عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
سنڌ جي اڄوڪي مڊل ڪلاس مان اڪثريت انهن جي آهي جيڪي رشوت، سفارش، چوري، ڌاڙي ۽ بدمعاشيئن جي عيوض پئسي وارا ٿي شهرن ۾ آباد ٿيا، خورشيد شاه ٽائپ جا ماڻهو انهن بشني ۽ بدڪردار ماڻهن مان آهن جيڪو اڄ سنڌ جو مڊل ڪلاس ۽ اپر مڊل آهي، پر سندن سوچ ۽ عمل اڄ به ساڳيو اهو آهي جيڪو ڳليءَ جي ڪنهن بدمعاش ، لچي ۽ لفنگي جو هوندو آهي.
اگر سندن مائينڊ سيٽ اهو نه هجي ها ته خورشيد شاه جهڙا غليظ ڪردار، سنڌ جي مسڪين ماڻهن کان ووٽ وٺي کين نوڪريون، روزگار، اعلي تعليم، مهارت يا علمي پيشه ورانه ذريعه معاش فراهم ڪرڻ جي جاءِ تي ڇولا وڪڻن جا مشورا نه ڏين ها.
سنڌ جو اڀرندڙ مڊل ڪلاس ۽ نوڪر شاهي جهڙو مطلبي، لالچي، خود غرض ۽ ڪميڻو وري دنيا جي تختي تي ڳولهي به نه لڀندو.
سنڌي ڪامورو، ڪرسي ملڻ کان اڳ سنڌ جو نالو استعمال ڪندو آهي پر جيئن ئي کيس ڪرسي ملندي آهي ته ان جهڙو ظالم، متڪبر، ڪرپٽ، بي حيا، بي غيرت ۽ بي شرم ڪو ڌاريو به شايد نه ٿيندو هجي.
ڪآش!!! اسين سنڌ ۾ ڪا سنڌ دوست، عوام دوست، قومي انقلابي تنظيم جوڙي سگهون ها ته اڄ هي هيڏي بربادي ۽ تباهي ۽ ان کان به وڌيڪ دل ڏاريندڙ هيڏيئن بي عزتيئن، دل آزاريئن، تمسخر ۽ طنزن جا تير سهڻا نه پون ها.