سنڌ جي قديم آثارن جو ڪو والي وارث ٿيندو؟

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر رخمان گل پالاري

    ڪراچي ڪوهستان ۾ ديهه ڪوتڪر، ديهه لنگهيجي، ديهه ڪاٺوڙ، ديهه ٻولهاڙي ۽ ديهه حدر واهه جون زمينون هڪ پرائيويٽ بلڊرز ”بحريا ٽائون“ کي الاٽ ڪيون ويون آهن، جتي تيزيءَ سان اڏاوتي ڪم جاري آهي. اهو علائقو جابلو سلسلو آهي، جتي جبلن، نديون ۽ ڍورا آهن. انهن ندين ۽ پهاڙن ۾ اڻ ڳڻيا قديم آثار موجود آهن، جن تي بدر ابڙي، مرحوم انور پيرزادي، ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري، ذوالفقار ڪلهوڙي ۽ گل حسن ڪلمتي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اهي لکڻيون مختلف ڪتابن ۽ مضمونن ۾ موجود آهن.

    سنڌ جي ثقافت ۽ آثارن واري کاتي پاران 1991ع ۾ بدر ابڙي ۽ مرحوم انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ انهن ماڳن مان ڪجهه ماڳن جو سروي پڻ ڪيو ويو هو. کاتي پاران انهن آثارن جي فوٽوگرافي ۽ وڊيوگرافي پڻ ڪئي وئي هئي، پر ڳالهه سروي کان اڳتي وڌي نه سگهي.

    سرڪاري يا خانگي ادارن کي زمين الاٽ ڪرڻ وقت اهڙن قديم ماڳن، قديم قبرستان ۽ گسن کي بچائڻ ۽ الاٽ نه ڪرڻ جا قانوني طور ذميدار آهن، ڇاڪاڻ ته قديم آثارن واري ايڪٽ هيٺ اهڙن آثارن کي الاٽ ڪرڻ ڏوهه آهي. بين الاقوامي قانون به اهڙن آثارن جي حفاظت لاءِ موجود آهي، پر هتي ريوينيو کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڄڻ ته ڪو رواج ۽ قانون موجود ئي ڪونهي. اهو سڀ ڪجهه جهونن ماڳن جي ايڪٽ ۽ قانون کان اڻ واقفيت هئڻ ڪري ٿئي ٿو.

    انهيءَ سڄي ايراضيءَ ۾ جيڪو ”بحريا ٽائون“ کي الاٽ ڪيو ويو آهي، هتي ڀٽائيءَ جو تڪيو، للو پڙهه جو قديم ماڳ، چوڪنڊي طرز واريون گهاڙيون قبرون، ٻڌا دؤر جا اُڪر، زرتشي دؤر جون قبرون ۽ آثار، ڪوئيرڙا ڪپ مارڪس (جن کي مقامي ماڻهو اُڪريون يا نيگون چون ٿا)، گوهر بان قديم ماڳ، مهر جبل تي قديم ترين گبر بند، ڪافر ڪوٽ، واهي چاهيءَ جا سَت ۽ عجيب نموني جا کوهه ۽ ٻيا آثار موجود آهن. انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تڪڙا اُپاءَ نه ورتا ويا ته جنهن تيزيءَ سان ڪم هلندڙ آهي ته اهي آثار ڪجهه مهينن جا مهمان هوندا.

    هي علائقا فارس، بغداد، ڪيچ مڪران ۽ هندستان جي وچ ۾ اهم رستن تي هجڻ ڪري هتي پٿر جي دؤر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جا آثار موجود آهن. ان کان اڳ کديجي ۽ اميراڻيءَ جا آثار دلچسپي نه وٺڻ ڪري تباهه ٿئي ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري ثقافت ۽ قديم آثارن واري کاتي کي پنهنجي قومي فرض سان گڏ انهيءَ کاتي جي جيڪا اهم ذميداري آهي، تنهن کي محسوس ڪندي، ملير ضلعي جا اعليٰ عملدار، ريوينيو کاتي سان ملي ٽيم جوڙي، انهن آثارن جو سروي ڪري، انهن کي بلڊرز مافيا واري الاٽمينٽ کان ڌار ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ثقافت کاتو، آثار قديمه جي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي.

