دنيا ۾ ڪٿي به ائين ڪونهي ته سرڪاري ملڪيت ائين وڪڻي ڇڏجي. پاڪستان ۾ توڙي جو سڀني صوبن لاءِ ساڳيو قانون آهي پر ائين نه آهي جئين سنڌ ۾ آهي. ڪوبه ماڻهو پيسه خرچ ڪري پوري سنڌ حڪومت خريد ڪري سگهي ٿو. اهڙو انڌير ڪٿي ڪونهي. ڪالهو ڪي ڳالهه آهي ڪراچي ۾ هڪ اسڪول تي قبضا مافيا قبضو ڪيو، اسڪول ڊاهي ڇڏيائين، اها خبر نه پئي ته ڪنهن قبضو ڪيو، ڪهڙو پارٽي جو هو. ائين پوري سنڌ ۾ رو نيو، ٻيلي کاتي، ريلوي، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽي جي زمينن ۽ بلڊنگ تي قبضه ڪيا ويا آهن ويندي عوام لاءِ ٺاهيل پبلڪ پارڪن تي قبضه ٿي ويا آهن گهڻا وڪجي به ويا آهن. جڏهن قومي ادارن تي ائي ڌاڙا لڳندا ۽ لا قانونيت ٿي ويندي ته پوءِ حڪومت هجڻ ۽ نه هجڻ جو تصور ئي ختم ٿي ويندو. ڀل عوام ڪنهن پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائي ٿو پر پوري دنيا ۾ اهڙي هڪ به حڪومت نه آهي جيڪا ائين عوامي خزاني ۽ قومي ملڪيتن جي ڦرلٽ ڪري. سو هن صوتحال ۾ قومپرست، جمهوريت پارٽين توڙي عام ساڃه وند سنڌي جي خاموشي ، لاتعلقي ۽ بي حسي سنڌين کي ايندڙ وقت جي ڪنهن به وڏي تباهي کان بچائي نه سگهندي،

اسان کي اک پٽڻ گهرجي، قومي اثاثا صرف رياست، حڪومت ۽ عوام جا هوندا آهن، اقتداري پارٽي جو اهو ڪڏهن به ڪم نه هوندو آهي ته عوام جي ملڪيت لٽي ڦري پنهنجو گهر ڀري. هي صرف بدعنواني جي زمري ۾ اچي ٿو. جڏهن قومي ملڪيتون ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿي وينديون ته پوءِ حڪمراني به صرف هڪ ئي فرد جي قائم ٿيندي جنهن وٽ پيسه، زمينون، فيڪٽريون، ڪاروبار هوندو. هن صورتحال ۾ سنڌ بادشاهت واري دور ڏانهن هلي ويندي تنهن ڪري سنڌ کي ٻيون سڀ ايجنڊائون ڇڏي ان طرف ڌيا ن ڏيڻ گهرجي، ان کانسواءِ اسان جو سنڌي ماڻهو ووٽ ڏئي گهر سمهي ٿو پوي، هو اهو نٿو سوچي ته ان جنهن کي ووٽ ڏنو آهي اهو عوام جي مفاد لاءِ ڪهڙا ڪم ڪري ٿو ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪاردگي ڇا آهي؟ اسان کي ووٽ سان گڏ احتساب به ڪرڻ گهرجي، ووٽ همدردين، ذاتي واسطن، اثر رسوخ وغيره بجاءِ نج ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏيڻ گهرجي
 
Back
Top