    انهن ماڳن مان اهم ماڳ ڀٽائيءَ جو تڪيو آهي، جيڪو نئين ٺهندڙ اسلامڪ يونيورسٽيءَ واري جاءِ تي آهي. يونيورسٽيءَ جي ڊيزائين ۾ تبديلي ڪري، دنيا جي وڏي مفڪر ۽ شاعر جي تڪئي/آستاني کي بچائي سگهجي ٿو. جمع موريو گبول ڳوٺ لڳ خوبصورت چٽساليءَ واريون قبرون ۽ رانڪ موجود آهن، ٿڌي نديءَ جي ڪُرڪئي ڊيم جي اوڀر پاسي به هڪ رانڪ ۾ پنجن گهاڙي قبرن کان سواءِ ڪجهه اهڙيون قبرون رانڪ کان ٻاهر به آهن.

    ڳوٺ نوشهروان گوندر لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ تي انگريزن سان وڙهندڙ ”حاجي نوتڪ“ جي گهاڙي قبر سميت پنج ۽ ٻيون به چوڪنڊيءَ طرز تعمير جون قبرون آهن. هتان ئي هڪ رستو ڪاٺوڙ ڏانهن نڪري ٿو، ٻولهاڙي ڍوري جا پار رستي ڪناري گهاڙي قبرون موجود آهن. رستي سان هڪ هنڌ لنگهيجي نئين کان پهرين هڪ وڏي ميدان ۾ پٿر جون پراڻيون قبرون وڏي انگ ۾ موجود آهن.

    اهڙو هڪ قبرستان ”ميلي وارو قبرستان“، عثمان بلوچ جي ٻنيءَ لڳ موجود آهي، جتي ميلي جي قبرستان کان سواءِ 50 کان مٿي پٿر واريون قبرون موجود آهن، جيڪي انتهائي قديم آهن. ڪُرڪئي ۽ دري لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ تي به هڪ اهڙو ئي قديم قبرستان آهي. ميلي واري قبرستان (ديهه ٻولهاڙي) لڳ هڪ جابلو چوٽيءَ هيٺ ئي ڪپ مارڪس (اُکريون) موجود آهن، جيڪي ذوالفقار ڪلهوڙي موجب پاڪستان ۾ ملندڙ ڪپ مارڪس ۾ سڀ کان اونهيون آهن، جيڪو سنڌ لاءِ هڪ اعزاز آهي. انهن سان لڳ بُٺي جي زرتشي دؤر جي آگياري (آتش ڪده) جا آثار ۽ ڊگهن پٿرن جو هڪ سرڪل موجود آهي. انهن سرڪلن تي دنيا ۾ آثار قديمه جا ماهر ۽ کاتا وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهيا آهن.

    ٿڌي نئين جي ڪپ تي ڊيم لڳ هڪ وڏي ايراضيءَ تي وڏن پٿرن تي ٻڌا دؤر جا ۽ ٻُڌ مذهب جا مذهبي اهڃاڻ اُڪريل آهن، جن ۾ ٻڌا جون چاڪڙيون، ڪنول گل، اسٽوپا ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا اُڪر موجود آهن. امڙا اُڪر ٿڌي نئين جي ڪپ تي مشواڻي فقيرن جي ڳوٺ لڳ به موجود آهن. ڳوٺ علي محمد گبول لڳ سخت پٿر تي جُتي جا قديم نشان ۽ پراڻي لکت به آهي.

    جنهن ڪري جهونن آثارن واري کاتي کي گذارش آهي ته هو پنهنجي ذميداري ۽ قومي فرض سمجهي، انهن آثارن جي بچاءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻي ۽ واسطيدار عملدار ان ڏس ۾ پنهنجو قومي فرض سمجهندي تڪڙا اُپاءَ وٺن، ٻي صورت ۾ اهي آثار تباهه ٿي ويندا. لکپڙهه سان گڏ، انهن جي سروي جو ڪم شروع ڪري ته اهي قديم آثار هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا. سروي سان گڏ انهن آثارن کي خاردار تارن سان واڙ (لوڙهو) ڏئي محفوظ ڪيو وڃي، دير ڪئي وئي ته پوءِ تباهيءَ جا ذميدار اسان سڀ هونداسين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،

هن صفحي کي مشهور ڪريو